زرينه حسين ناريجو

زرينه حسين ناريجو

زرينه حسين ناريجو

زرينه حسين ناريجو: ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪا زرينه حسين ناريجو، نامياري سياستدان حسين بخش ناريجي جي گهرواري آهي، سندس جنم 23 آڪٽوبر 1957ع تي محمد ابراهيم ناريجي جي گهر ۾، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پاڻ گرئجوئيٽ آهي، کيس ننڍپڻ کان ادب سان وڏو لڳاءُ هو. هن ستين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هڪ ڪهاڻي لکي. جيڪا ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي ۽ ان ڪهاڻيءَ کي پهريون نمبر انعام مليو. زرينه ناريجو جا اردو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا ڪالم ڇپجندا رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي انهن چند عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن مردن سان گڏ عملي طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ جاکوڙيو. زرينه ناريجو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر به رهي چڪي آهي. هن عورتن جا ڪيترا مسئلا ميڊيا تي آڻي حل ڪرايا. سندس ڪالم سنڌي ماڻهن جي سورن جا عڪاس آهن. هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ نه رڳو سماج جي خرابين ۽ خامين جي نشاندهي ڪندي رهي آهي، پر انهن جي حل لاءِ پتوڙيندي رهي آهي. سندس هن وقت تائين روزاني ’ڪاوش‘، ’امن‘ (اردو) ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم شايع ٿيندا رهيا آهن. زرينه ناريجو سائوٿ ايسٽ ايشيا تنظيم (آسا) جي وفد کي ٿر جو دورو ڪرائي، کين ٿري ماڻهن جي مسئلن جي آگاهي ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.


لفظ زرينه حسين ناريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.10.23  عيسوي

ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪا زرينه حسين ناريجو، نامياري سياستدان حسين بخش ناريجي جي گهرواري آهي، سندس جنم 23 آڪٽوبر 1957ع تي محمد ابراهيم ناريجي جي گهر ۾، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشعري
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
جشن واسواڻي دادا
سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
سرائي علي گوهر خان
عاليه چنا
ڌڻي بخش مهر مولانا
راجا ظفرالحق
جعفر طيار عليه السّلام
رضوان واسطي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون