زرتشت مت جي باني ۽ مبلغ زرشت جي خيالي تصوير
زرتشت/زردشت: ايران جي قديم پيغمبر ۽ زرتشت مت جي باني زرتشت/زردشت (Zoroaster) جو دور 628 ق. م کان 551 ق. م ڄاڻايل آهي. جڏهن ته دور بابت متضاد حوالا به ملن ٿا. انڪارٽا انسائيڪلو پيڊيا ۾ ڪجهه محققن جي درج ٿيل يقيني راءِ مطابق زرتشت جو دؤر 1500 ق. م يا 1400کان 1200 ق. م جي وچ وارو دور آهي. ساڳيءَ ريت انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ فارسي روايتن مطابق زرتشت جي حياتيءَ جو دور 1400 کان 1200 ق. م ڄاڻايل آهي جڏهن ته انسائيڪلو پيڊيا آف ورلڊ ريليجن جي چوڏهين جلد ۾ بيان ڪيل ماهرن جي راءِ مطابق زرتشت جو دؤر 1500 کان 1000 ق. م ٻڌايو ويو آهي. ڪجهه پهلوي زبان جا اديب زرتشت کي 800 ق. م جو ٻڌائين ٿا، ملر (Millar) 900-800 ق. م دنڪي (Dunki) ۽ دستور جي صاحب 1000 ق. م گيلڊنر 14 صدي ق. م آغا پوري دائود 8 صدي ق. م سندس زمانو ڪَٿي ٿو. زرتشت جي دؤر جي حوالي سان هڪ عام راءِ اها به آهي ته سندس زمانو مشهور ڏاهي افلاطون کان پهرين جو رهيو آهي. پر انسائيڪلو پيڊيا ايرانا موجب زرشت، سڪندر اعظم مقدونيءَ کان 255 سال اڳ جو هو، جنهن جو مطلب ٿيو ته 585 ق.م ۾ زرتشت حيات هو. زرتشت جي زندگي متعلق روايتن کانسواءِ ڪو به خاص مستند مواد نٿو ملي.مذهبي ماهرن زرتشت جي باري ۾ جيڪو به مواد هٿ ڪيو آهي اهو مذهبي ڪتاب ’اوستا‘ جي گاٿائن ۽ ڀڄنن مان اخذ ڪيو ويو آهي، جيڪو خود زرتشت جو تحرير ڪيل ڪتاب آهي. ان ڪتاب ”اوستا“ موجب زرتشت جي ماءُ جو نالو ’دغدا‘
(Dughda) ۽ پـيءُ جـو نـالو پورو شاسپ (Pourushasp) هــو ۽ سـنـدن تـعلـق اسـپيتاما (Spitama) قبيلي سان هو. زرتشت جو جنم دراجا درياهه
(Daraja River) جي ڪناري ڀرسان (هي درياهه سيوالان جبلن کان وهي موجوده آذر بائيجان کي سيراب ڪري آراس ندي سان ملي ٿو). سندس ماءُ دگدا (Dughda) اصــل ۾ راگــها (Ragha) قبيلي جــي اصــل ميديا جي ويٺل هئي، ڪن عالمن جو خيال آهــي ته زرتــشـت اصـل اوڀر ايران جي باخته شهر ۾ ڄائو. سر جي. جي مودي (J.J. Modi) جنهن زردشت جو گهرو مطالعو ڪندي سندس ڄمڻ جي جاءِ واري هنڌ جو به مطالعو ڪيو اهو لکي ٿو ته پاڻ اموي يا اموئي نالي شهر ۾ پيدا ٿيو جيڪو آذر بائيجان جي ضلعي ارومياهه ۾ آهي. (ڏسو: Ancient Persia and Parsis by Jahangir Sanjana).
زرتشتي ڪئلينڊر موجب هن جو جنم سندس پهرئين مهيني فروردن (Farrordin) (مارچ-اپريل) جي ڇهين ڏينهن ٿيو، ان ڏينهن کي زرتشتي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهن. زرتشت، دنياوي مذهبن جي تاريخ ۾ ٻن سببن جي ڪري توجهه جو مرڪز رهيو. هڪ طرف هيءَ هڪ افسانوي شخصيت بڻجي ويو، جنهن جو تعلق اوڀر ۽ هيلينيائي دور 308 کان 300 ق. م دوران ڀونوچ (Mediterranean) جي جادوئي رسمن ۽ عقيدن سان تمام گهرو هو. ٻئي طرف هن خدا جي وحداني تصور جي تبليغ ذريعي مذهب جي جديد مؤرخن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. جن زرتشت جي نظرين ذريعي يهوديت ۽ عيسائيت جي وچ ۾ بنيادي عقيدي جو ڳانڍاپو قائم ڪيو. زرتشت جو تعلق گهوڙيسوارن (هسوارن) جي هڪ گهراڻي سان هو ۽ ڪن روايتن موجب سندس پيدائش تهران جي هڪ وستي ’رَي‘ ۾ ٿي.
زرتشت اهورمزدا يعني ’داناءُ آقا‘ جي طرفان الهام حاصل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پاڻ کي حق ۽ صداقت جو پيغمبر سڏائڻ شروع ڪيو. ابتداء ۾ ايران جي حاڪمن ۽ رعايا پاران سندس تمام گهڻي مخالفت ڪئي وئي، جنهن جو بنيادي سبب هن جي الهامي صداقت تي مڪمل يقين رکڻ باوجود قديم ڪثرت پرستي واري پارسي مذهب تي ايمان قائم رکڻ هو.
اوستا ۾ سندس بيان موجب: ابتدا ۾ ٻن روحن جو ميلاپ ٿيو، جن کي ’زندگي يا غير زندگي‘ کي اپنائڻ جو اختيار حاصل هو. اهورمزدا طرفان مليل ان اختيار جي نتيجي ۾ خير ۽ شر جي اصول جو جنم ٿيو. حق ۽ انصاف جي سلطنت جو تعلق خير ۽ ڪوڙ جي سلطنت جو تعلق شر سان آهي تنهنڪري وحدانيت جو تصور اخلاقي ثنويت تي غالب آهي، ڇاڪاڻ ته اهور مزدا ٻنهي روحن (خير ۽ شر) جو پيءُ آهي، جيڪو پنهنجي خوبين ۽ سچائيءَ سان شر جو خاتمو آڻيندو. ڪائناتي ۽ اخلاقي دوئي جي خاتمي جي پرچار تي مبني هي پيغام زرتشت جي مرڪزي مذهبي اصلاح معلوم ٿئي ٿو.
زرتشت، پنهنجي تعليمات ۾ ظاهري دنيا لاءِ اختتامي دور جو اعلان پڻ ڪيو. سندس بيان موجب ’تخليق جو آخري موڙ‘ جنهن مطابق آخري دؤر ۾ اهرمن (شيطاني قوت ۽ براين) جو خاتمو ٿيندو ۽ دنيا تي صرف نيڪ انسان آباد ٿيندا. هن ڪيترين ئي قومن ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪئي، مقدس باهيون روشن ڪيون ۽ هڪ مقدس جنگ به وڙهيو. کيس پنڊتن، جنگي ماهرن ۽ هارين لاءِ هڪ مثال سان گڏ ماهر هنرمند ۽ نجات ڏياريندڙ طور ڏٺو وڃي ٿو. اهي گاٿائون سڀ جون سڀ زردشت جون چـيـل ڪـو نه آهن پر پويان ايندڙن به ان ۾ اضافا ڪيا آهن جن ۾ فرشوشتار (Farshoshtar) جماسپ (Jamasp) ۽ سائينا (Saena) مشهور آهن. گاٿائن ۾ هن وقت ڪي 17 ڀڄن بچيا آهن هر ڀڄن ۾ 238 بيت آهن هر بيت ۾ ٽن کان پنج سٽون آهن. مغربي ڏاهن سندس تعليمات ۾ گهري دلچسپي ورتي اهو ئي سبب آهي جو سندن فڪر ۾ زرتشت جي تعليم جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ يهوديت ۽ عيسائيت ۾ بدروحن، فرشتن، موت کانپوءِ جي زندگي، جنت ۽ دوزخ متعلق عقيدا زرتشت جي تعليم جي واضح اثرن کي ظاهر ڪن ٿا. زرتشت مت جي هن پيغمبر جي وفات 77 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.