زوار بسنت

زوار بسنت

زوار بسنت

زوار بسنت: مشھور شرناءِ نواز زوار بسنت ولد استاد پير بخش خان 1885ع ڌاري ٽئين نمبر تلاءَ جي مکي باغ واري پاڙي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ خانداني طور سماٽ قبيلي جو فقير هو. مڱڻهار فقير گهراڻي مان هئڻ ڪري ننڍپڻ کان ئي دهل وڄائڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ کيس شرناءِ جو شوق ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ دهل ۽ شرناءِ وڄائڻ ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين. خانصاحب خير محمد خان سندس استاد هو، جنهن جي محنت سان مختصر عرصي ۾ هي سولو ڪلاسيڪل شرناءِ نواز طور مشھور ٿيو. هن گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي راڳ راڻو ۽ ڪوهياري ڳايا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين. 1946ع ۾ آڪاشواڻي ريڊيو احمدآباد بڙودا تي پڻ پروگرام ڪيائين. بسنت خان هندوستان ۾ اجمير شريف، دهلي، آگري ۽ راجستان صوبي جي ڪيترن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ زوار بسنتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو