زهراوي، ابو القاسم جي خيالي تصوير

زهراوي، ابو القاسم جي خيالي تصوير

زهراوي ابوالقاسم

زهراوي، ابو القاسم: اسلامي دنيا جي نامور سرجن ’ابو القاسـم‘ جا وڏا ’اندلس‘ جا رهاڪو هئا. سندس ولادت 936ھہ/1529ع ۾ ’عبدالرحمٰن الناصر‘ جي عھد ۾ ٿي جيڪو اندلس جي بادشاهن ۾ اٺون فرمانروا هو. سندس دور ۾ اندلس پنھنجي عظمت جي پوري اوج تي پهچي چڪو هو. ان جي شان شوڪت جو اندازو هن ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ڏھہ لک آباديءَ واري هن شھر ۾ ٽي هزار اٺ سؤ مسجدون، سٺ هزار بلند بالا عمارتون، اٺ هزار دڪان ۽ ست سئو حمام هئا. شھر ۾ پنجاھہ کن اسپتالون موجود هيون. شاهي لائبريريءَ ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ ڪتاب هئا. ’قرطبه‘ جي يونيورسٽي انهيءَ زماني ۾ مغرب جي عظيم ترين يونيورسٽي سمجهي ويندي هئي. مختلف نوعيت جا جليل القدر عالم، تعليم، تدريس، تحقيق ۽ تاليف ۾ مصروف هوندا هئا. هي اهو ماحول هو جتي ’ابو القاسم‘ پنھنجي ننڍپڻ ۽ جواني بسر ڪئي ۽ علم طب ۾ ڪمال حاصل ڪيو. پنھنجي تعليم جي تڪميل بعد هو قرطبه جي شاهي شفاخاني ۾ شامل ٿي ويو، جتي هن علمي تحقيق جو آغاز ڪيو ۽ ٿوري عرصي ۾ هو جديد علم جراحت جو مؤجد ۽ پنھنجي زماني جو سڀ کان وڏو سرجن (Surgeon) بنجي پيو. مـوجـوده زمـانـي ۾ عـلاج جـا جـيـڪي ٻہ طـريـقـا (1) دوا سان علاج (Medicine) ۽ (2) جراحت سان علاج (Surgery) اسپتالن ۾ مروج آهن، تن بابت هي خيال عام آهي تہ جيتوڻيڪ مغربي طب يعني (Elupathy) ديسي طب مان ئي اسري آهي، پر جراحت يعني سرجري خاص مغربي ڊاڪٽرن جي ايجاد آهي، ليڪن انهي خيال جي پکڙجڻ ۽ عام ٿيڻ جو سبب فقط هي آهي تہ اسان جو عوام اسلامي دؤر جي عظيم سرجن ’ابو القاسم زهراوي‘ جي نالي ۽ ان جي عظيم ڪارنامن کان واقف ناهي. هيءَ حقيقت آهي تہ ’زهراوي‘ اها عظيم شخصيت آهي، جنهن يورپ وارن کي سرجريءَ جي فن کان روشناس ڪيو. هو سرجريءَ ذريعي آپريشن ڪندو هو ۽ پنھنجي تجربي سان انهيءَ فن ۾ نيون نيون راهون پيدا ڪندو هو يا آپريشن جي سلسلي ۾ جيڪي نوان اوزار پنھنجي نظريي مطابق تيار ڪندو هو، تن سڀني جو تفصيل هو ڪاغذ تي بہ آڻيندو رهندو هو. ايستائين جو هن جي تصنيف کي صدين تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ سرجريءَ جي واحد معياري ڪتاب طور پڙهائيندا رهيا. ’زهراويءَ‘ جي هن نادر تصنيف جو نالو ’التصريف‘ آهي. هي پورو ڪتاب علم علاج جي ٻنهي شاخن (1) طب يعني ميڊيسن ۽ (2) جراحت يعني سرجريءَ تي مشتمل آهي، مگر ان جو سڀ کان اهم حصو سرجريءَ لاءِ وقف آهي. ان جو سبب