زمبابوي (Zimbabwe): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه زمبابوي (Republic of Zimbabwe) آهي ۽ پراڻو نالو ڏکڻ رهوڊيشيا هو. هن ملڪ جو نالو کنڊر ٿي ويل شھر گريٽ زمبابوي ڪمپليڪس جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. هيءُ ملڪ وچ ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي. زمبابوي جي ڪل پکيڙ 390759 ڪلوميٽر (150873 چورس ميل) ۽ آبادي 11 ڪروڙ 27 لک 2 هزار آهي. زمبابوي جي گاديءَ جو هنڌ هراري (Harare) آهي. هتان جي موسم گرم ۽ گهميل رهي ٿي ۽ نومبر کان مارچ تائين هتي برسات پوندي آهي. ان کان اڳ ٽي مهينا سخت گرمي ٿئي ٿي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، شونا ۽ نڊبيلي ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. زمبابوي جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ مڪئي، تماڪ، چانھہ، ڪمند، ڪپھہ، ڪڻڪ، ڪافي، ڪساوا، سورگم، پٽاٽا، ٻج، مڱيرا ۽ نارنگي جا فصل آهن. جڏهن تہ مکيہ صنعتي پيداوار ۾ ڪيميائي شيون، ڪپڙو اُڻڻ، هلڪي مشينري، لوھہ، پتل جون شيون، فوڊ پروسيسنگ، ٽيڪسٽائل، ڀاڻ، جوتا، ڪاغذ، شراب ۽ دوائون ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. زمبابوي جي آزاديءَ جو ڏينهن 18 اپريل 1980ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 25 آگسٽ 1980ع کان آهي.
1980.04.18 عيسوي
زمبابوي جي آزاديءَ جو ڏينهن 18 اپريل 1980ع آهي
1980.08.25 عيسوي
زمبابوي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 25 آگسٽ 1980ع کان آهي.