زمان شاهه ساقي
زمان شاهه ’ساقي‘: ڪافيءَ ۽ غزل جو مشهور شاعر زمان شاهه ولد مرزا شاهه رضوي مهدوي 1890ع ڌاري ٺٽي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا پڻ اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. مشهور بزرگ يوسف مهدوي به سندس خاندان مان ٿي گذريو آهي. زمان شاهه پنهنجي همعصر شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ماڻي. ننڍي عمر ۾ ئي شاعريءَ ڏانهن لاڙو هئس. نامور شاعرن صاحبڏني شاهه، مرتضائي ۽ مرزا قليچ بيگ جي صحبت ۾ اچي قادر الڪلام شاعر بڻجي ويو. هن ڪيترن ئي صنفن جھڙوڪ: غزل- ڪافي، بيت، مولود، مداح، مناقبن، خطبن، جاڳن، سه حرفين، ٽيهه اکرين وغيره تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام ۾ مذهبي رنگ سان گڏ عاشقاڻا ۽ ناصحانه عنوان ملن ٿا. هن علامه اقبال جي ڪتاب ’فريادِ امت‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو سندس وفات کان پوءِ روزاني ’الوحيد‘ ۾ جون 1929ع تي شايع ٿيو هو. سندس لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان هو. سندس شاعري ڪافي مقبول آهي. سندس هڪ ڪافي ’جنهن کي دلڙي ڏنم تنهن کان ڌار ٿيڻ اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي ڙي‘، سنڌ ۾ ڏاڍي مقبول ٿي. زمان شاهه جي شاعري ڪيترن ئي نامور فنڪارن جھڙوڪ، استاد محمد جمن، محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان، روبينه قريشي، عابده پروين وغيره ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هن 38 سالن جي عمر ۾ 16 مئي 1928ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’ديوان ساقي‘ ۽ ’عشق جو چمن‘، پير محمد پياسيءَ سهيڙي شايع ڪرايا آهن.
1928.05.16 عيسوي
ڪافيءَ ۽ غزل جو مشهور شاعر زمان شاهه ولد مرزا شاهه رضوي مهدوي 1890ع ڌاري ٺٽي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن 38 سالن جي عمر ۾ 16 مئي 1928ع ۾ وفات ڪئي.