زنبق: ٻوٽيءَ جو هڪ قسم آهي، هن جو گل اڇي رنگ سان، چنبيليءَ جي گل جهڙو ٿئي ٿو. هن ٻوٽيءَ مان حڪيم دوا ٺاهيندا آهن، جيڪا دماغ لاءِ طاقتور آهي. هن ٻوٽيءَ جا گل چاليھہ ڏينهن ترن جي تيل ۾ وجهي رکڻ کانپوءِ ان تيل جي مالش سنڌن جي سور، نبضن ۽ ٻنڌين جي سيٽجڻ ۽ فالج وغيرہ تي فائدو ڪندي آهي، دماغ جي مالش ڪرائڻ ۽ نڪ ۾ تيل جا ڦڙا وجهائڻ سان دماغ جي خشڪي دور ٿئي ٿي. دماغ جي سردي لاءِ بہ مفيد آهي.