زميني کاڌ

زميني کاڌ (Erosion): زميني کاڌ يا کوٽ اهو عمل آهي، جيڪو زمين جي اصل صورت کي بدلائي ناهموار کوٽ پيدا ڪري، ان کي زميني کاڌ چيو وڃي ٿو. اهو عمل هوا، برسات ۽ ٻوڏ ۽ زميني زلزلي جي ڪري به ٿئي ٿو. زميني کاڌ خراب موسمن جي ڪري به ٿئي ٿي، جيئن خشڪ علائقن يا کليل ميدانن ۾ تيز هوا لڳڻ ڪري مٽيءَ جا ذرڙا هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچن ٿا، جنهن سان هڪ ته زمين ۾ کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ٻي جاءِ تي اها مٽي ڀٽ يا ڍڳن جي صورت اختيار ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح درياهن ۽ واهن جو پاڻي به ڪنارن واري زمين کي لهرن جي ذريعي کائي ٿو ۽ اها زمين درياهه جي لپيٽ ۾ اچي ٿي، جنهن کي ’درياهه خورد زمين‘ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح درياهه ۽ واهه به زمين جي کاڌ جا سبب بڻجن ٿا. زميني کاڌ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن سان زمين جا اڻ سڌا مٿاڇرا ڀڄي ڀري ميدانن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ان عمل ۾ زميني سطح تي ٽڪريون ڀڄن ڀُرن ٿيون ۽ انهن جا ذرا پائڪ وسيلي سمنڊ ۾ وڃن ٿا ۽ نيٺ نين ٽڪرين جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
زميني کاڌ جا نقصان: زراعت جي ماهرن جي چوڻ موجب زمين ناهموار بڻجڻ ڪري پيداوار ۾ گھٽتائي ٿئي ٿي. پاڻي جو گھڻو زيان ٿئي ٿو. زمين ۾ موجود فائيديمند جيوڙا پڻ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن مٽي سان گڏ منتقل ٿيو وڃن. کاڌ جي ڪري زمين جي ايراضيءَ ۾ به کوٽ ٿئي ٿي. زمين کي کاڌ کان بچائڻ لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته زمين کي خالي نه ڇڏيو وڃي، پر ان ۾ ڪو نه ڪو فصل هئڻ گهرجي. زمين ۾ ضرورت کان وڌيڪ گھڻو هر هلائڻ نه گھرجي. زمين ۾ اهڙيءَ طرح هر هلائڻ گھرجن، جو پاڻي ڏيڻ وقت زمين ۾ خال نه ٿين يا وڏيون ڦرتون نه پئجن. زمين جي چؤطرف ننڍا ٻنا، بند ۽ وڻ هئڻ گھرجن. ان سان مينهن جو پاڻي يا هوائون مٽيءَ جي ذرڙن کي هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه ڏانهن منتقل نه ڪري سگھنديون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو