زورآور سنگهہ: بيڪانير جي راجائن ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جا پاڻ ۾ گهرا تعلق هئا. ’تاريخ بيڪانير‘ ۾ راءِ موهن لعل ڀٽاگر ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي هڪ سفير کي بيڪانير موڪليو ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي تہ منهنجو پٽ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو ۽ راجا جنگ سنگهہ جو پٽ ڪنور راج سنگهہ پاڻ ۾ پٽڪا بدلائين تہ جيئن اتحاد ۽ دوستيءَ وارو سلسلو قائم ٿي وڃي.“ ان کانسواءِ ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول ڄاڻائي ٿو تہ 1741ع ۾ بيڪانير جي راجا زور آور سنگهہ ۽ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي پٽڪا بدلايا، ان مان ظاهر آهي تہ ميان نور محمد خان، ميان غلام شاھہ ۽ ميان سرفراز خان ۽ بيڪانير جي راجائن زور آور سنگهہ، جنگ سنگهہ ۽ ڪنور راج سنگهہ پنھنجي پنھنجي دؤر ۾ پٽڪا بدلائي، اتحاد ۽ دوستيءَ کي قائم رکيو. انهيءَ حوالي سان سنڌيءَ ۾ ”پڳ مٽ ياري“ وارو اصطلاح پڻ مشھور آهي.