زمان شاھہ افغان: زمان شاھہ افغانستان جو ظالم حاڪم هو.نادر شاھہ جي ڪاھہ بعد سنڌ دهلي کان جند ڇڏائي افغانستان سان اٽڪي. نادر شاھہ جي قتل ٿيڻ بعد افغانستان ۾ درانين جي حڪومت قائم ٿي، قتل و غارت کان بچڻ لاءِ نادر شاھہ سان ڍل ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو هو، جيڪو ٽالپر حڪمرانن بہ جاري رکيو. احمد شاھہ ابداليءَ کانپوءِ تيمور شاھہ تخت تي ويٺو، جنهن جي دؤر ۾ 1207ھہ/1792ع ۾ شڪارپور ۾ نئون معاهدو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جوهر دار تلوار، هڪ هاٿي سميت روڪ رقم مير فتح علي خان افغان حڪومت کي ڏيڻ قبول ڪيا. سنڌ تي معاهدي تحت 24 لک رپيا بقايا رقم رهي. تيمور شاھہ کانپوءِ زمان شاھہ تخت تي ويٺو، جيڪو وڏو ظالم هو. تخت تي ويهڻ شرط ڏاڍايون شروع ڪري ڏنائين. سنڌ سان ٿيل اڳوڻي عهدنامي موجب ڍل ڏيڻ ۾ دير ٿيڻ تي ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاھہ ڪيائين، پر پٺيان بغاوت ٿيڻ سبب رستي مان واپس موٽي ويو ۽ سنڌ هڪ وڏي نقصان کان بچي وئي. هو افغانستان ۾ پنھنجي خلاف ٿيل بغاوت کي منهن ڏئي نہ سگهيو ۽ کيس تخت ڇڏڻو پيو. هن کانپوءِ سندس ڀاءُ شجاع الملڪ تخت تي ويٺو، جنهن 1218ھہ/1803ع ۾ مير غلام علي خان سان نئون معاهدو ڪري 10 لک رپيا روڪ رقم بقايا مان وصول ڪيا ۽ پنج لک ساليانو ڏيڻ جو معاهدو ٿيو.