
زرداري سائينداد خان
زرداري، سائينداد خان: رئيس سائينداد خان زرداري 1923ع ڌاري ضلعي نوابشاھہ ۾ علي بخش خان زرداريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان ورتي. پوءِ زمينداريءَ ۾ مشغول ٿي ويو. صدر محمد ايوب جڏهن جمهوريت جو نظام'>بنيادي جمهوريت جو نظام رائج ڪيو تہ سائينداد زرداري بي. ڊي جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ 1965ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل جمال شاھہ جو چيئرمئن رهيو. هن پنھنجي ڳوٺ محمد لائق زرداريءَ
۾ هڪ اسڪول تعمير ڪرايو. ڳوٺ ۾ سائينداد خان جي اوطاق 24 ئي ڪلاڪ کليل رهندي هئي، سادي طبيعت، ملڻهار، سٻاجهو ۽ سخي مرد هو. ننڍي وڏي، امير توڙي غريب سان هڪ جهڙو نوڙت ۽ نياز رکندڙ هڪ مثالي ماڻهو هو. هن 1999ع ۾ وفات ڪئي.