زميندار (Land Lord): زميندار معنيٰ زمين رکندڙ يا زمين جو مالڪ. زمين جي مالڪ جي مرضي آهي ته هو پنهنجي زمين پاڻ پوکي يا ڪنهن کي پوکڻ لاءِ ڏئي، مقاطعي يا هارپي تي ڏي. گھٽ زمين رکندڙ زميندار گھڻو ڪري پاڻ ئي پنهنجي زمين آباد ڪندا آهن. ڪي زميندار هاريءَ کي مهيني سر پگھار ڏيندا آهن ۽ پيدائش جا مالڪ پاڻ ٿيندا آهن، جنهن ۾ اڪثر هاري، هارپي جي اصولن تي زمين سنڀاليندا آهن. مقاطعي جا شرط دستاويز تي لکت ۾ لاڳو ڪيا وڃن ٿا، هر سال جي رقم اڳواٽ يا وري ڪل رقم اڳواٽ ورتي ويندي آهي. مقاطعي دار ڪوشش ڪري پنهنجا ڪڙمي رکندو. ايرئي جي رقم وصول ڪرڻ جو مڏو کري کنئي تي ڏيڻو هوندو آهي. هارپي ۾ راههَ ٺهڻ تي زميندار حساب ڪتاب ڪندا آهن.
هارپي تي زمين ڏيڻ: سڄي سنڌ ۾ گھڻو رواج زمين هارپي تي ڏيڻ جو آهي. هاري کڻت کڻائيندو ته مجيريءَ جو حصو به پاڻ کڻندو نه ته ڪنهن ٻي موديءَ کي اهو حصو ملندو هو. جيئن هاڻي تقاوي ڏني ٿي وڃي. پر اها زميندار پاڻ ئي ڏئي ٿو. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ زميندار پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. اڳي وانگر هاڻ به زميندار پنهنجي هارين تي پنهنجي مرضي هلائين ٿا. زميندار جي مال جي گاهه پٺي کان وٺي ننڍا وڏا ڪم گھڻو ڪري هاري ڪن ٿا. ٻنيءَ ۽ اوطاق کان وٺي زميندار جي گھر جو ڪم هارين جي حوالي هوندو آهي.
آبادگار: گھٽ زمين رکندڙ کي آبادگار چون. آبادگار پنهنجي زمين پاڻ پوکيندو آهي. داڻابنديءَ موجب ڍل سرڪاري حساب موجب ڏيندو آهي. آبادگار توڙي زميندار گھڻو ڪري وقت جي حساب سان پنهنجي فصل تي نظر رکندي لاپو يعني لائيءَ لاءِ لاهيارا به گھرائيندا آهن. سارين ۽ ڪڻڪ جي مند ۾ ته ڪيترا ڪٽنب لائيءَ لاباري پٺيان ڏورانهن علائقن ڏانهن نڪري پوندا آهن ۽ زميندارن کان لائي تي زمين وٺي فصل لڻندا ۽ گذر سفر ڪندا آهن. سنڌ ۾ زمينداري نظام قديم آهي. سنڌ جا زميندار ۽ آبادگار به زراعت ۾ چڱي ڄاڻ رکن ٿا.