زمبابوي (Zimbabwe): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه زمبابوي (Republic of Zimbabwe) آهي ۽ پراڻو نالو ڏکڻ رهوڊيشيا هو. هن ملڪ جو نالو کنڊر ٿي ويل شھر گريٽ زمبابوي ڪمپليڪس جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. هيءُ ملڪ وچ ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي. زمبابوي جي ڪل پکيڙ 390759 ڪلوميٽر (150873 چورس ميل) ۽ آبادي 11 ڪروڙ 27 لک 2 هزار آهي. زمبابوي جي گاديءَ جو هنڌ هراري (Harare) آهي. هتان جي موسم گرم ۽ گهميل رهي ٿي ۽ نومبر کان مارچ تائين هتي برسات پوندي آهي. ان کان اڳ ٽي مهينا سخت گرمي ٿئي ٿي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، شونا ۽ نڊبيلي ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. زمبابوي جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ مڪئي، تماڪ، چانھہ، ڪمند، ڪپھہ، ڪڻڪ، ڪافي، ڪساوا، سورگم، پٽاٽا، ٻج، مڱيرا ۽ نارنگي جا فصل آهن. جڏهن تہ مکيہ صنعتي پيداوار ۾ ڪيميائي شيون، ڪپڙو اُڻڻ، هلڪي مشينري، لوھہ، پتل جون شيون، فوڊ پروسيسنگ، ٽيڪسٽائل، ڀاڻ، جوتا، ڪاغذ، شراب ۽ دوائون ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. زمبابوي جي آزاديءَ جو ڏينهن 18 اپريل 1980ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 25 آگسٽ 1980ع کان آهي.