زنجير زني (ماتم جو قسم): ڪربلا ۾ محرم الحرام61ھہ/10 آڪٽوبر 680ع ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ سندس اصحابين جي شهادت کانپوءِ ماتم داريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. ماتم جا ٽي قسم آهن
(1) سينا زني (2) سر زني ۽ (3) زنجير زني. زنجير زنيءَ جي شروعات ايران مان ٿي، جنهن کانپوءِ ننڍي کنڊ ۾ بہ مروج ٿي. هن ماتم لاءِ هڪ خاص قسم جي زنجير تيار ڪئي ويندي آهي. جيڪا ڏيڍ فوٽ، 3 يا 4 فوٽن جي ٿيندي آهي زنجيرن جي لڙهين ۾ ٻہ ڌارا ننڍا خنجر يا وري ڪات هڻندا آهن. زنجيرن جي لڙهين کي هٿ ۾ جهلڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جي دستي ۾ ڳنڍبو آهي، جنهن کانپوءِ اها زنجير ماتم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي، ڪٿي ڪٿي زنجيرن جي لڙهين ۾ ننڍن خنجرن ۽ ڪاتن کانسواءِ ٻہ ڌارين (ٻنهي پاسي تيز) تلوارون بہ هڻندا آهن. مجلسن، پڙن ۽ ماتمي جلوسن ۾ ’ياحسينعه‘ جي صدا تي اهو ماتم شروع ٿيندو آهي، نعرو جيئن جيئن تيز ٿيندو ويندو آهي، ماتم بہ اوڏو ئي تيز ٿيندو. ماتمي ’ياحسينعه‘ جي آواز تي بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي اها زنجير تيزيءَ سان پنھنجي پٺن تي هڻندا آهن. جڏهن هڪڙا ماتمي سخت زخمي ٿي پوندا آهن، تڏهن ٻيا ماتمي انهن کان زنجير وٺي وري ٻين ماتمين کي ڏيندا آهن. زنجير زنيءَ جو ماتم دنيا توڙي سڄي سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ ٿيندو آهي.