
زحل
زحل (Saturn): شمسي نظام جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو گرھہ ’زحــل‘ آهي. هن ئي گرھہ جي چوڌاري ڇلن (Rings) جو سلسلو آهي. فلڪياتي ماهرن موجب دوربين کانسواءِ نهاربو تہ زحل پيلي رنگ جي هڪ وڏي تاري وانگر نظر ايندو. زحل، يورينئس ۽ مشتريءَ جي وچ ۾ واقع پنھنجي دائري ۾سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. زحل کي ڏھہ چنڊ آهن. سائنسدانن موجب پراڻي زماني ۾ هي يارهون چنڊ هو، جيڪو شايد ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو ۽ ان مان نڪتل دز زحل جي چوڌاري ڇلا ٺاهي ڇڏيا. هنن چنڊن مان زحل کي ويجهي ۾ ويجهو چنڊ ’جانس‘ (Jauns) آهي، جيڪو گرھہ جي مرڪز کان فقط 98 هزار ميل پري آهي.
زحل ڌرتيءَ کان گهڻو وڏو آهي ۽ ان جي مٿاڇري جي ايراضيءَ ڌرتيءَ کان 80 دفعا وڌيڪ آهي، زحل تمام هلڪي مادي جو ٺهيل آهي ان ڪري ڌرتي هن کان اٺوڻي وڌيڪ گهاٽي ۽ ڳؤري آهي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ زحل کي پاڻيءَ ۾ اڇلائجي تہ اهو ترڻ لڳندو. اڃا تائين پڪ نہ ٿي سگهي آهي تہ زحل ڪهڙي مادي جو ٺهيل آهي؟ ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ زحل جو ڳڀ پٿر ۽ ڌاتوءَ جو ٺهيل آهي ۽ ان جي ٻاهران ڪيترا هزار ميل اونهو برف جو تھہ چڙهيل آهي. هن نهري گرھہ کي پنھنجي فضا آهي، جيڪا زهريلين گئسن جي پيداوار آهي.
زحل سج کان ايترو تہ پري آهي، جو ان کي سج جي چوڌاري هڪ چڪر پوري ڪرڻ ۾ ساڍا 24 زميني سال لڳي ٿا وڃن، پر جيئن تہ زحل پنھنجي محور جي چوڌاري ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻيءَ کان بہ وڌيڪ رفتار سان ڦري ٿو، انڪري ان جو ڏينهن فقط ساڍن ڏهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. اندازو آهي تہ زحل تي ڪا بہ زندگي نہ آهي، ڇا ڪاڻ تہ ان جي ٿڌ يا گرميءَ جو درجو تمام گهڻو آهي. ”گئليلو“ پهريون سائنسدان هو، جنهن زحل جي مخصوص شڪل بابت ٻڌايو هو. ان کان پوءِ جلد ئي علم فلڪيات جي ٻين ماهرن پتو لڳايو تہ هن گرھہ جي چوڌاري ڇلا موجود آهن. زحل جي چوڌاري ٽي ڌار ڌار ڇلا آهن: ٻاهريون ڇلو، اندريون ڇلو ۽ ڪريپ ڇلو (Crepe ring)، جيڪو گرھہ کي ويجهي ۾ ويجهو آهي. ڪنارين کان ڏسڻ سان معلوم ٿيندو تہ اهي ڇلا تمام سنهڙين ٿالهين وانگر نظر ايندا، جيڪي 1700000 ميل اونها ۽ 10 کان 40 ميلن تائين آرپار آهن. ڇلا پٿر جي ڪروڙن ننڍڙن ٽڪرن جا ٺهيل آهن. سندن چمڪ ان ڪري آهي، جو اهي سفيد رنگ جي ڌنڌ سان ڍڪيل آهن ۽ اهو ڌنڌ سج جي روشني موٽائي ٿو. ڪن بہ ٻن ڇلن جي وچ ۾ جيڪو خال آهي، ان ۾ ڪو بہ مادو نہ آهي. اندرئين ۽ ٻاهرئين ڇلي جي وچ ۾ موجود خال کي ’ڪئسيني‘ (Cassini) خال چئبو آهي، جيڪو اٽڪل ٽي هزار ميل ويڪرو آهي.