زم زم

زم زم: مڪي شريف جو پاڻي، جنهن کي مسلمان نهايت عقيدت سان پيئندا آهن. هن پاڻيءَ جو کوهه مڪي شريف ۾ ڪعبة الله شريف جي ڏکڻ ۽ اولـهه واري ڪُنـڊ واري پـاسـي (جـتان ڪعبة الله ۾ حجر اسود لڳل آهي) وٽ واقع آهي، جنهن کي بئر (کوهه) اسماعيلعه به چون ٿا. هيءُ کوهه هڪ سئو چاليهه فوٽ اونهو آهي.
زم زم جي لغوي معنيٰ مستند ناهي، پر ڪن دانائن ان جو مطلب ’بيٺل‘ ڪڍيو آهي. ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته هي عربي لـفـظ ’زمـزمـه‘ مـان نڪـتل آهي، جنهـن جـو مطلب آهي ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀـري پاڻـي پيئڻ يا لپ سان پاڻي پيئڻ. اسلامي روايتن مان پتو پوي ٿو ته حضرت ابراهيمعه، الله تعاليٰ جي حڪم سان پنهنجي گهرواري حضرت حـاجــرهعه ۽ پنهنجي کير پياڪ ابهم پُٽ حضرت اسماعيلعه کي عــرب جي ويران پهاڙي علائقي ۾ ڇڏي پاڻ شام طرف موٽي ويو. بيبي حاجرهعه اتي رهڻ لڳي. جڏهن ان جي مشڪ جو پاڻي ۽ کارڪون ختم ٿيون ۽ سندس پٽ اسماعيلعه کي اُڃ لڳي ته بيبي حاجرهعه پاڻيءَ جي ڳولها لاءِ مروه پهاڙين جي وچ ۾ ڊوڙڻ لڳي، مگر کيس ڪٿي به پاڻي نظر نه آيو ۽ حضرت اسماعيلعه اُڃ وگهي کرڙيون هڻي رهيو هو. ستين چڪر بعد جڏهن بيبي حاجرهعه حضرت اسماعيلعه وٽ پهتي ته ان جي پيرن ۾ پاڻي وهندي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ الله تعاليٰ جا شڪر بجا آندائين، جنهن سندس پيئڻ لاءِ ويراني ۾ ٿڌي ۽ صاف پاڻيءَ جو چشمو جاري ڪري ڏنو. اُن کانپوءِ هوءَ ان کي چؤطرف ٻڌڻ لڳي ۽ مصري زبان ۾ چيائين ’زم زم‘ يعني ’بيهه! بيهه!‘ ان ڪري هن چشمي جو نالو ’زم زم‘ مشهور ٿيو. جڏهن بيبي حاجرهعه کي قدرتي پاڻي ملي ويو ته پاڻ اتي اطمينان سان رهڻ لڳي. ڪجهه وقت کانپوءِ جرهم قبيلي جو هڪ قافلو اتان لانگهائو ٿيو. جنهن جي نظر پاڻي تي پئي تڏهن اتي کڻي ديرو ڄمايائون ۽ چشمي جي ويجهو رهڻ لڳا. پر چشمي جي ملڪيت بيبي حاجرهعه وٽ رهي ۽ هيءَ مڪي شريف جي پهرين آبادي هئي، جنهن بيبي حاجره ۽ سندس پٽ اسماعيلعه جي اڪيلائي جي احساس کي ختم ڪيو. جڏهن بنو جرهم مڪي کان وڃڻ لڳا ته انهن قريش جي مشهور بُتن ’ايسان‘ ۽ ’نائله‘ جي وچان زم زم جي چشمي کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجا سمورا خزانا ان ۾ وجهي ڇڏيا. مشهور مؤرخ مسعودي لکي ٿو ته اهي خزانا انهن جا نه هُئا، بلڪه انهن کي فارس وارن آندو هو ۽ هي قبيلو غريب هو. محمد حسين هيڪل لکي ٿو ته زم زم جو کوهه مضاض بن عمرو جرهمي جي زماني ۾ سُڪو هو پر ان هنڌ جي خبر عربن جي ذهن ۾ محفوظ هُئي ۽ اُهي ان جي کوٽائي لاءِ سوچيندا رهيا. حضورصه جي ڏاڏي عبدالمطلب کي خواب ۾ زم زم جي بند ٿيل کوهه کوٽڻ جو حڪم ٿيو. ان پنهنجي پُٽ حارث سان گڏجي ان هنڌ جي کوٽائي ڪئي ته اتان نه صرف پاڻي نڪتو پر ٻه سٺا هرڻ، تلوارون ۽ زرهون به نڪتيون. زم زم جو کوهه وري جاري ٿيڻ سان اتان جي سڀني ماڻهن کي فائدو ٿيو. عبدالمطلب ان جي ٻاهران سرن جي ڀت ڏئي محفوظ ڪيو. ان سان گڏ ڪعبة الله جو دروازو جوڙايو ۽ ان جي مرمت ڪرائي. ان کانپوءِ ان چشمي (کوهه) جو پاڻي مسلسل جاري آهي. ان کانپوءِ وقت گذرڻ ۽ ڪعبي شريف ۽ حرم ڪعبه جي ترقي ۽ توسيع سان گڏ زم زم جي اهميت ۽ ان جي حفاظت جا به جوڳا انتظام ٿيندا رهيا. هن وقت زم زم جي کوهه کي مٿان کان بند ڪري طواف جو ميدان ٺاهيو ويو آهي ۽ هيٺان کان پائيپ لائن جي ذريعي پاڻي ٻاهر آندو وڃي ٿو. حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو هر ٻئي پاڻي لاءِ ويهي پيئڻ جو حڪم آهي پر آب زم زم ڪعبي ڏانهن مُنهن ڪري بيهي پيئڻ جو فرمان آهي. جديد سائنسي تحقيق موجب آب زم زم دنيا جو اڪيلو پاڻي آهي، جنهن ۾ انساني صحت ۽ تندرستيءَ جون سڀئي خوبيون موجود آهن. حاجي توڙي ٻيا مسلمان ان کي برڪت ۽ ثواب طور پيئندا آهن ۽ آب زم زم جو ڌوتل ڪپڙو ڪفن طور به استعمال ڪيو وڃي ٿو.


لفظ زم زمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو