زميني کاڌ

زميني کاڌ (Erosion): زميني کاڌ يا کوٽ اهو عمل آهي، جيڪو زمين جي اصل صورت کي بدلائي ناهموار کوٽ پيدا ڪري، ان کي زميني کاڌ چيو وڃي ٿو. اهو عمل هوا، برسات ۽ ٻوڏ ۽ زميني زلزلي جي ڪري بہ ٿئي ٿو. زميني کاڌ خراب موسمن جي ڪري بہ ٿئي ٿي، جيئن خشڪ علائقن يا کليل ميدانن ۾ تيز هوا لڳڻ ڪري مٽيءَ جا ذرڙا هڪ جڳھہ کان ٻي جڳھہ تي پهچن ٿا، جنهن سان هڪ تہ زمين ۾ کوٽ پيدا ٿئي ٿي تہ ٻي جاءِ تي اها مٽي ڀٽ يا ڍڳن جي صورت اختيار ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح درياهن ۽ واهن جو پاڻي بہ ڪنارن واري زمين کي لهرن جي ذريعي کائي ٿو ۽ اها زمين درياھہ جي لپيٽ ۾ اچي ٿي، جنهن کي ’درياھہ خورد زمين‘ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح درياھہ ۽ واھہ بہ زمين جي کاڌ جا سبب بڻجن ٿا. زميني کاڌ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن سان زمين جا اڻ سڌا مٿاڇرا ڀڄي ڀري ميدانن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ان عمل ۾ زميني سطح تي ٽڪريون ڀڄن ڀُرن ٿيون ۽ انهن جا ذرا پائڪ وسيلي سمنڊ ۾ وڃن ٿا ۽ نيٺ نين ٽڪرين جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
زميني کاڌ جا نقصان: زراعت جي ماهرن جي چوڻ موجب زمين ناهموار بڻجڻ ڪري پيداوار ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. پاڻي جو گهڻو زيان ٿئي ٿو. زمين ۾ موجود فائيديمند جيوڙا پڻ هڪ جڳھہ کان ٻي جڳھہ ڏانهن مٽي سان گڏ منتقل ٿيو وڃن. کاڌ جي ڪري زمين جي ايراضيءَ ۾ بہ کوٽ ٿئي ٿي. زمين کي کاڌ کان بچائڻ لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي تہ زمين کي خالي نہ ڇڏيو وڃي، پر ان ۾ ڪو نہ ڪو فصل هئڻ گهرجي. زمين ۾ ضرورت کان وڌيڪ گهڻو هر هلائڻ نہ گهرجي. زمين ۾ اهڙيءَ طرح هر هلائڻ گهرجن، جو پاڻي ڏيڻ وقت زمين ۾ خال نہ ٿين يا وڏيون ڦرتون نہ پئجن. زمين جي چؤطرف ننڍا ٻنا، بند ۽ وڻ هئڻ گهرجن. ان سان مينهن جو پاڻي يا هوائون مٽيءَ جي ذرڙن کي هڪ جڳھہ کان ٻيءَ جڳھہ ڏانهن منتقل نہ ڪري سگهنديون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو