زبيده گهانگهرو

زبيده گهانگهرو

زبيدہ گهانگهرو

زبيدہ گهانگهرو: سماج سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ زبيدہ گهانگهرو، محرابپور، تعلقي ڪنڊياري ۾ هاري حقدار تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر ۾ جنم ورتو. شھيد نذير عباسي جي گهر واري حميدہ گهانگهرو سندس ڀيڻ آهي. هن جو والد سرگرم ۽ جاکوڙي ڪارڪن هو، جنهن جا ننڍپڻ کان مٿس گهرا اثر پيا. ان وقت ۾ سندن خاندان ۾ نياڻين کي پڙهائڻ جو رواج بلڪل ڪو نہ هو. سندن والد اهڙين ڪنين رسمن کي ٽوڙيندي پنھنجي چئن پٽن سان گڏ پنھنجي ستن نياڻين کي پڻ تعليم جي زيور سان سينگارڻ لاءِ اسڪول ۾ ڇڏيو. جنهن سبب سندس خاندان وارا ناراض ٿي منهن مٽائي ويا. هن جي والد انهن جي پرواھہ نہ ڪندي نياڻين کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. هن پنهنجن ڀينرن سان گڏ محرابپور جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙهڻ بعد بوائز هاءِ اسڪول محرابپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جو والد پنھنجي ستن نياڻين ۽ چئن پٽن کي ساڻ ڪري ڳاڙها جهنڊا هٿن ۾ ڏئي ڳوٺ ٻاهران چڪر هڻائي ۽ شھر ۾ گشت ڪرائي هارين جي حقن لاءِ نعرا هڻائيندو هو. هاءِ اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائي. ان مقصد لاءِ ريلي ڪڍڻ تي زبيدہ پنھنجي ڀيڻ حميدہ ۽ والد سان گڏ گرفتار ٿي ۽ کين 2 ڏينهن تائين ڪنڊيارو ٿاڻي تي رکيو ويو، جنهن بعد هن ۽ سندس ڀيڻ کي 21 ڏينهن لاءِ سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو، پر جيل انتظاميہ کين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد کين نارا جيل حيدرآباد موڪليو، جتي 21 ڏينهن تائين قيد ۾ رهيون. ان دوران عدالت ۾ معافي نامي تي صحي ڪرڻ لاءِ مٿن گهڻو دٻاءُ وڌو ويو، پر هنن معافي نامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ٻئي ڀينرون ضمانت تي آزاد ٿيون. پوءِ تعليم کاتي سندن تحريڪ جي دٻاءُ ۾ اچي محرابپور بجاءِ ڪنڊياري ۾ ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو هنن قبول ڪيو. اڳتي هلي هي پنھنجي ڀيڻ حميدہ سان گڏ حيدرآباد ۾ پنھنجي والد جي دوست ۽ تنظيم جي اڳواڻ عارب ملاح جي گهر ۾ رهي پڙهڻ لڳي. ان وقت سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن تمام گهڻي سرگرم هئي، جنهن جو ان وقت سربراھہ شھيد نذير عباسي هو. هي ٻئي ڀينرون حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ قائم ايس. ايف. ايف جي آفيس ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪنديون هيون ۽ تنظيم جون سرگرم ميمبر بڻجي ڪم ڪرڻ لڳيون.
ڪجهہ عرصي بعد جڏهن حميدہ جي نذير عباسي سان شادي ٿي تڏهن هي حيدرآباد ڇڏي سکر وئي، جتي پرائمري استاد طور مقرر ٿي. نوڪري دوران عام ڀلائي جي ڪمن ۾ سرگرم رهي. خاص طور تي عورتن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو اٿس. ان کانسواءِ استادن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ.ٽ.الف) سان لاڳاپيل آهي. هن وقت پ.ٽ.الف سکر سٽي جي نائب صدر آهي ۽ سکر جي غريب آباد محلي جي پرائمري اسڪول ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو