زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيده ميتلو

زبيدہ ميتلو

زبيدہ ميتلو: نامور شاعرہ ۽ ڪهاڻيڪار زبيدہ ميتلو، 31 جولاءِ 1955ع تي قنبر ۾ پير محمد ميتلي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ثانوي تعليم نائين ڪلاس تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهي، مئٽرڪ قنبر هاءِ اسڪول مان ڪيائين. مئٽرڪ بعد گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پڙهڻ وئي، جتي شبنم موتي ۽ ٻين جي ساٿ ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. هن ايم. اي (نفسيات ۽ سوشيالاجي) جي مضمونن ۾ ڪئي. ان کان علاوہ
ٽائيپ رائيٽنگ، اسٽينوگرافي، ڊرائنگ، لائبرري سائنس ۽ ڪمپيوٽر وغيرہ جا ڪورس بہ ڪيائين.
زبيدہ ميتلو ’چائيلڊ اينڊ سوشل سائيڪالاجي‘ عنوان تي ايم. فل جو مقالو لکيو. هن نيپال مان 1990ع ۾ ايڊمنسٽريٽو ٽريننگ بہ ڪئي. زبيدہ ميتلو جو شمار سنڌ جي بھترين شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. هوءَ تعليمي ماهر ۽ استاد بہ آهي. هن نوڪريءَ جي شروعات 1982ع ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، زونل آفيس حيدرآباد کان ڪئي. 1983ع ۾ ڪميشن پاس ڪري سائيڪالاجيءَ ۾ ليڪچرر طور ’ابن رشد گرلس ڊگري ڪاليج ميرپور خاص‘ ۾ مقرر ٿي ۽ 1984ع ۾ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آئي. 1985ع کان 1988ع تائين هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ بہ ڪم ڪيو. 1992-1988ع دوران مهراڻ يونيورسٽي ’پبلڪ اسڪول ڄامشوري‘ ۾ پرنسپال ٿي رهي. 1993-1992ع دوران هن مهراڻ يونيورسٽيءَ جي لائبرري ۾ لائبريرين طور ذميواريون نڀايون. 1995ع کان وٺي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ’ڊرينيج اينڊ اريگيشن انسٽيٽيوٽ‘ ۾ ايڊمن آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي.
زبيدہ ميتلو لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن سڀ کان اڳ ۾ ڪهاڻيون لکيون.کيس مصوريءَ سان پڻ لڳاءُ هو. هن باقاعدي مصوريءَ جي شروعات 2001ع کان ڪئي. هن 88-1986ع دوران ’عبرت، مئگزين‘ ۾ مستقل ڪالم لکيا. 12 کن ڪهاڻيون بہ لکيون اٿس. هوءَ انٽرنيٽ تي رسالن ۾ مضمون لکندي رهندي آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏات ڏوهاري‘ 2001ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن تي کيس ’اڪيڊمي ادبيات‘ سال جي بھترين ڪتاب جو انعام ڏنو. ’پاڪستان سائيڪالاجيڪل ائسوسيئيشن اسلام آباد‘ سان (90-1980ع) بہ وابستہ رهي آهي. هن نيپال ۽ انگلينڊ جا دورا بہ ڪيا آهن.


لفظ زبيدہ ميتلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.07.31  عيسوي

نامور شاعره ۽ ڪهاڻيڪار زبيده ميتلو، 31 جولاءِ 1955ع تي قنبر ۾ پير محمد ميتلي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
گل محمد رند
علي گل سانگي
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
اطهر منگي
حسين شاھہ شرف
بشير منگي
ڀڳت ڪبير
زاهد شيخ
پيرزادو رحمت ﷲ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون