زرقا ڪوٽيرو: تؤنگ (تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾) کان ڳوٺ بيلي ٽپ ويندڙ رستي تي اولھہ طرف سڀ کان پهرين اوچي ٽڪريءَ جي ڦوڙن جي ڪنڌين تان لنگهڻ وقت بيلي ٽپ جي رستي جي ساڄي پاسي هڪ ڪوٽيرو نظر اچي ٿو. جيڪو تؤنگ کان 8-10 کن ڪلوميٽر اولھہ ۾ آهي. ڪوٽيري جو در اوڀر طرف ۽ اڻ گهڙيل، پٿري ٽونڪن وارين قبرن جو نمونو اسلامي اصول موجب لڳي ٿو. ان جي اوچائي ۽ ويڪر 5-5 فوٽ ٿيندي، ڪجهہ ئي اڳڀرو هڪ ڪريون ۽ ساڳئي قسم جون قبرون نظر اچن ٿيون، جيڪي زبون حال آهن، ٿي سگهي ٿو اهي بہ اسلامي دور جون قبرون هجن. هن ماڳ کي ’زرقاڻي ڪوٽيرو‘ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو، جو ويجهو ئي هڪ هنڌ زرقاڻيءَ کاڻ مان پٿر ڪڍيو وڃي ٿو.