زنڪاري ڳوٺ (Zuncari Village): هيءُ 22000 ق-م جا قدرتي کڏا ۽ غارون آهن، جيڪي تعداد ۾ ست آهن ۽ هن وقت بہ بلوچستان جي ڳوٺ زنڪاري ضلعي قلات ۾ موجود آهن، هنن کي انسان ڪنهن وقت پنھنجي رهائش ۽ بچاءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي. ٽڪرين تي نقشڪاري ٿيل آهي. نقشن ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ انسانن جون تصويرون ٺهيل آهن. هتان توتئي، ميگنيز وغيرہ ڌاتن جا بہ نشان ملن ٿا، جيڪي پٿر جي دؤر جي ماڻهن چٽن ڪڍڻ لاءِ رنگ طور استعمال ڪيا هوندا. هتان ڪجهہ واهپي ۾ آيل انساني اوزارن جا نشان بہ مليا آهن، جيئن: ڪهاڙي، پتا، ڪونرون، اڻيون، ڇلر وغيره، جيڪي Acheulian (آشولين) ثقافت سان ڀيٽڻ جھڙا آهن. پر ماڳ ان ثقافت کان پوءِ جو لڳي ٿو.