زعفران
زعفران (Saffron): زعفران جي ٻوٽيءَ کي سنڌيءَ ۾ جافران ۽ ڪيسر، انگريزيءَ ۾ Saffron ۽ لاطينيءَ ۾ Crocus Sativus چيو ويندو آهي. هن ٻوٽيءَ جو اصلي وطن فرانس ۽ اسپين آهي. ان کانسواءِ ڪشمير ۽ ايران ۾ به ڪاميابيءَ سان پوکي وڃي ٿي. حڪيم هن مان مختلف بيمارين جھڙوڪ دل جي بيمارين، ماليخوليا، ٽائفائيڊ، جگر جي بيمارين ۽ پيشاب جي رڪاوٽ دور ڪرڻ جون دوائون ٺاهيندا آهن. هن جو رنگ ڪرمچي آهي ۽ ڪيترن کاڌن ۾ رنگ ۽ خوشبو طور استعمال ٿئي ٿي، جن ۾ پلاءَ، چاشني ۽ ميون جي رس وغيره اچي وڃن ٿا.
ايران ۾ زعفران کي وڏي اهميت حاصل آهي. ويم کانپوءِ عورت کي طبيب، زعفران پياريندا آهن، جنهن سان سُورن ۾ گھٽتائي ٿئي ٿي. اکين جي سوزاڪ جي صورت ۾ ليمي جي رس ملائي وجهڻ سان فرحت ملي ٿي. زعفران جي هڪ لک گلن مان صرف هڪ ڪلوگرام زعفران جو پائوڊر يا ٻورو نڪري ٿو. عرب ملڪن ۾ امير عورتون ڀرون ۽ ننهن کي زعفراني رنگ هڻن ٿيون. زعفران کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ گل ’ڪيسر‘ به چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهي ’ٿوم مان جافران ٿيڻ‘ جڏهن ڪو معمولي شخص وڏائي ڪندو آهي ته ان لاءِ چئبو آهي.