زرياب

زرياب

زرياب

زرياب (موسيقار): نامور موسيقار زرياب (789-857ع) جو اصل نالو عبدالحسن علي ابن نفي هو. اميه عھد ۾ بغداد ۾ ڄائو. مورخن وٽ زرياب جي اصليت بابت اختلاف راءِ موجود آهي. ڪي چون ٿا تہ هو ايراني هو، ڪي کيس ڪرد تہ ڪي آفريڪي سمجهن ٿا ۽ ڪي کيس نسلاً سنڌي سڏين ٿا. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو 9 صدي هجريءَ ۾ آفريڪي غلام جي حيثيت سان بغداد ۾ هارون الرشيد جي درٻار ۾ پهتو.
لوئي پرونيڪلLouie Pronecal اسپين جو تاريخدان چوي ٿو تہ زرياب هڪ ڏاهو، موسيقي، ۽ سماجي علمن جو ماهر هو، سندس موسيقيءَ ۽ ڏاهپ جو اثر سموري اسپين تي پيو. جرمنيءَ جي تاريخدانن ٽائيٽس ۽ برفارت لکيو آهي تہ زرياب ذهين ۽ عالم موسيقار هو، جنهن جو اثر نہ رڳو اسپين تي رهيو، پر پوري مغربي دنيا سندس اثر هيٺ رهي.
زرياب ابراهيم موصلي ۽ سندس پٽ اسحاق موصليءَ جو شاگرد هو. مگر جڏهن سندس اثر بغداد جي درٻار ۾ وڌڻ لڳو تہ سندس استاد اسحاق موصليءَ کي ڳالھہ نہ آئڙي، جنهن کيس ڪنهن نہ ڪنهن نموني پريشان ڪرڻ شروع ڪيو تہ جيئن هي بغداد ڇڏي وڃي پوءِ هو اسپين جي شھر ڪورڊوبا ۾ اچي رهڻ لڳو ۽ شاهي درٻار سان وابستہ ٿي ويو. ان وقت عبدالرحمان ٻيو تخت نشين هو، جيڪو فن جو وڏو قدردان هو، هن زرياب جو وڏو قدر ڪيو ۽ کيس موسيقيءَ جي هڪ وڏي درسگاھہ کولي ڏني. زرياب کي ڏھہ هزار نغما ياد هوندا هئا. هن ’عود‘ نالي ساز کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو. هن عود جي تارن ۾ گهٽ وڌائي ڪري ان کي تمام آسان ڪيو، جنهن جي موجودہ شڪل ”گٽار“ آهي. چون ٿا تہ هي گٽار کانسواءِ ٻين بہ ڪيترن سازن جو موجد هو. زرياب، راڳي ۽ موسيقار کانسواءِ ڀلو راڌو، سماجي ڪارڪن ۽ نثر نويس بہ هو. يورپ جي موسيقي هن جي مرهون منت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو