
زيارت گاهه

زيارت گاهه

زيارت گاهه

زيارت گاهه
زيارتگاهون: زيارتگاهون مسلمان توڙي ٻين مذهبن وارن جي مقدس جاين/ هنڌن کي چئبو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري هندو ۽ مسلمان برادريون قديم دؤر کان آباد رهيون آهن. ان ڪري هندن توڙي مسلمانن جون ڪيتريون ئي زيارتگاهون آهن. مسلمانن ۾ زيارتگاهن تي وڃڻ جو سلسلو ڪربلا جي دردناڪ واقعي کانپوءِ شروع ٿيو. خصوصاً شيعا اثنا عشري فرقي وارا ڪربلا، نجف، شام، سامرو ۽ مشهد ۾ زيارتون ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام، حضرت عباس عليہ السلام ۽ ٻين شهداءِ ڪربلا جون زيارتگاهون، نجف ۾ حضرت امام علي عليہ السلام جي، جنت بقيعه ۽ مديني ۾ بيبي فاطمة زهرارضه ۽ چئن امامن ۽ مشهد ۾ حضرت علي رضا عليہ السلام ۽ شام ۾ بيبي زينبرضه ۽ معصوم بيبي سڪينهرضه جون زيارتون آهن ۽ انهن مقدس زيارتگاهن تان زيارت ڪري ايندڙن کي زائر ۽ زوار چيو وڃي ٿو. زوار صرف ڪربلا جي زيارت ڪرڻ واري لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. لکين هندو ورهاڱي وقت ڀارت لڏي ويا هئا، پوءِ بہ سنڌ ۾ لکين هندو آباد آهن جن جي زيارتگاهن جا ڪيترا مشھور هنڌ موجود آهن. بلوچستان جي علائقي هنگلاج، گنجي ٽڪر، ساڌ ٻيلي، اروڙ، ٺٽي، سونڊا، عمرڪوٽ، جاتي، شڪارپور، گهوٽڪي، پني عاقل ۽ ٻين هنڌن تي زيارتگاهون ۽ انهن جا آثار موجود آهن ۽ انهيءَ سان گڏ هندن جي پوڄا پاٺ وارا هنڌ بہ ڪافي موجود آهن. سنڌ جا مسلمان جيئن تہ اڪثر صوفي طريقي جا پوئلڳ آهن، ان ڪري صوفي بزرگن ۽ اوليائن جون درگاهون ۽ آستانا هندن توڙي مسلمانن جي عقيدت ۽ عبادت جو خاص مرڪز آهن. چنڊ جي پهرين تاريخ توڙي ٻين مذهبي ڏهاڙن تي انهن تي وڃي دعائون گهرڻ، ننگر نياز ورهائڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ماڻهو درگاهن تي وڃي بزرگن جي مزارن تي گل وجهن ٿا. گڏوگڏ هو مٺائي، چانور يا ٻيون شيون ورهائن ٿا ۽ پنھنجي وس آهر رقم، نذراني جي پيتين ۾ وجهن ٿا. بزرگن جي مزارن تي چادرون چاڙهڻ عقيدت جي اظهار طور شامل ٿئي ٿو. سنڌ ۾ قلندر لال شهباز، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري، سچل سرمست، شاھہ عنايت شھيد جون درگاهون خاص زيارت گاهن ۾ شمار ٿين ٿيون. زيارت گاهن جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ حڪومت پاڪستان جو اوقاف کاتو موجود آهي.