
زيبا بختيار
زيبا بختيار: فلم ۽ ٽي. ويءَ جي خوبصورت اداڪارہ زيبا بختيار، 5 نومبر 1971ع تي اڳوڻي اٽارني جنرل يحييٰ بختيار جي گهر ۾ جنم ورتو. هن اداڪاريءَ جي شروعات ٽي. وي ڊرامن کان ڪئي. پي. ٽي. وي تي سندس پهريون ڊرامو ’انارڪلي‘ هو، ان بعد هن پي. ٽي. ويءَ جي مختلف سيريلز ۾ اداڪاري ذريعي شھرت ماڻي. ان بعد راج ڪپور بينرز جي هدايتڪار رنڌير ڪپور کيس 1991ع ۾ بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ’حنا‘ ۾ ڪاسٽ ڪيو، جنهن کيس سپر هٽ اداڪارہ بڻائي ڇڏيو. 1995ع ۾ لالي ووڊ جي هدايتڪار سيد نور پنھنجي فلم ’سرگم‘ ۾ زيبا کي هڪ سنجيدہ ۽ باوقار هيروئن جي روپ ۾ پيش ڪيو انهيءَ فلم ۾ زيبا بختيار جي شاندار اداڪاريءَ جو اعتراف ڪندي کيس پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي سڀ کان وڏي نگار اوارڊ سان نوازيو ويو. 90 واري ڏهاڪي ۾ زيبا بختيار پاڪستاني ۽ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ پنھنجي ڪيريئر جو شاندار دؤر گذاريو، ان کان سواءِ ’اور محبت ڪي آرزو‘،
’اسٽنٽ مين‘، ’جئي وڪرانا‘، ’مقدمه‘، ’چيف صاحب‘، ’قيد‘ ۽ فلم ’بابو‘ ۾ پنھنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. انهيءَ عرصي دوران هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. سندس شادي 90 واري ڏهاڪي ۾ مشھور پاپ گلوڪار عدنان سميع سان ٿي، ٻن سالن بعد سندن عليحدگي ٿي وئي. زيبا بختيار پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ ٻين کان منفرد ۽ نرالي اداڪارہ رهي آهي.
1971.11.05 عيسوي
فلم ۽ ٽي. ويءَ جي خوبصورت اداڪاره زيبا بختيار، 5 نومبر 1971ع تي اڳوڻي اٽارني جنرل يحييٰ بختيار جي گهر ۾ جنم ورتو.