زهراڻي

زهراڻي: زهراڻين بابت مشھور تاريخدان رحيمداد مولائي شيدائي، ’تاريخ بلوچستان‘ ۾ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات، ۾ لکيو آهي تہ زهراڻي، گورچاڻي بلوچن جي درڪاڻي شاخ مان آهن. ايس. صادق علي ۽ ڊاڪٽر الھہ رکيي ٻٽ ڪتاب ’سماٽ‘ ۾ لکيو آهي تہ زهراڻي سماٽي جت آهن، بلوچ نہ آهن. ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ موجب زهراڻي مانڊڙن جو پاڙو آهي. عبرت اخبار 15 آگسٽ 2001ع ۾ ڇپيل هڪ مضمون موجب زهراڻي مري بلوچن جو هڪ پاڙو آهي، هنن ۾ عورتون شاديءَ کان اڳ ۾ گوشت نہ کائينديون آهن.


لفظ زهراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو