زندگيءَ جو سفر

زندگيءَ جو سفر

زندگيءَ جو سفر

زندگيءَ جو سفر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن رومي، شاھہ لطيف ۽ علامہ اقبال جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي ٽن عظيم شاعرن مولانا رومي، علامہ اقبال ۽ شاھہ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کي نروار ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي تيرهن موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾
(1) مولانا روم (2) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (3) علامہ ڊاڪٽر محمد اقبال (4) رومي، شاھہ ۽ اقبال جو لاڳاپو (5) اسلامي تصوف جو اصل (6) انسان ۽ عشق (7) عشق رسولصه (8) تصوف جو بنياد ۽ ڪي مسلم صوفي (9) وحدت الوجود ۽ وحدت الشهو (10) توڪل ۽ تقدير (11) سماع، رقص ۽ شاعري (12) مرد خدا ۽ رياڪا رهبر (13) وطن، وطنيت ۽ قوميت شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف ڏنل آهي. 363 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي مئي 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. آهي جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ زندگيءَ جو سفرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو