زهر (Poison): اهڙو مادو (Substance) جنهن جي جسم ۾ داخل ٿيڻ سبب حياتيءَ کي خطرو ٿي پئي، پوءِ اهو مادو ٿوري مقدار ۾ کاڌو يا کارايو وڃي، سنگهيو يا سنگهايو وڃي يا ڪنهن زهريلي جِيوَ يا جانور جي چڪ پائڻ (ڪَکِڻ، چڪ پائڻ يا ڏنگڻ) جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿيو هجي، هن مادي جـي زهـريـلـي ۽ ڪـيـمـيـائي مـهـلـڪ اثـر جي ڪـري انساني جسم جي بناوت (Structure) کي اهڙو ڇيهو رسي ٿو جو سندس عضون جي ڪم کي وقتي يا دائمي نقصان ٿئي جنهن جي نتيجي ۾ بيماريءَ جون نازڪ حالتون پيدا ٿيو پون يا وري زندگي ختم ٿيو وڃي. اهڙي مهلڪ مادي کي وِههُ يا (زهر Poison) چئبو آهي.
(الف) زهرن جا قسم ۽ علامتون Types & clinical symptoms of poison
دنيا ۾ مختلف قسمن جا زهر ٿين ٿا. جن جو استعمال به ڌار ڌار نموني ٿئي ٿو ۽ انهن زهرن جي جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ زهرن جون علامتون به جدا جدا ٿين ٿيون.
(1) سنکيي جو زهر (Arsenicum Albu poison): سنکيو (ڪچو) تمام خطرناڪ زهر آهي. سنکيو تازو ۽ گهڻي مقدار ۾ واپرائڻ موت جو سبب بڻجي ٿو. جيئن ئي انسان جي پيٽ/معدي ۾ سنکيو ويندو آهي ته چمڙيءَ تي ڳاڙها نشان ٿي پوندا آهن، ننڍڙيون ننڍڙيون باهه واريون ڦرڙيون نڪري پونديون آهن پاڻيءَ جي تمام گهڻي تاسَ لڳندي آهي مريض بار بار ٿورو پاڻي پيئندو آهي. مريض کي وات ۽ نڙيءَ ۾ بيحد خشڪي محسوس ٿيندي آهي، بي چيني ۽ لُڇ پُڇ سبب مريض هر هر جايون پيو مٽائيندو آهي. جڏهن زهر جو اثر وڌي ويندو آهي ته سڄي جسم ۾ اندران باهه ٻرندي آهي. (مريض جي وات اڳيان هٿ رکبو ته اندران اهڙي گرم هوا محسوس ٿيندي) پوءِ مريض جي دل ڪچي ٿيندي آهي، الٽيون اينديون آهن، پيٽ ۾ مروڙن سان گڏ سور ٿيندو اٿس. هٿن پيرن ۾ ڳڍڙين سان گڏ دست ٿي پوندا آهن جن ۾ آخر ۾ رت ايندو آهي. جيڪو ڪنهن به طرح سان بند ناهي ٿيندو گهڻي رت وهي وڃڻ ڪري مريض موت جو شڪار ٿي ويندو آهي. ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن سنکيي کائڻ جي اڌ ڪلاڪ اندر معدو صاف ڪرائي زهر ڪڍي ڇڏجي ته مريض بچي سگهي ٿو. سنکيو ٿوري مقدار ۾ يا سراسري طور سرنهن جي داڻي جي اڌ جيترو کاڌو ويو هجي ته ان جي زهر جو اثر گهڻن ڏينهن کانپوءِ ٿيندو آهي. جڏهن سنکيي جي زهر جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن ته پهريائين سڄي بدن تي ڳاڙها ڊٻڙ نڪرندا آهن. انهن ڳاڙهن ڊٻڙن تي ڇِلَرَ
(Scales) ڄمندا آهن، هٿن پيرن جون تريون ٿُلهيون ٿي (Hyper Keratosis) وينديون آهن، هٿن پيرن جي ننهن تي اڇي رنگ جا تِرڇا نشان
(Transverse Meeslines ) ٺهي بيهندا آهن، مٿي ۾ سور ۽ لوندڙين ۾ عصبي سور (تنتي سور Neuropathy) به ٿيندو آهي. آخر ۾ پيٽان رت ايندو آهي. رت وهڻ ڪري مريض مري ويندو آهي، رت وهڻ دوران ڪيترا ماڻهو موڳا ٿي ويندا آهن ۽ ڪن ماڻهن (مريضن) کي دماغي دورا به پوندا آهن، جنهن ڪري صدمي (Shock) ۾ هليا ويندا آهن. هتي هن زهر بابت اضافي ڄاڻ ڏجي ٿي ته سنکيي جي زهر جي ڪري مرڻ کانپوءِ به اسي کان نوي (80 کان 90) سالن تائين به هن زهر جا جزا مئل ماڻهوءَ جي هڏن، خاص ڪري سٿر واري ڊگهي هڏي (Femur ) ۾ محفوظ رهن ٿا.
(2) ڪارو ڪنڊن وارو ٻٻر جو زهر (Buck Thorn poison ): هن ٻٻر جو نباتاتي نالو (Karwinskiahumboldtiana ) آهي. هن ٻٻر جي ڪنڊن جي رس (Juice) ۾ رڳن (Blood Vessels) کـي تـبـاهه ڪـنـدڙ اعـصـابـي زهر (Neurotoxin) آهي. هن زهر سبب ماڻهوءَ جي لوندڙين جون نسون ۽ رڳون تباهه جسم جون مشڪون (Muscles ) ڪمزور ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري اڌ رنگ ٿي پـونـدو آهـي ۽ آخـر ۾ ماڻهو مري ويندو آهي. هن قسم جو زهر سلطنت روم (Roman Empire) جي زماني ۾ جنگي قيدين کي پياري موت جي ننڊ سمهاريو ويندو هو.
(3) ڪاربن ڊاءِ سلفائيڊ جو زهر (Carbon disulfide poison ): هيءُ ڪاربان جي ٻه ايٽمي مادي جو زهر آهي، جيڪو رٻڙ جي ڪارخانن جي دونهين (گئس) جي شڪل ۾ نڪرندو آهي. هن زهر (دونهين) جي ساهه ۾ کڻڻ ڪري شروع ۾ جسم ۽ خاص ڪري ڇاتيءَ ۾ ڪمزوري ٿيندي آهي پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ ننڊ ڦٽي ويندي (Insomnia) آهي. جڏهن هي زهر جسم تي گهڻو اثر ڪندو آهي ته اکين جي نظر گهٽبي ويندي آهي. معدي جو السر به ٿي پوندو آهي ۽ آخر ۾ مريض کي اڌ رنگ ٿي پوندو آهي.
(4) ڪاربان مونو آڪسائيڊ جو زهر (Carbon monoxide poison ): هن قسم جو زهر پوري دنيا خاص ڪري ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ مسئلو بڻيل آهي. هن قسم جو زهر دونهين (گئس) جي شڪل ۾ ڪارخانن جي چمنين، ڪوئلي جي کاڻين ۽ گهڻي مقدار ۾ موٽرن، بسن ۽ موٽرسائيڪلن جي دونهين ذريعي خارج ٿئي ٿو. ان ماحول ۾ لاڳيتو ساهه کڻڻ دوران انسان جي رت جي هيموگلوبن ۾ موجود آڪسيجن (Oxyhemoglobin) ڪاربان هيموگلوبن (Carbon Oxyhemoglobin) ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري جسم جي اوڄن ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي
(Tissue hypoxia) ٿي ويندي آهي: جنهن ڪري دماغ جو تنتي مرڪز ۽ ان جو سرشتو اڳتي هلي تباهه ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو ماٺ ميٺ ۾ موت جي ور چڙهي ويندو آهي. هتي اهو ٻڌائجي ٿو ته هن قسم جي گئس جڏهن ڪارخانن مان، بسن موٽرن ۽ موٽرسائيڪلن مان نڪرندي آهي ته اها مهلڪ زهر هئڻ باوجود انساني اوڄن جي تباهي آهستي آهستي ڪري ٿي پر هيءَ گئس جڏهن ڪوئلي جي کاڻين مان (اوچتو يا وافر مقدار ۾) نڪرندي آهي ته تمام تڪڙو اثر ڪندو آهي. ٿڏي تي امداد/علاج (هٿرادو آڪسيجن) نه ملڻ ڪري ماڻهو (مريض) بنا دير جي انهيءَ وقت ساهه گهٽجڻ ۽ دماغ جي مرڪز کي آڪسيجن نه ملڻ ڪري زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويهندو آهي.
(5) نسن جي تاندورن (Nerve Fibres) تي اثر ڪندڙ زهر (Cholinergic poison): هي اهڙو مادو (زهر) آهي جنهن جي واپرائڻ ساڻ دماغ جي تنتي مرڪز جي نسن ۽ ان جي تاندرون تي اثر ٿئي ٿو. هن قسم جي زهر ۾ اهڙا مادا اچي وڃن ٿا جن جي واپرائڻ سان نشو (Introxication) ٿئي ٿو اهڙن نشيدار مادن (Introxicants) ۾ چريو ڌاتورو (Jimson weed Strammonium) ڀنگ (Cannabis Indica) آفيم (Opium)، چرس
(Hasheesh)، مارفين (Morphine)، ايفي ڊرين (Ephedrine)، هيروئن
(Heroin) ۽ آڪوهيءَ جو کارو مادو (Belladona) وغيره اچي وڃن ٿا، جن جي واپرائڻ سان وات خشڪ چمڙي خشڪ ۽ گرم ٿي ويندي آهي، اکين جون ماڻڪيون (Pupils ) ڦوٽارجي وڏيون ٿي وينديون آهن ۽ هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيهنديون آهن، دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو آهي، مريض ابتو سبتو ڳالهائيندو (وڦلندو) آهي. گوڙ گهمسان ڪندو آهي، ڊڄندو، ڇرڪندو آهي. عجيب عجيب شڪليون ڏسندو آهي، جيڪڏهن زهر (نشي) جو اثر وڌي وڃي يا گهڻي مقدار ۾ واپرايو ويو هجي ته مريض تي موڳاهٽ طاري ٿي ويندي آهي ۽ کيس دورا پوندا آهن، ساهه ۾ تنگيءَ سبب وڏا وڏا ساهه کڻندو آهي. گهڻيءَ نازڪ حالت ۾ سندس پيشاب بند ٿي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ دماغ جي تنتي مرڪز جي نسن ۽ ان جي تاندرون جي تباهيءَ سبب ماڻهو مري پوندو آهي.
(6) سائنائڊ جو زهر (Cyanide poison): هي زهر سائنوجين
(Cynogen C2N2) ۽ مختلف ڌاتن (Metals) جو مرڪب آهي. هي زهر گئس جي شڪل ۾ هوندو آهي. هي گئس بي بُوءِ، بي رنگ ۽ سگهارو زهريلي گئس آهي تنهن ڪري تڪڙو اثر ڪندڙ آهي. هن جي سنگهڻ سان جسم جي جيوگهرڙن (Cells) ۽ دماغ جي مرڪزي تنتي سرشتي جي اوڄن (Tissues) ۾ اهڙي ته تباهي ايندي آهي، جو ماڻهو ٿڏي تي مري ويندو آهي. ياد رهي ته هيءَ اهڙي گئس آهي، جـنهن کي مـادي
(Substance) ۾ بـدلائـي کـاڌي (Ingestation) ۾ ڏيڻ سان ماڻهوءَ تي ترت مهلڪ اثر ڪري ٿي. دنيا جون مختلف ايجنسيون پنهنجي مخالفن کي مارڻ لاءِ گهڻو ڪري هن گئس جو استعمال ڪنديون آهن.
(7) کاڌي جو زهر (Food Poison): اهڙو کاڌو جيڪو پاروٿو ٿي سينوارجي (زهريلو ٿي) ويو هجي. يا ان ۾ هٿرادو زهر ملايو ويو هجي، تنهن کانسواءِ کاڌي ۾ ڪنهن به قسم جا زهريلا جيوڙا (Microbes) ۽ مهلڪ بيماريون پيدا ڪندڙ جيوڙا (Pathogenic bacterias) شامل ٿي پيٽ ۾ هليا وڃن ته اهڙيءَ حالت ۾ اهو کاڌو زهر بڻجي ويندو آهي، جنهن کي کائڻ سان ماڻهوءَ ۾ بيماريءَ جون ٻه علامتون پيدا ٿي پونديون آهن، هڪ پيٽ ۾ سور، دست ۽ الٽيون شروع ٿي وينديون آهن، ٿوري دير ۾ دست ايترا ته وڌي ويندا آهن، جو جسم جو سڄو پاڻي نڪري (Dehyderation) ويندو آهي. هٿن پيرن ۽ خاص ڪري پنين ۾ ڳڍڙيون
(Cramps) پونديون آهن. جسم جو پاڻي نڪرڻ ڪري جسم جا اوڄا
(Tissues) ڪمزور ٿي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ٻيو کاڌي جو زهر آنڊن ۾ جذب ٿي جگر تائين (کاڌي جي پٽڙي رس جي صورت ۾) پهچندو آهي. جتان سڄي جسم جي تنتي سرشتي ۾ پکڙجي تنتي سرشتي کي ناڪام ڪري ڇڏيندو آهي. جسم جي اوڄن جي تباهيءَ کان اڳ ۾ ۽ تنتي سرشتي تائين زهر پکڙجڻ کان اڳ ۾ زهريلي کاڌي کي معدي ۽ پيٽ مان ڪڍيو وڃي. اهڙيءَ طرح زهر کي وڌيڪ اثر ڪرڻ ۽ پکڙجڻ کان روڪبو ته ماڻهو مرڻ کان بچي سگهي ٿو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ ماڻهو جي حياتيءَ کي خطرو آهي.
(8) زهريليون گئسون يا گئسن وارو زهر Gases Poison: ڪيتريون اهڙيون گئسون آهن، جيڪي سنئون سڌو سنگهڻ سان ساهه جي سرشتي سان گڏ دماغ جي مرڪز کي تباهه ۽ ناڪام ڪري ڇڏين ٿيون. اهڙين گئسن ۾ هائڊرو سائنڪ ايسڊ، سائنائڊ، پوٽيشيم سائنائڊ، هائڊروجن سلفائيڊ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربان مونو آڪسائيڊ آهن، ڪارخانن ۽ ڀٽن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون ۽ ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ مختلف قسم جون گئسون، شروع ۾ ته هنن گئسن جي ڦڦڙن ۾ وڃڻ ڪري ماڻهوءَ جو ساهه گهٽبو آهي، ان کانپوءِ ماڻهوءَ ۾ موڳاهٽ ٿيندي آهي. جيڪڏهن هنن گئسن مان ڪا به هڪ گهڻي انداز ۾ ڦڦرن ۾ وئي ته آڪسيجن نه ملڻ ڪري رت جي ناڙين (Blood Vessels) ۾ تباهي (Degeneration) ايندي ۽ ناڙيون پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. اهڙي طرح تازو رت (Oxigenatea blood) جسم کي نه ملڻ ڪري جسم، ڦڦڙن جي جيوَ گهرڙن ۽ دماغ جي تنتي سرشتي ۾ ڪتب آيل رت (Carbonated blood) ڄمي (Coagulate) ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو مري ويندا آهن. سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر جي پيئڻ بلا به اهو ئي ڪم ڪندي آهي. ننڊ دوران ماڻهوءَ جو سڄي آڪسيجن پي ويندي آهي ۽ پنهنجي ساهه ۾ کنيل آڪسيجن کي ڪاربان ۾ بدلائي سڄي ڪاربان گئس ماڻهوءَ جي ساهه ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري جسم جي تنتن ۾ تباهي Newenecrosis اچڻ سان ماڻهو مري ويندو آهي.
(9) Hemlock. Poison: هن زهر جو ٻيو نالو (Conium maculatum) آهي. هي هڪ جابلو زهريلي ٻوٽي اَڪوهي جي جنسن مان آهي. جنهن ٻوٽي (Plant) جي رس مان زهر ٺهندو آهي. ان ٻوٽي جي رس (زهر) پيئڻ سان سڄي جسم جي مشڪن ۾ تباهي (Muscular Necrosis) ايندي آهي. هن زهر جو اثر پيرن کان شروع ٿي مٿي جي چوٽيءَ تائين پهچندو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه چند گهڙين ۾ ٿيندو آهي. قديم يونانين ۾ رواج هو ته بادشاهه هن ٻوٽي جي رس پياري مجرمن کي موت جي سزا ڏيندا هئا. سقراط (Socrat) کي هن ئي ٻوٽي جي زهر (رس) جو پيالو پياري موت جي سزا ڏني وئي هُئي.
(10) سيهي جو زهر (Lead poison): سيهي ڌاتو جو کارو مادو (لوڻ) نهايت ئي خطرناڪ قسم جو زهر آهي، جيڪو قديم مصرين کان وٺي اڄ تائين زهر طور ڪتب اچي ٿو. کاڌي ۾ کائڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جي بک مري ويندي آهي، وزن گهٽجي ويندو آهي، پيٽ ۾ زور دار سور (Colic) ٿيندو آهي. (جيڪو ڪڏهن ٿورو يا گهڻو پوندو رهندو آهي) قبضي ٿيندي آهي، ننڊ ڦٽي ويندي آهي، مٿي ۾ سور پوندو آهي، سُستي ۽ چڙ تمام گهڻي ٿيندي آهي، ذهن پريشان رهندو آهي، مهارون نيريون ٿي وينديون آهن (جيڪا هن زهر جي پختي علامت آهي) مريض ۾ رت جي گهٽتائي ٿيندي آهي آخر ۾ ماڻهو (مريض) مري ويندو آهي. اهو سڀ ڪجهه مرحليوار ۽ آهستي آهستي ٿيندو آهي جيڪا هن زهر جي خاصيت آهي. سيهي جي زهر سبب ٻارن ۾ هڪ دماغي بيماري Encephal Parthy ٿي پوندي آهي. تنهن کانسواءِ هن زهر جي اثر ڪري ٻانهن جو اڌ رنگ (Lead Arms Palsy) ٿيندو آهي. قديم مصر جي زماني ۾ غلامن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ سيهي مان ٻن قسمن جو ڪم ورتو ويندو هو. هڪ سيهي ۽ آڪسائيڊ (Red Leady Oxide (Pb2 O4) مان مرڪب، پائوڊر جي صورت ۾ ٺاهيو ويندو هو، جيڪو نهايت زهريلو هوندو هو اهو پائوڊر غلام يا ملزم کي کاڌي ۾ کارايو ويندو هو، شروع ۾ ته منجهس مٿي ڏنل علامتون پيدا ٿينديون هيون ۽ آخر ۾ زهر جي زوردار اثر ڪري تڙپي مري ويندو هو، ٻي موت واري سزا پڻ ظلم واري هوندي هئي، جنهن ۾ سيهي کي پگهاري گرم پٽڙو سيهو غلام جي وات ۾ پلٽيو ويندو هو. جنهن ڪري ملزم جا کاڌي (هاضمي) وارا سڀئي عضوا جلي ڳري ويندا هئا.
(11) گوشت جو زهر يا زهريلو گوشت (Meat poison): هن قسم جو زهر پاروٿي (سڙيل Cotaminated) گوشت ۾ پيدا ٿيندو آهي. جنهن جو ڪارڻ گوشت ۾ ڪيترن قسمن جا جيوڙا پيدا ٿيندا آهن جيئن Clostridium Perferingens ۽ Bacillus Cereus تنهن کانسواءِ زندگيءَ کي ناس ڪندڙ
(Invasive) مهلڪ جيوڙا Escherichia coli، Salmonell، Staphylococcus aurevs، يا Yersinia enterocolitica وغيره. انهيءَ سڙيل گوشت کي کائڻ سان ماڻهوءَ ۾ زهر جون اهي ساڳيون سڀ علامتون پيدا ٿينديون آهن، جيڪي مٿي کاڌي جي زهر Food Poison ۾ ڏنيون ويون آهن.
(12) پاري جو زهر (Mercury Poison ): هن قسم جو زهر انساني جسم تي ٻن نمونن سان اثر ڪندو آهي، هڪ ته پارو کاڌي ۾ واپرائڻ (Ingestion) سان ڏاڍو تڪڙو اثر (Acute) ڪندو آهي، جنهن جي شروعات وات ۾ ڪساري ذائقي (Metalic Test) سان ٿيندي آهي، دل ڪچي ٿيندي آهي، پيٽ ۾ سخت سور پوندو آهي، انهي کانپوءِ خوني دست گهڻي مقدار ۾ ايندا آهن، ماڻهوءَ مريض کي گـهـٽ پيشاب (Oliguria) ايندو آهي. اڳتي هلي پيشاب بلڪل بند (Anuria) ٿي ويندو آهي. انهي وچ ۾ خوني دستن دوران خاص ڪري آنڊن ۾ سوراخ ٿي پوندا آهن، جيڪڏهن هن زهر جو ترت علاج نه ٿيو ته مريض مري ويندو آهي، ٻيو ته پارو ميڊيڪل جي دوائن ۾ به ڪتب ايندو آهي، پر گهڻائيءَ ۾ حڪمت جي دوائن (خاص ڪري مرداني سگهه Vigor وڌائڻ) ۽ ڪُشتن ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. جيڪڏهن پاري جو جوهر صحيح ماريل (سالم) نه هجي ته اهو به زهر ٿي پوندو آهي. پاري جي دوا يا ڪشتو واپرائڻ سان آهستي آهستي مهلڪ (ڪُهينون Chronic) بيماريءَ جون علامتون پيدا ٿينديون آهن. ڪجهه عرصي کانپوءِ غير سالم پارو جڏهن مهلڪ علامتون پيدا ڪندو آهي ته هيڪڙ ٻيڪڙ معدي ۾ سور پوندو رهندو آهي جنهن کانپوءِ دائمي معدي ۾ سور پوندو آهي، مريضن جي پگهر ۽ وات مان ڪساري بوءِ ايندي آهي، وات جو ذائتو به ڪسارو ٿي پوندو آهي، مهارن جا پاسا نيرا ٿي ويندا آهن. ڪيترن مريضن جون ته مهارون ڪمزور ٿي وينديون آهن تنهن ڪري ڏند پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏيندا آهن آخر ۾ اُلڙي اُلڙي ڇڻي ڪري پوندا آهن. جڏهن پاري جو اثر چوٽ چڙهي ويندو آهي ته مريض جي بُڪين (Kidney) جون ڇاڻيون
(Glomerulars) ٽٽي پونديون آهن. تنهن ڪري سڄي جسم جو رت گهڻن ڪيميائي زهريلن مادن ساڻ ڀرجي زهريلو ٿي ويندو آهي. جنهن جي ڪري مريض جي دل پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي، اهڙي طرح مريض جي رت جو دورو بند ٿي ويندو آهي ۽ مريض جا پساهه پورا ٿي ويندا آهن.
(13) معدنياتي زهر (Mineral poison): زهر ڪچلو، رس ڪپور گندرف، ٽامون، جست، سون، چاندي ۽ سرمون وغيره اهڙا معدنياتي عنصر (Elements) آهن جڏهن ڪچي حالت ۾ يا دوائن ۾ به گهڻي مقدار ۾ (۽ گهڻي عرصي تائين) واپرائڻ ساڻ زهر جو ڪم ڪندا آهن. هنن زهرن جو اثر غذائي ناليءَ جي عضون (Alimentary Canal Organs) ۽ ان سان لاڳاپيل عضون خاص ڪري جيري ۽ تري تي ٿيندو آهي. هنن زهرن جو اثر آهستي آهستي ٿئي ٿو. شروع ۾ زهرن جون ڪي تڪڙيون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون پر هن قسم جا زهر اندر ئي اندر ۾ سڀني کاڌي (هاضمي) جي ناليءَ جي عضون ۽ ان سان لاڳاپيل عضون تي پنهنجو مڪمل اثر ڪندا آهن ته ان کانپوءِ اوچتو مريض تي زهر جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن. مريض موت جي ور چڙهي ويندو آهي.
(14) کنڀين جو زهر Mycetismus (Mushroom poison ) : دنيا ۾ کنڀين جا انيڪ قسم ٿين ٿا پر انهن ۾ ڪجهه اهڙا به قسم آهن جيڪي بي حد زهريلا ٿين ٿا جهڙوڪ: Amanita Verna، Amanita Phalloides، Amanita Muscaria ۽ Amanita Panthernia جن جي کائڻ ساڻ جسم ۾ زهر پکڙجي وڃي ٿو. علامتن جي شروعات دل جي ڪچي ٿيڻ ساڻ ٿيندي آهي، الٽيون اينديون آهن، پيٽ ۾ مروڙن سان گڏ سور پوندو آهي آخر ۾ زوردار پاڻيءَ وارا دست ٿيندا آهن. جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر زهر جو خاطر خواهه علاج نه ٿيو يا علاج ٿيو پر مريض جي طبيعت ۾ بهتري نه آئي ته مريض کي جيري ۾ سور پوندو آهي ۽ تمام تڪڙو بُڪين جو ۽ سڄي جسم جي مرڪزي تنتي سرشتي جو نظام تباهه ٿي ويندو آهي ۽ مريض ڏسندي ڏسندي موت جي ور چڙهي ويندو آهي.
(15) جافر- جائفل جاتريءَ جو زهر (Nut-meg Poison): هي گرم مصالحي جو هڪ وکر آهي، جنهن جي ڪُٽيل پائوڊر جو هڪ چمچو واپرائڻ سان هڪ ڪلاڪ اندر زهر جون خطرناڪ علامتون ظاهر ٿينديون آهن، جنهن ڪري شروع ۾ ته مريض وڦلندو آهي، جڏهن زهر جو اثر سڄي جسم ۾ پکڙجي ويندو آهي ته کيس دل تي اهڙو رت جو دٻاءُ ٿيندو آهي، جو رڙيون ڪندو آهي. رت جي دٻاءَ وڌي وڃڻ ڪري دل پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي، تنهن ڪري مريض جي زندگي پوري ٿي ويندي آهي. بنيادي طرح هي زهر رت جي قدرتي حرارت کي بيحد وڌائي ڇڏيندو آهي. جنهن ڪري رت جو دورو ايترو ته تيز ٿي ويندو آهي، جو ان تي ضابطو ڪرڻ دل جي وس ۾ ناهي رهندو.
(16) Carbolic Acid, hydroxylbenzene Phenol Poison: فنائل وارو ڪيميائي مادو، جيڪو عام طرح سان صفائيءَ لاءِ ڪتب ايندو آهي ان ڪري اهڙيون شيون ٻارن جي پهچ کان پري رکڻ جون هدايتون لکيل هونديون آهن. ان زهر جي علامت ۾ پهريائين پيٽ ۾ سور (Colic) ٿيندو آهي، پوءِ جسم ۾ سُر ڪاٽَ ۽ خارش ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪن مريضن کي سرڻو ٿيندو آهي (ڇاپاڪو Urticaria- نڪرندو آهي) جسم ۾ پَٽَ ٿيندي آهي. جڏهن زهر جو اثر وڌي ويندو آهي ته مريض موڳو ٿي پوندو آهي ۽ سندس نيم بيهوشيءَ واري حالت ٿيندي آهي، جنهن ۾ مريض يا ته وڦلندو آهي يا وري ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ غش کائي ويندو آهي. انهيءَ دوران کيس موت جو ڊپ ٿيندو آهي، تنهن ڪري سندس دل وسامندي آهي ۽ دل جي رفتار بي ڊولي (Arrhythmias) ٿي ويندي آهي (ڪنهن وقت تڪڙو هلندي ته ڪنهن وقت آهستي هلندي. ڪنهن وقت ڏاڍي ڌڪ هڻندي ته ڪنهن وقت آهستي ڌڪ هڻندي آهي.) ڪجهه عرصي (دير) ۾ جلد صدمي (Shock ) ۾ هليو ويندو آهي ۽ مريض جي دل بند ٿي ويندي آهي.
(17) فاسفورس جو زهر (Phosphorus Poison): فاسفورس
واپرائڻ يا سنگهڻ سان شروع ۾ ڏندن ۾ سور (Odontalgia) پوندو آهي. جڏهن فاسفورس جو ڀرپور اثر ٿيندو ته مريض جي هيٺين ڄاڙي
(Mandibula) لڙڪي پوندي آهي (جيڪا هن زهر جي خاص نشاني آهي) تنهن کانپوءِ ڪجهه عرصي ۾ ڄاڙيءَ جي هڏيءَ ۾ ڳاراڻو
(Phossy Jaw) ٿيندو آهي. تنهنڪري ماڻهو (مريض) ڪجهه کائي نه سگهندو آهي ۽ بک به ختم ٿي ويندي اٿس، ڪجهه نه کائڻ پيئڻ ڪري ڪمزوريءَ سان گڏ رت جي تمام گهڻي گهٽتائي ٿي پوندي اٿس، جسم جي عضون ۾ ڪمزوري ۽ رت پورو نه پهچڻ ڪري، آخر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ماڻهو (مريض) مري ويندو آهي.
(18) ڇتي جانور جي گگ Saliva جو زهر (Rabies Poison): هي زهر ماڻهوءَ ۾ ڇتي جانور جي چڪ هڻڻ، رهڙ (Abrasion) کي چٽڻ ۽ لعابي جهليءَ (Mucusmembrane) جي ذريعي پکڙبو آهي. ڇتي جانور جي زهر جي اثر جو دارومدار انهيءَ تي آهي ته چڪ جيترو اونهو هوندو آهي ۽ جيترو دماغ جي ويجهو هوندو آهي اوترو جلدي اثر ڪندو آهي، تنهنڪري منهن ۽ ڳچيءَ وارا چڪ، ٽنگن ۽ پيٽ جي چڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تڪڙو ۽ زوردار اثر ڪندا آهن. عام طرح سان ڇتي جانور جو زهر دماغ تائين پهچڻ ۽ ان جو اثر ظاهر ٿيڻ تائين (جنهن کي بيماريءَ جي اوسر Incubation چئبو آهي) ٽيهن ڏينهن کان ستر ڏينهن لڳندا آهن، پر ڪن حالتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيترا مهينا به لڳي سگهن ٿا. جڏهن ڇتي جانور جي زهر جو اثر جسم ۾ ظاهر ٿيندو آهي ته ان جي شروعات چَورَ بخار (Insidious Fever) سان ٿيندي آهي، پوءِ چڪ واري جاءِ تي ساڙو ٿيندو آهي، انهيءَ عرصي ۾ جڏهن زهر جو مڪمل اثر ظاهر ٿيندو آهي ته نڙيءَ جي مشڪن ۾ سيٽ جو عمل (Spasm) ٿيندو آهي، جنهن سيٽ ۾ واڌارو پاڻيءَ جي ڪري ٿيندو آهي اهو ئي سبب آهي ته ڇتي جانور جي کاڌل ماڻهوءَ مريض کي پاڻيءَ کان ڊپ (Hydrophobia) ٿيندو آهي، جو پاڻي سندس نڙيءَ جي سيٽ کي وڌائي ڇڏيندو آهي. (ڪنهن به ڇتي جانور جي کاڌل ماڻهوءَ کي پرکڻ لاءِ پاڻي ڏبو آهي، جي ڇرڪيو (يا ڊنو) ته پڪ ٿيندي آهي ته هن کي ڇتي جانور کاڌو آهي يا ڇتي ٿيڻ جون علامتون ظاهر ٿي پيون آهن، پر جي پاڻيءَ کان نه ڇرڪيو ته پڪ ٿيندي ته کيس ڇتي جانور ناهي کاڌو يا جي کاڌو آهي ته ان ۾ اڃا زهر جون علامتون ظاهر ناهن ٿيون.) زهر جون ٻيون علامتون ان وقت ظاهر ٿينديون آهن، جڏهن مريض جي سقيم حالت هوندي ۽ پنهنجي وس ۾ ناهي هوندو. مريض رکي رکي ڇرڪ ڀريندو آهي. کيس وهم
(Hallucinations) ٿيندو، جنهن ۾ عجيب عجيب شڪليون ڏسندو ۽ انهن جا آواز ٻڌندو آهي ۽ وڦلندو ۽ نيم بيهوشيءَ ۾ رهندو آهي. آخر ۾ مريض ۾ ان جانور جهڙيون اُهي خاصيتون اڀري اينديون آهن، جنهن هن کي چڪ هنيو هوندو آهي، مثلاً ڇتي ڪتي چڪ هنيو هوندو ته مريض ماڻهن کي ڏسي غوريندو ۽ ڀونڪندو آهي ۽ چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪندو اهڙي ڪيفيت مريض ۾ هفتو هلندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڇتائپ- جلد چوٿون)
ترت علاج (First Aid): چڪ واري جاءِ تان گگ کي جلدي صاف ڪري ڇڏجي ۽ مريض کي هر حال ۾ ويڪسين ڪرائجي، جيئن بيماريءَ (زهر) جي اوسر نه ٿئي، ڇو ته في الوقت دنيا ۾ ڪا به اهڙي دوا ايجاد ڪانهي ٿي جا زهر جي رد عمل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريض جو ان سان علاج ڪري کيس بچائي سگهجي.
احتياط: جيئن ته سڀ چڪ هڻندڙ جانور ڇتا نه هوندا آهن، تنهنڪري چڪ هڻندڙ جانور کي ٿي سگهي ته وٺي ٻڌي ڇڏجي، جي ڇتو هوندو ته ڏهن ڏينهن اندر مري ويندو آهي، ٻيو ڇتي ماڻهوءَ (مريض) جا ڪپڙا (جيڪي کيس پاتل هجن) مرڻ کانپوءِ پوري يا ساڙي ڇڏجن.
(19) وڇونءَ جو زهر (Scorpion’s poison): وڇون زهريلو جيت آهي، جيڪو دنيا جي هر خطي ۾ هوندو آهي، پر خاص ڪري گرم ملڪن، ريگستان ۽ جابلو علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هن جي واڌ ويجهه گهميل آب هوا ۾ گهڻي ٿئي ٿي. هن زهريلي جيوَ جو زهر ڏنگ (Stings) ذريعي انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو. وڇونءَ جي ڏنگ هڻڻ سان ئي ان جاءِ تي ساڙو ۽ سور ٿيندو آهي، گول ڳاڙها نشان ٿيندا آهن ۽ ڪجهه دير ۾ اُهي گول ڳاڙها نشان سُڄي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڏنگ واري جاءِ تان رت به وهندو آهي. عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته وڇونءَ جي ڏنگ لڳڻ کانپوءِ ٻارن کي پگهر ايندو آهي، گگ وهندي آهي، دل ڪچي ٿيندي آهي، الٽيون اينديون آهن ۽ بخار ٿيندو آهي، جيڪو چار ڏينهن رهندو آهي، ان سان گڏ ساهه منجهندو آهي. جيڪڏهن وڇون تمام گهڻو زهريلو هجي يا ٻار ۾ زهر گهڻي مقدار ۾ ويو هجي ته ٻارُ مري به سگهي ٿو، پر ڏکڻ هندستان ۾ وڇن جو اهڙو به نسل آهي، جن جي ڏنگڻ سان وڏا ماڻهو به مري ويندا آهن.
(20) ڪوريئڙي جو زهر (Spider Poison): دنيا ۾ تمام گهڻن قسمن جا خطرناڪ ڪوريئڙا ٿين ٿا جن جو زهر ماڻهوءَ لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي. چڪ لڳڻ کانپوءِ ماڻهو مري به سگهي ٿو، اهڙين خطرناڪ ۽ زهريلن ڪوريئڙن ۾ Latrodectus Mactans جي نسل جا اسپيني (Spanish) ڪاري رنگ جا وڏا (Black Widwo Spiders) ڪوريئڙا، جن جي سڄي جسم تي ڪارا وار ٿيندا آهن (هن نسل جي رڳو مادي چڪ هڻندي آهي) ڏکڻ آفريڪا جي L.indistinctus ڪوريئڙن جي نسل مان Button Spider (هي بٽڻ جي شڪل جا هوندا آهن) هنن جي به مادي چڪ هڻندي آهي ۽ آسٽريليا جي مشهور زهريلي قسم جي Atraxrobusts ڪوريئڙن جي نسل مان Funeralweb وغيره اچي وڃن ٿا. هنن ڪوريئڙن جي زهر جون علامتون لڳ ڀڳ ساڳيون ٿينديون آهن، هنن جي چڪ هڻڻ سان ئي چڪ واري جاءِ تي زوردار سور ٿيندو آهي ۽ اها جاءِ ڳاڙهي ٿي سڄي ويندي آهي، ٿوريءَ دير کانپوءِ سور ڀر وارن حصن ڏي وڌندو آهي ۽ جسم ۾ سٽون (جهٻيون Jerks) اينديون آهن. جڏهن زهر گهڻو اثر ڪندو آهي ته مريض جي اکين جون ماڻڪيون سُسُي وينديون آهن ۽ اکيون ڏارا ڏئي اندر هليون وينديون آهن، جسم ۾ پگهر سان گڏ گگ وهندي آهي. جيڪڏهن زهر جو اڃا به گهڻو اثر ٿئي ۽ ان جو وقتائتو علاج نه ٿئي ته مريض جي دل تي زهر جو اهڙو اثر ٿيندو آهي، جو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي نتيجي ۾ مريض مري ويندو آهي.
(21) مڇيءَ جو زهر (Tetrotoxins Poison): (C11, H17, N3 O3) هن قسم جو زهر جپان (Japan) جي سامونڊي ڪنڊن واري مڇيءَ Puffer Fish ۾هوندو آهي. جنهن مڇيءَ مان ڪيميائي گئس (Tetrotoxin) نڪرندي آهي، هن مڇيءَ جي کائڻ (يا کارائڻ) سان ماڻهوءَ جي جسم ۾ اهڙو ته زهر پکڙبو آهي، جو سندس بچڻ محال ٿي پوندو آهي. گهڻو ڪري هيءَ مڇي سازش تحت دشمنيءَ ۾ کارائي ويندي آهي، جنهن جي کارائڻ جا ڪيترا ئي طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن.
(22) نانگ جو زهر (Poison Venom): نانگ جو زهر نانگ جي زهريلين ڳوٿرين (Venmous Sac) ۾ موجود هوندو آهي. نانگ جا پِڪَ پيدا ڪندڙ غدود (Venom Gland) خاص قسم جي زهريلي پِڪَ ٺاهيندا آهن، جنهن کي نانگ جو زهر (Venom) چئبو آهي. نانگ جو زهر پيدا ڪندڙ غدود تعداد ۾ ٻه هوندا آهن جيڪي نانگ جي مٿي جي هيٺان ۽ اکين جي پويان ٿيندا آهن. نانگ جي زهر ۾ مختلف قسم جا ويهه ڪيميائي زهر ٿين ٿا. جيڪو زهر نانگ پنهنجي شڪار (انسان سميت) ۾ اڳين ٻن ڊگهن ڏندن (نيشن Fangs) ذريعي جسم ۾ داخل ڪندو آهي. تنهن کانسواءِ دنيا ۾ اهڙن قسمن جا نانگ به آهن، جيڪي پنهنجو زهر پنهنجي شڪار ۾ مختلف قسمن سان داخل ڪندا آهن.
عام زهريات (Toxicology) جي ماهرن مطابق دنيا ۾ پنجويهه هزار کن نسلن (Species) جا نانگ آهن، جيڪي خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾ رهن ٿا. اهي سڀ نانگ زهريلا ناهن، پر انهن ۾ اڍائي سؤ قسم اهڙا آهن، جيڪي زهريلا آهن، ماهرن انهن اڍائي سئو قسمن جي نانگن کي سندن زهرن، زهرن جي خاصيت ۽ ڪکڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ علامتن جي آڌار تي پنجن قسمن ۾ ورهايو آهي، تن مان هيٺيان ٽن قسمن جا نانگ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ زهريلا ٿين ٿا، جيڪي سڀئي نانگ ۽ انهن جا نسل انسان توڙي مخالف حيوان تي هاسيڪار حملو ڪندا آهن ۽ پنهنجن اڳين نيشن ذريعي زهر داخل ڪندا آهن.
(I) Elapidae: هن قسم جي نانگن ۾ دنيا جا مشهور زهريلا نانگ اچي وڃن ٿا جيئن ڪاريهر (Cobra) خاص ڪري هند-سنڌ جو اصيل ڪارو نانگ (King Cobra)، گڊو ڪاريهر، سنگر چور (Krait) ۽ آفريڪا جو سائي رنگ جو زهريلو نانگ (Mamba).
(II) Viperdae: هن قسم ۾ لنڊي کپر Russellviper ۽ ايشيائي کپر Adder وغيره اچي وڃن ٿا.
(III) Crotalidae: هن نسل جي نانگن ۾ دنيا جا خطرناڪ نسل جا نانگ شامل آهن، جن جي اڪثريت آمريڪا ۾ ٿئي ٿي، جيئن Crotalidae Viper، لنڊيءَ جي نسل سان ملندڙ آمريڪي ٽلي نانگ. هن نانگ جي هلڻ تي سندس پڇ مان ٽليءَ جو آواز ايندو آهي، تنهن ڪري هن کي ٽلي (گهنڊڻي) نانگ چوندا آهن، ٻيو آمريڪا جو Rattle Snake جنهن جي پڇ ۾ ڄاهي وانگر ڪنڊا ٿيندا آهن، تنهن ڪري هن جي هلڻ سان کڙڪي جو آواز نڪرندو آهي، ٽيون اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جو Crotalus Horridus نانگ، جنهن جي ڪکڻ سان ماڻهوءَ جي نس نس ۽ وارن جي پاڙن (سوراخن) مان به رت نڪري پوندو آهي، چوٿون امريڪا جو زهريلو نانگ Lachesis جنهن جي چڪ هڻڻ سان مريض سان جيڪو حشر ٿئي ٿو، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي پر هن جي پڪڙڻ (۽ مارڻ سان به) ماڻهوءَ جو رنگ واڱڻائي (Purple) ٿيو وڃي، هن جي زهر کي ڪينسر جي علاج طور ڪتب آندو ويندو آهي. هن نانگ جي زهر مان هندستان وارن تجربا ڪري وڏو فائدو ورتو آهي. تنهن کانسواءِ هن نانگ جي زهر مان هوميوپيٿيءَ جي جڳ مشهور دوا Lachesis ٺاهي ويندي آهي، جيڪا کاٻي پاسي جي اڌ رنگ لاءِ ڪارائتي دوا آهي.
جڏهن Elapidae نسل جا نانگ چڪ هڻندا آهن ته پهريائين اها جاءِ سُن (Numb) ٿي ويندي آهي. چڪ واري جاءِ جون مشڪون ڪمزور ٿي وينديون آهن ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اکين جا ڇپر لڙڪي (نمي) ڪري پوندا آهن (تنهن ڪري اکيون بند ٿي وينديون آهن)، هلڻ ۾ مريض ٿڙندو آهي، ڳالهائڻ وچڙندو اٿس، ساهه ۾ تنگي ٿيندي آهي ٿورو وقت گذرڻ کانپوءِ ڳيت ڏيڻ ۾ تڪليف (Dysphagia) ٿيندي آهي يا ڳيت ڏئي نه سگهندو آهي جيئن ته هن قسم جي نانگن جو زهر مريض جي تنتي اوڄن (Nerve Tissue) تي اثر ڪري جسم جي تنتي اوڄن کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. تنهنڪري هي زهر تنتن کي تباهه ڪندڙ Neurotoxin آهي. هن سگهاري تنتي زهر جو جيڪڏهن تڪڙو علاج نه ٿيو ۽ علاج ۾ ڪوتاهي يا دير ٿي ته مريض ڇهن ڪلاڪن کان 24 ڪلاڪن اندر مري ويندو آهي. جڏهن Viperdae ۽ Crotialidae قسم (نسل) جا نانگ چڪ هڻندا آهن ته هڪ ٻن ڪلاڪن ۾ موت ٿي ويندو آهي. چڪ لڳڻ سان چڪ واري جاءِ جي اوڄن ۾ ڀرپور بگاڙ جو سلسو شروع ٿي ويندو آهي، چڪ واري جاءِ تي ڀرپور سور ۽ سوڄ ٿيندي آهي، رت وهندو آهي ۽ چمڙي لهي ويندي آهي، دل ڪچي ٿيندي آهي ۽ دل وسامندي آهي جنهن جي دل جي بيهي وڃڻ جي شروعات ٿيندي آهي. جيڪڏهن نانگ جا نيش (Fanqs) ڪنهن نس (Vein) ۾ لڳا هوندا ته مريض جو موت چند گهڙين ۾ رت جي ڇڊي ٿيڻ Non-Coagulation سبب يا وهي وڃڻ ڪري ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن چڪ شريان (Artery) ۾ لڳو هوندو ته مريض جو موت رڳن (شريانن) ۾ رت ڄمي (Coagulate) وڃڻ ڪري ٿيندو آهي. رت ڇڊو ٿي وڃي يا گهاٽو ٿي وڃي، ٻنهي صورتن ۾ دل بيهي ويندي (Cardiac failure) آهي.
ترت علاج (First Aid): اهو ضروري ناهي ته هر نانگ زهريلو هجي (جنهن لاءِ مٿي ٻڌايو ويو آهي) يا وري زهريلو آهي به ته ان جو چڪ ڪپڙي تي لڳو هجي يا چڱيءَ طرح نيش ڦٻيا نه هجن. گهڻن ماڻهن جو موت رڳو نانگ جي ڊپ ۽ هراس ۾ به ٿيندو آهي، تنهن ڪري عام چوڻي آهي ته:
”سَپُ نه ماري، سَپَ جو سِراپُ ماري“
نانگ جيڪڏهن زهريلو هوندو آهي ته ان جي نشاني آهي ته چڪ واري جاءِ تي ٻه برابر نشان هوندا آهن. ٻن کان وڌيڪ نشان هجن ته سمجهڻ گهرجي نانگ زهريلو ناهي (بي ضرر آهي)، زهريلي نانگ هجڻ جي صورت ۾ چڪ واري جاءِ کان چار آڱر وٿيءَ سان ڇڪي پٽي ٻڌجي ۽ وري ان کان چار آڱر مٿي هڪ ٻي پٽي ٻڌجي. ان کانپوءِ چڪ واري جاءِ تي اڌ انچ اونهو ۽ هڪ انچ ڊگهو چاقو يا بليڊ سان چهڪ ڏجي ۽ هر هر زور ڏئي زهر وارو رت ڪڍبو رهجي. وهندڙ (نڪرندڙ) رت کي صاف ڪندو رهجي، انهيءَ بعد اڌ ڪلاڪ ۾ ٻئي پٽيون هڪ منٽ لاءِ ڇوڙي وري ٻئي پٽيون ساڳي نموني ساڳي هنڌ ٻڌي ڇڏجن. ممڪن هجي ته چڪ واري جاءِ تي چهڪ واريءَ جاءِ جي مٿان پوٽيشيم پرمينگانيٽ Potassium Permanganate يعني جيوڙن مارڻ واري ڳاڙهي دوا. ڪُٽي ٻورو (پائوڊر) ڪري مٿان ٻرڪندو رهجي جيستائين وڃي مريض کي اسپتال ڀيڙو ڪجي.
(ب) زهر جو ترياق (Poison Antidotes):
مٿي ڏنل معلومات ۾ جتي به ضروري سمجهيو ويو آهي، زهر جو ترت علاج ڏنو ويو آهي. علاج کان اڳ ۾ زهر جو ترياق ۽ معدي کي زهر کان آجو (صاف) ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا ويا آهن. باقي زهر جو علاج زهر جي مناسبت (قسم) سان اسپتال ۾ ٿيڻو آهي.
(1) Decontamination: کاڌي جي زهر (Food Poison) جي صورت ۾ معدي صاف ڪرڻ جو اهو طريقو هوندو آهي ته ڪوئلو ڪُٽي پائوڊر ڪري ڦڪائبو آهي، ته جيئن الٽي اچي ته فوراً معدي مان زهريلو کاڌو الٽيءَ ذريعي نڪري وڃي، ڪوئلو نه ملي ته ڪڻڪ جي ماني تئي تي ساڙي ڪوئلو ڪري پائوڊر ڪري هر هر ڦڪائجي، جيئن الٽي اچي ته معدو زهر کان آجو ٿئي، يا وري پکيءَ جو کنڀ (Feat her) هر هر ڪاڪڙي ۾ هڻي الٽي ڪرائجي، پر سڀ کان فائديمند ڪوئلي جو پائوڊر آهي، ڇو ته ڪوئلي جي پائوڊر ۾ الٽي ڪرڻ جي خاصيت پنهنجي جاءِ تي پر ڪوئلي ۾ زهر کي جذب ڪرڻ جي وڏي خاصيت آهي.
نوٽ: ڪوئلي جو پائوڊر: سوڊيم، پوٽيشيم، تيزاب کارن مادن
(Alkalies) لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪارائتو ناهي، ڪيميائي مادن جي زهرن کي ڪڍڻ لاءِ هيٺيان طريقا فائديمند آهن.
(2) Gastric Lavage يا Stomach Pump: معدي ۾ نلڪي (Tube) وجهي عام پاڻيءَ يا ڪيميائي (لوڻاٺيل) پاڻي (Saline) سان معدي کي صاف ڪيو ويندو آهي. معدي کي هر زهر لاءِ صاف ڪرڻ جو هي طريقو اسپتالن ۾ سالن کان هليو پيو اچي.
(3) Naso gastrica spiration: هن طريقي ۾ نڪ ۾ نلڪي اُماڻي معدي تائين پهچائي ويندي آهي انهيءَ کانپوءِ زهر کي معدي مان چوسڻ
(Suction) ذريعي ڪڍيو ويندو آهي. هن قسم جو زهر ڪڍڻ جو طريقو ان صورت ۾ ڪتب آڻبو آهي، جڏهن مريض پاڻيٺ (Liquid) وارو زهر پيتو هوندو آهي يا وري ڪوئلي جو پائوڊر الٽيون ڪرائڻ يا زهر جي اثر کي ماٺو ڪرڻ ۾ ناڪام ويندو آهي.
(4) Cathratics: هن طريقي سان جلاب آور Purgative ڪيميائي لوڻاٺيل پاڻي، جنهن ۾ سوڊيم سلفيٽ، ميلينيشم سٽريٽ ۽ ميگنيشيم سلفيٽ هوندا آهن جي ذريعي معدي ۽ آنڊن ۾ پهچائي هٿرادو دست ڪرائي زهر ڪڍيو ويندو آهي.