هيءُ آهي تہ ان کان اڳ علم طب تي عربيءَ ۾ تمام گهٽ ڪتاب لکيا ويا هئا، مگر علم جراحت لاءِ ڪو بہ جامع ڪتاب موجود نہ هو. پنھنجي خاص افاديت سبب ’تصريف‘ جي سرجريءَ واري حصي جي اشاعت ايتري زياده ٿي ۽ ان جا ترجما ايتري تعداد ۾ ڇپيا جو اهل مغرب کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ڏکيل ڏند ۽ ڏاٺون ڪڍڻ، اکين جو آپريشن ڪرڻ، ڪاڪڙي جي تند ڪاٽڻ، مثاني مان پٿريون ڪڍڻ، بواسير جي نسن کي نيست نابود ڪرڻ يا ڪٽڻ، ٽٽل هڏا جوڙڻ، واڌو عضون کي ڪاٽڻ ۽ هر قسم جي ڦٽن ڦرڙين کي چيرڻ ڦاڙڻ جا بھترين طريقا ’التصريف‘ ۾ ڏنل آهن. ڪتاب جي هڪ حصي ۾ پيدائش کان پهريائين ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي مختلف صورتن جي وضاحت ڪئي وئي آهي ۽ مشڪل حالت ۾ اوزارن وسيلي حمل ڪيرائڻ ۽ ٻار جي مري وڃڻ جي حالت ۾ ان کي ٻاهر آڻڻ جا طريقا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. ’التصريف‘ جي نمايان خصوصيت هيءَ آهي تہ فاضل مصنف ان ۾ جابجا پنھنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سرجريءَ بابت اهڙيون تشريحون ڏنيون آهن، جن کان اڳ ۾ طبي دنيا بي خبر هئي. ’زهراويءَ‘ جو طرز بيان عام فهم، زبان سليس ۽ سادي آهي. هن جنهن موضوع تي قلم کنيو آهي، ان کي آسانيءَ سان چٽو ڪيو آهي. ارڙهينءَ صديءَ تائين يورپ جا سڀيئي مصنف ’ابو القاسم‘ جي تصنيف جا مداح رهيا ۽ پنهنجين لکڻين ۾ جابجا ان جا حوالا ڏيندا رهيا. ڪي تہ بلڪل بي باڪيءَ سان اهڙو اظهار بہ ڪن ٿا تہ فن جراحت ۾ ’زهراوي‘ هڪ ڪامل استاد جي حيثيت رکي ٿو. ڪن جو رايو آهي تہ اهل يورپ ابتدا ۾ سرجريءَ متعلق جو ڪجهہ حاصل ڪيو آهي سو زهراويءَ جو احسان آهي. ’التصريف‘ جو لاطيني ترجمو سڀ کان اول وينس (اٽليءَ) ۾ 1497ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ان جا لاتعداد لاطيني ايڊيشن يورپ جي مختلف اشاعتي مرڪزن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سڀ کان عمدو لاطيني ايڊيشن، جنهن ۾ عربي ڪتاب جون اصل تصويرون بہ نهايت آب تاب سان ڇاپيون ويون هيون، 1541ع ۾ ’باسل‘ ۾ ڇپيو ’باسل‘ ايڊيشن جي هيءَ وڏي خوبي آهي تہ ان ۾ اصل عربي ڇاپو ۽ ان جو لاطيني ترجمو ٻئي گڏوگڏ ڏنل آهن. يورپ ۾ هن ڪتاب جي مقبوليت اڻويهين صديءَ جي آخر تائين بہ باقي هئي. ان ڪري هڪ فرانسيسي ڊاڪٽر ’لي ڪارڪ‘ 1881ع ۾ ’التصريف‘ کي فرينچ زبان ۾ منتقل ڪيو ۽ پنھنجي ديباچي ۾ ان کي سرجريءَ جو هڪ نادر شاهڪار قرار ڏنو. زهراويءَ 77 سالن جي عمر ۾ 1013ھہ/1676ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو