زنبيل: فارسي ٻوليءَ جو لفظ، جيڪو مونث طور استعمال ٿئي. انگريزي ۾ ان جو ترجمو (Basket) ڪن جو اڪثر ڪکن (Straw) يا تيلين وغيرہ مان ٺھي. عربيءَ ۾ بہ هي لفظ ساڳيءَ ريت لکجي ۽ انگريزي ۾ ترجمو بہ ساڳيو اٿس پر گهڻو ڪري کجي جي ڦرهن يا پتن مان ٺھي. اسان وٽ ڪکن ۽ ڦرهن مان ٺهيل Basket کي ڇٻي، ڇلي، ٽوڪري ۽ کاري وغيرہ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪن ۽ انهن مان ڪا بہ صورت زنبيل طور ڪم ڪو نہ اچي. عام طور زنبيل گهڻ معنائون ۽ گهڻ مقصدو لفظ آهي جنهن جو مادو، جوڙ ۽ گنجائش الڳ الڳ ٿئي پر سڀ پنڻ جي ٿانوَ يا برتن طور ڪم اچن. ان ڪري اسان وٽ لفظ زنبيل جي معنيٰ آهي پنڻ جو ٿانءُ يا برتن. اهڙين شين ۾ کيڪ، گولڪ، ٻٽو نئون، ڪستو، ڪشڪول، ٿيلهي، گودڙي، ڳوٿري، ڪاسو، ڪرمنڊل وغيرہ شامل هجن ٿا. هڪ عربي لوڪ ڪهاڻيءَ مان
’عمرو عيار‘ جي زنبيل جو اصطلاح پڻ سنڌيءَ ۾ مثال طور رائج آهي.