زمر

زمر (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي 39 هين سورة آهي، جيڪا 8 رڪوعن ۽ 75 آيتن تي مشتمل آهي. هيءَ سورت مبارڪه مڪي ۾ حبش واري هجرت کان اڳ ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ حضور ڪريم صلي عليہ وسلم جي دعوت جو اصل مقصد بيان ڪيو ويو آهي تہ انسان صرف تعاليٰ جي بندگي اختيار ڪري. ان کانسواءِ توحيد جي حقانيت ۽ ان کي نہ مڃڻ جي برن نتيجن کي بہ واضح ڪيو ويو آهي. اهل ايمان کي هدايت ڪيل آهي تہ جيڪڏهن جي بندگيءَ لاءِ ڪو هنڌ تنگ ٿئي تہ وسيع دنيا ۾ ٻئي پاسي ڏانهن لڏي وڃڻ گهرجي. نبي ڪريم صلي عليہ وسلم
کي چيو ويو آهي تہ ڪافرن کي واضح طور ٻڌايو تہ سندن ظلم ۽ ستم صراطِ مستقيم يعني سڌي رستي تان کين هٽائي نہ ٿو سگهي.


لفظ زمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو