زميندار

زميندار (Land Lord): زميندار معنيٰ زمين رکندڙ يا زمين جو مالڪ. زمين جي مالڪ جي مرضي آهي تہ هو پنھنجي زمين پاڻ پوکي يا ڪنهن کي پوکڻ لاءِ ڏئي، مقاطعي يا هارپي تي ڏي. گهٽ زمين رکندڙ زميندار گهڻو ڪري پاڻ ئي پنھنجي زمين آباد ڪندا آهن. ڪي زميندار هاريءَ کي مهيني سر پگهار ڏيندا آهن ۽ پيدائش جا مالڪ پاڻ ٿيندا آهن، جنهن ۾ اڪثر هاري، هارپي جي اصولن تي زمين سنڀاليندا آهن. مقاطعي جا شرط دستاويز تي لکت ۾ لاڳو ڪيا وڃن ٿا، هر سال جي رقم اڳواٽ يا وري ڪل رقم اڳواٽ ورتي ويندي آهي. مقاطعي دار ڪوشش ڪري پنهنجا ڪڙمي رکندو. ايرئي جي رقم وصول ڪرڻ جو مڏو کري کنئي تي ڏيڻو هوندو آهي. هارپي ۾ راھہَ ٺھڻ تي زميندار حساب ڪتاب ڪندا آهن.
هارپي تي زمين ڏيڻ: سڄي سنڌ ۾ گهڻو رواج زمين هارپي تي ڏيڻ جو آهي. هاري کڻت کڻائيندو تہ مجيريءَ جو حصو بہ پاڻ کڻندو نہ تہ ڪنهن ٻي موديءَ کي اهو حصو ملندو هو. جيئن هاڻي تقاوي ڏني ٿي وڃي. پر اها زميندار پاڻ ئي ڏئي ٿو. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ زميندار پنھنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. اڳي وانگر هاڻ بہ زميندار پنھنجي هارين تي پنھنجي مرضي هلائين ٿا. زميندار جي مال جي گاھہ پٺي کان وٺي ننڍا وڏا ڪم گهڻو ڪري هاري ڪن ٿا. ٻنيءَ ۽ اوطاق کان وٺي زميندار جي گهر جو ڪم هارين جي حوالي هوندو آهي.
آبادگار: گهٽ زمين رکندڙ کي آبادگار چون. آبادگار پنھنجي زمين پاڻ پوکيندو آهي. داڻابنديءَ موجب ڍل سرڪاري حساب موجب ڏيندو آهي. آبادگار توڙي زميندار گهڻو ڪري وقت جي حساب سان پنھنجي فصل تي نظر رکندي لاپو يعني لائيءَ لاءِ لاهيارا بہ گهرائيندا آهن. سارين ۽ ڪڻڪ جي مند ۾ تہ ڪيترا ڪٽنب لائيءَ لاباري پٺيان ڏورانهن علائقن ڏانهن نڪري پوندا آهن ۽ زميندارن کان لائي تي زمين وٺي فصل لڻندا ۽ گذر سفر ڪندا آهن. سنڌ ۾ زمينداري نظام قديم آهي. سنڌ جا زميندار ۽ آبادگار بہ زراعت ۾ چڱي ڄاڻ رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو