زيارت نامو

زيارت نامو

زيارت نامو

زيارت نامو (ڪتاب): هي ڪتاب نظير حيات سيوهاڻيءَ جو مرتب ڪيل آهي، ڪتاب ۾ سنڌ جي پهرين مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جو منظوم سفرنامو ڏنل آهي جيڪو دراصل زيارت نامي جي نالي سان مشھور آهي. هي منظوم سنڌي سفرنامو سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان پهريون سفرنامو آهي. هي سفرنامو ڪيترائي ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. ڪتاب ۾ زيارت نامو محنت سان حاشين سميت ڏنل آهي.
ڊيمي سائيز ۾ 162 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي يادگار اڪيڊميءَ طرفان 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ زيارت ناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو