زرغونه

زرغونه: سنڌ تي ڪاھہ ڪندڙ افغانستان جي بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ جي والدہ جو نالو زرغونه هو. احمد شاھہ جي پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. زرغونه جي پٽ احمد شاھہ ابدالي، پوٽي تيمور شاھہ ۽ پڙپوٽي شاھہ شجاع سنڌ کي گهڻو مالي ۽ جاني نقصان رسايو هو. زرغونه وڏي بھادر ۽ دلير عورت هئي. جڏهن نادر شاھہ افشار قتل ٿي ويو، تڏهن احمد شاھہ ابداليءَ پنھنجي ماءُ زرغونه جي چوڻ تي نادر شاھہ افشار جي زال کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي نڪاح ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڄي سلطنت جو بادشاھہ ٿيو. احمد شاھہ ابداليءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا يرغمال ٿيل پٽ واپس سنڌ موڪليا.


لفظ زرغونهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو