
زندگيءَ ڏي موٽ
زندگيءَ ڏي موٽ (ڪتاب): مشھور ڪهاڻيڪار ۽ افسانہ نگار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمو نامور اديب مقصود گل ۽ مختيار گهمري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون: زندگيءَ ڏي موٽ، ڪوڙا رشتا، شاعر ۽ اديب، ليڊر جي ڪرسي، ڌنڌ، اوسيئڙو، کنگهہ ۽ بيوقوف شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ بدر قريشيءَ لکيو آهي ڪتاب جو انتساب معروف ڪهاڻيڪار امر جليل کي ڪيو ويو آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو ٽائيٽل قاضي اختر حيات ٺاهيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 196 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو‘ پاران شايع ٿيو، ڪتاب جو ملھہ 10 روپيا ڄاڻايل آهي.