زري بند: سارونا ماٿري (بلوچستان) جي ڳوٺ محمد دينا زري لڳ موليرو جبل سان هي گبر بند موجود آهي. هي گبر بند شور کان اوڀر پاسي کرڊگار ڏانهن ويندي، وڏي ميداني علائقي ۾، موليدي جبل جي پاڙ ۾ واقع آهي. هيءُ بند ايترو اوچو ناهي. هونئن نين تي ٻڌل بند اوچا ٿين ٿا، جو انهن تي پاڻيءَ جي وهڪري جو زور رهي ٿو. هن وقت هن بند جي اوچائي رڳو هڪ فٽ آهي. بند جي ٻنهي پاسن کان پٿر جي اوساري ٿيل آهي. هن بند جي ويڪر 9.5 فوٽ ۽ ڊيگهہ 70 فوٽ آهي. ممڪن آهي تہ ڪنهن زماني ۾ اها ڊيگهہ گهڻي هجي ۽ ٻن ٽن هزار سالن جي وقت، انهيءَ ڊيگهہ کي گهٽائي ڇڏيو هجي. هن بند جي اوڀر ۾ ڇپر جبل، اتر ۾ چوچ جبل، ويجهو محمد دينا زري ڳوٺ آهي. هن قسم جا بند سنڌ توڙي بلوچستان ۾ برساتي نين جي پاڻيءَ کي روڪي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا. (وڌيڪ ڏسو ’گبربند‘).