زلزال سورة

زلزال سورة: قرآن مجيد جي نمبر 99 سورة، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ اٺ آيتون آهن. هن جي نازل ٿيڻ واري هنڌ بابت اختلاف آهي. ابن مسعودرضه، عطاء، جابر ۽ مجاهد هن کي مڪي سورت چون ٿا، پر قتاده ۽ مقاتل وٽ هيءَ سورة مدني آهي. حضرت ابن عباسرضه ۽ هڪ ٻيو قول هن سورة جي مدني هجڻ جي تائيد ڪري ٿو. هن سورة جو موضوع موت کانپوءِ ٻي زندگيءَ بابت آهي، جنهن ۾ انسان جا سموران عمل سندس سامهون ايندا، جيڪي ان دنيا جي زندگيءَ ۾ هن ڪيا هوندا. شروع وارين آيتن ۾ چيو ويو آهي تہ موت کانپوءِ وري جيئرو ٿيڻ ڪهڙي طرح ٿيندو ۽ اها زندگي انسان لاءِ ڪيتري حيران ڪندڙ هوندي. اڳتي هلي ٻڌايو ويو آهي تہ انسان هن زمين کي بيجان سمجهي ان تي ڇا ڇا نہ ڪندو رهيو آهي. ان وقت اها تعاليٰ جي حڪم سان ڳالهائڻ لڳندي ۽ سڀ ڪجهہ کولي ٻڌائيندي. آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ انهيءَ ڏينهن انسان پنهنجين قبرن مان ٽولن جي صورت ۾ اٿندا ۽ انهن کي پنهنجا عمل پوريءَ ريت ڏيکاريا ويندا ۽ انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ يا نا انصافي نہ هوندي ۽ هر انسان پنھنجي ننڍڙي مان ننڍڙي چڱائي ۽ برائيءَ جو حساب ڏسي وٺندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو