زبيررضي الله عنه

زبيررضي الله عنه : حضرت زبيررضي الله عنه بيبي صفيه ضي الله عنها جو فرزند، حضرت امير حمزه ضي الله عنه جو ڀاڻيجو ۽ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن جو پڦاٽ هو. هي سورهن سالن جو هو تہ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن نبوت جو اعلان ڪيو. هن اعلان نبوت جي شروع واري زماني ۾ ئي اسلام قبولي ورتو ۽ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم تي ايمان آندو. حضرت زبيررضه کي حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم سان بيحد محبت هوندي هئي. سندس غمخواري، محبت ۽ دليريءَ جو هيءُ واقعو حضرت سعيد بن المسيب رضي الله عنه کان روايت ٿيل آهي تہ: ”جنهن پهرئين شخص ﷲ تعاليٰ جي راھہ ۾ تلوار مياڻ مان ڪڍي هئي، سو حضرت زبير بن الاعوام رضي الله عنه هو. هي اهو غازي ۽ بي ڊپو مرد مجاهد هو، جنهن جي تلوار ﷲ تعاليٰ ۽ سندس رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي نالي ۽ ناموس جي حفاظت خاطر ياڻ مان ٻاهر نڪتي. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن مڪي شھر ۾ چؤٻول پئجي ويو تہ: ”حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي قريشن شھيد ڪيو آهي“. تڏهن اها خبر ٻڌي حضرت زبير تلوار مياڻ مان ڪڍي جوش سان قريشن ڏانهن وڌڻ لڳو تہ پٺيان پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن اچي پهتا ۽ فرمايائونس تہ اي زبير! ايترو جوش ۽ جذبات ۾ ڇو؟ حضرت زبير رضي الله عنه جي جيئن حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم تي نظر پئي تہ بيحد سرهو ٿيو ۽ شڪر الحمدلله چئي عرض ڪيائين تہ قربان وڃان مون ٻڌو اوهان کي قريشن شھيد ڪيو آهي، جنهن سبب آءٌ بي تاب ٿي جوش مان تلوار ڪڍي قريشن ڏانهن ٿي ويس. پاڻ سڳورنصه کانئس پڇيو تہ تنهنجو ارادو ڪهڙو هو؟ عرض ڪيائين تہ مڪي وارن سان مقابلو ڪري کين سخت عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو. (الطبراني والحاڪم) پاڻ سڳورن سندس جذبي کان متاثر ٿي کيس چيو تہ: ” ﷲ تعاليٰ اوهان کي خوش ۽ آباد رکندو ۽ انهيءَ صدق ۽ محبت جو اجورو ڏيندو.“ حضرت زبيررضه احد جي جنگ ۾ دشمنن سان نهايت دليريءَ سان وڙهيو ۽ حضور اڪرم صلي ﷲ وسلم جن جي حفاظت ڪيائين. خندق واري جنگ ۾ حضرت زبيررضي الله عنه پنهنجا جوهر ڏيکاريندي نوفل بن عبدالله بن عفيره مخزومئي کي تلوار جي هڪ ئي وار سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ زبيررضي الله عنه نهايت امانتدار ۽ ديانتدار هو. کيس جنگ جمل ۾ عمرو بن جرموز ڌوڪي سان نماز ۾ شھيد ڪيو. شهادت وقت سندس عمر 67 سال هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو