زخائو ايڊورڊ

زخائو، ايڊورڊ: مشرقي علمن ۽ ٻولين جو ممتاز انگريز عالم ايڊورڊ زخائو 1845ع ڌاري ڄائو. هن مشرقيات جي شعبن ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. هن جواليقي جي ڪتاب ’المعرب من الڪلام الاعجمي‘ کي ترتيب ڏنو ۽ ان تي مفيد حاشيا لکيا، جنهن تي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي. ان کان پوءِ هو 1869ع ۾ ويانا جي يونيورسٽيءَ ۾ عربي ٻوليءَ جو استاد مقرر ٿيو. 1876ع ۾ جڏهن برلن ۾ ’مدرسه السنه اشرقيه‘ شروع ٿيو ته ان جي اڳواڻي زخائوءَ جي حوالي ٿي. زخائو جو وڏو ڪم اهو هو، جو هن البيرونيءَ جي ڪتابن: ”ڪتاب الهند“ (جنهن ۾ هند ۽ سنڌ بابت تمام اهم ڄاڻ آهي) ۽ ”الاثار الباقيه عن قرون الخاليه“ جا عربي متن شايع ڪيا ۽ انهن جا انگريزي ۾ ترجما به تيار ڪيا. زخائو محمد بن سعد (ڪاتب الواقدي) جي ڪتاب ’الطبقات الڪبير‘ کي شايع ڪيو، ان ڪم ۾ کيس ڪجهه ٻين عالمن فاضلن جي به مدد حاصل هئي. هي ڪتاب سيرت نبوي (صلي الله عليه وسلم)، صحابه ڪرام ۽ تابعين ڪرام جي حالات بابت هڪ قديم ماخذ جي حيثيت سان وڏي اهميت وارو آهي. هن 1930ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو