
زيب النساء جي خيالي تصوير
زيب النساء: نامور مغل شھزادي زيب النساءِ اورنگزيب عالمگير جي سڀ کان وڏي ڌيءَ، 10 شوال المڪرم 1047ھہ/15 فيبروري 1638ع ۾ دولت آباد دکن ۾ پيدا ٿي. هن جو نالو زيب النساء سندس ڏاڏي شاھجھان رکيو هو. هيءَ سڄي عمر ڪنواري رهي ۽ محرم الحرام 1114/مئي 1702ع ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪيائين. کيس دهليءَ ۾ ٽيھہ هزاري باغ ۾ دفن ڪيو ويو. زيب النساء جي ماءُ دلرس بانو بيگم، شاهنواز خان صفويءَ جي ڌيءَ هئي. جنهن جو مقبرو اورنگ آباد (دکن) ۾ آهي. زيب النساء کي ننڍي هوندي کان ئي علمي ادبي شوق ۽ ذوق هوندو هو. جڏهن هي پنجن سالن جي ٿي تہ حافظ مريم کي سندس اتاليق مقرر ڪيو ويو. حافظہ مريم اورنگزيب جي معتمد عنايت ﷲ خان جي ماءُ ۽ شڪر ﷲ ڪشميريءَ جي زال هئي. حافظہ مريم جي ڪوشش سان زيب النساء ننڍپڻ ۾ ئي قرآن جي حافظ ٿي. جڏهن اورنگزيب کي اها خبر پئي، تڏهن ان خوشيءَ مان زيب النساء کي ٽيھہ هزار اشرفيون ڏنائين. ابتدائي ڪتاب بہ زيب النساء حافظہ مريم کان پڙهيا، ان کانپوءِ باقاعدہ علم صرف ۽ نحو ملا جيوڻ کان پڙهيائين. هن ملا سعيد اشرف مازندرانيءَ کان بہ ٻيا ضروري علم پڙهيا. علم فقه، علم حديث ۽ شاعري بہ ملا اشرف کان سکيائين. تاريخ اهو بہ ٻڌائي ٿي تہ زيب النساء پنھنجي دؤر جي بھترين خطاط هئي.
زيب النساء پنھنجي پيءُ جي نجي زندگيءَ ۾ ساڻس هميشہ ڌيءَ واري همدردي ۽ تعاون سان پيش ايندي هئي ۽ سفر ۽ حضر ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي. زيب النساء ٻئي جلوس شاهي (1069ھہ/1685ع) جي موقعي تي هڪ خاص تحفو بادشاھہ جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن تي بادشاھہ طرفان کيس چار لک روپيا انعام طور ڏنا ويا. زيب النساء درٻاري سياست کان پري رهندي هئي ۽ هميشہ علمي ادبي مشغلن ۾ مصروف هوندي هئي. 1092ھہ/1681ع ۾ راجپوتن اورنگزيب جي خلاف بغاوت ڪئي تہ بادشاھہ پنھنجي پٽ اڪبر کي انهن باغين جي سرڪوبي لاءِ موڪليو، پر شھزادو اڪبر ڪنهن جي فريب ۾ اچي پنھنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪرڻ لڳو. انهيءَ تي اورنگزيب کي اهو شڪ ٿيو تہ زيب النساء بہ شايد شھزادي اڪبر سان گڏ آهي. انهيءَ شڪ ۾ اورنگزيب پنھنجي ڌيءَ زيب النساء کي سليم ڳڙھہ جي قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ سندس وظيفو (چار لک روپيا) پڻ بند ڪري ڇڏيائين پر جلد اورنگزيب کي خبر پئي تہ زيب النساء انهي بغاوت ۾ شامل نہ هئي. جنهن کانپوءِ اورنگزيب پنھنجي ڌيءَ کي محل ۾ واپس آندو. زيب النساء کي پنھنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن سان ڏاڍي محبت هئي. زيب النساء جي باري ۾ عشقيہ داستان بہ مشھور ٿيا جن ۾ عاقل خان وارو قصو شامل آهي، جنهن کي اورنگزيب مارائي ڇڏيو هو.
زيب النساء ڪجهہ عمارتون تعمير ڪرايون. هن آگري ۾ جمنا جي ڪناري تي هڪ مسجد ۽ هڪ ڪشمير ۾ مسجد تعمير ڪرائي. زيب النساء کي فارسي ۽ عربي زبانن تي عبور حاصل هو. هوءَ حافظ قرآن سان گڏ بھترين خطاط هئي. زيب النساء هڪ قيمتي ڪتب خاني جي مالڪه هئي. اهو ڪتبخانو قيمتي ۽ نادر قلمي فارسي ۽ عربي ڪتابن سان ڀريل هو. هن جي سرپرستيءَ ۾ فخر الدين رازيءَ جي ڪتاب ’تفسير ڪبير‘ جو عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ملاصفي الدين ارد بيلي ’زبرة التفاسير‘ جي نالي سان ڪيو، زيب النساء هڪ ڪتاب ’زيب المنشآت‘ مرتب ڪيو هو، ان کانسواءِ زيب النساء جي شاعريءَ بابت بہ گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي، سندس ’ديوان مخفي‘ زيب النساء ڏانهن منسوب آهي، ڪن ان ديوان جو مصنف مخفي جو رهاڪو ڄاڻايو آهي.
1638.02.15 عيسوي
نامور مغل شهزادي زيب النساءِ اورنگزيب عالمگير جي سڀ کان وڏي ڌيءَ، 10 شوال المڪرم 1047هه/15 فيبروري 1638ع ۾ دولت آباد دکن ۾ پيدا ٿي.