زمان شاهه ساقي

زمان شاهه ساقي

زمان شاھہ ساقي

زمان شاھہ ’ساقي‘: ڪافيءَ ۽ غزل جو مشھور شاعر زمان شاھہ ولد مرزا شاھہ رضوي مهدوي 1890ع ڌاري ٺٽي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا پڻ اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. مشھور بزرگ يوسف مهدوي بہ سندس خاندان مان ٿي گذريو آهي. زمان شاھہ پنھنجي همعصر شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ماڻي. ننڍي عمر ۾ ئي شاعريءَ ڏانهن لاڙو هئس. نامور شاعرن صاحبڏني شاھہ، مرتضائي ۽ مرزا قليچ بيگ جي صحبت ۾ اچي قادر الڪلام شاعر بڻجي ويو. هن ڪيترن ئي صنفن جھڙوڪ: غزل- ڪافي، بيت، مولود، مداح، مناقبن، خطبن، جاڳن، سه حرفين، ٽيھہ اکرين وغيرہ تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام ۾ مذهبي رنگ سان گڏ عاشقاڻا ۽ ناصحانه عنوان ملن ٿا. هن علامہ اقبال جي ڪتاب ’فريادِ امت‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو سندس وفات کان پوءِ روزاني ’الوحيد‘ ۾ جون 1929ع تي شايع ٿيو هو. سندس لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان هو. سندس شاعري ڪافي مقبول آهي. سندس هڪ ڪافي ’جنهن کي دلڙي ڏنم تنهن کان ڌار ٿيڻ اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي ڙي‘، سنڌ ۾ ڏاڍي مقبول ٿي. زمان شاھہ جي شاعري ڪيترن ئي نامور فنڪارن جهڙوڪ، استاد محمد جمن، محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان، روبينه قريشي، عابدہ پروين وغيرہ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هن 38 سالن جي عمر ۾ 16 مئي 1928ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ’ديوان ساقي‘ ۽ ’عشق جو چمن‘، پير محمد پياسيءَ سهيڙي شايع ڪرايا آهن.


لفظ زمان شاھہ ساقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.05.16  عيسوي

ڪافيءَ ۽ غزل جو مشهور شاعر زمان شاهه ولد مرزا شاهه رضوي مهدوي 1890ع ڌاري ٺٽي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن 38 سالن جي عمر ۾ 16 مئي 1928ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي دوست عاجز
احمد ملاح مولوي
جبار آزاد منگي
راض محمد خان عاشق
ڇَتو فقير سانگي
فقير محمد سنڌي
سامي چئنراءِ لُنڊ
عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو
خليفو نبي بخش لغاري
اوڌوداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون