زونڪي ٻائيءَ وارو کوھہ: هي کوھہ موري شھر جي وچ ۾ مارڪيٽ چؤنڪ ڀرسان هڪ درويش صفت بزرگ سومر فقير سومري جي گهر ڀرسان هوندو هو. هڪ روايت آهي تہ: ”سومر فقير آڌيءَ رات جو هن کوھہ تان مسجد لاءِ پاڻي ڀرڻ لاءِ اٿندو هو ۽ فجر تائين مسجد جا مٽ، دلا ۽ نمازين جي وضو ڪرڻ لاءِ حوض ۽ ڪؤنئرا ڀري پوءِ فارغ ٿيندو هو. اها هن درويش جي روزاني ڪرت هوندي هئي.“ هن کوھہ تان شاهي بازار جي اوڀر واري آبادي پيئڻ جو پاڻي ڀريندي هئي ۽ چوپائي مال کي پاڻي پياريو ويندو هو. هن کوھہ جي ڀرسان رات جو هڪ وڏي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ مقامي وڏڙا هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا هئا. هن کوھہ جي اوڀر ۾ ساڌو رام جو ٺڪاڻو هوندو هو، جتي وڏا وڏا هندو ڀڳت ايندا هئا ۽ عوام جي وندر ۽ تفريح لاءِ پروگرام پيش ڪندا هئا.