زيب النساءِ بيگم جو مقبرو

زيب النساءِ بيگم جو مقبرو

زيب النساءِ بيگم جو مقبرو

زيب النساءِ بيگم جو مقبرو: مشھور مغل شهنشاھہ اورنگزيب عالمگير جي ڌيءَ زيب النساءُ جي مقبري بابت تاريخ ۾ ٻہ رايا ملن ٿا. ڪن مؤرخن مطابق زيب النساءَ جو عاليشان مقبرو ’صاحبة الزماني‘ جي نالي سان ٽيھہ هزاري باغ دهليءَ ۾ تيار ٿيو جيڪو انگريزن جي آمد تائين موجود هو ۽ جڏهن دهليءَ ۾ ’راجپوتانه- مالوه‘ ريلوي لائن 1880ع ۾ تيار ٿي تہ زيب النساءِ جو مقبرو ان ريلوي لائن جي زد ۾ اچي ويو ۽ ان کي مسمار ڪيو ويو. ڪجهہ ماڻهن جي چوڻ مطابق تہ زيب النساءِ جو مقبرو لاهور ۾ ’نوان ڪوٽ‘ وٽ آهي. لاهور ۾ ملتان روڊ تي ’ڇپر اسٽاپ‘ ويجهو کنڊرن جي حالت ۾ هڪ مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو زيب النساءَ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. ڪن مؤرخن موجب اهو مقبرو شاھجھان بادشاھہ جي وڏي ڌيءَ جو آهي، پر اڪثر ان کي اورنگزيب عالمگير جي ڌيءَ زيب النساءِ جو مقبرو ڪوٺين ٿا. مقبري جو لوهي دروازو، آثار قديمہ وارن مقبري جي حدن جي نشانيءَ طور نصب ڪيو آهي. هتان کان هڪ وسيع ۽ ويڪرو رستو مقبري اندر وڃي ٿو، جتي چار فوٽ اوچو هڪ پليٽفارم آهي، جنهن تي اهو مقبرو اڏيو ويو آهي. مقبري جي مرڪزي پليٽفارم تي ڪيترا وڻ بيٺل آهن، جنهن ڪري مقبري جو ڪافي حصو لڪل آهي. هتي هڪ بورڊ ٽنگيل آهي، جنهن تي لکيل آهي تہ هي مقبرو زيب النساءِ نالي خاتون جو آهي. مقبري تي هڪ گول ۽ تمام سھڻو گنبذ اڏيو ويو آهي، جيڪو اندران ٻاهران وڻندڙ آهي. ان تي تمام سھڻي نقش نگاري ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي، مقبرو سار سنڀال نہ هئڻ سبب ڀري چڪو آهي. هن مقبري جي چئن ئي طرفن ۾ چار وڏا داخلي دروازا آهن. مقبري جي سموري عمارت اٽڪل چار فوٽ اوچي هڪ پليٽفارم تي اڏي وئي آهي. مقبري اندر داخل ٿيندي ئي هڪ ٻيو پليٽفارم نظر اچي ٿو، جيڪو اٽڪل اڍائي فوٽ اوچو آهي جنهن تي هڪ قبر ٺهيل آهي، جنهن متعلق اڪثر مؤرخن جو خيال آهي تہ اها هندستان جي مغل بادشاھہ اورنگزيب عالمگير جي وڏي ڌيءُ زيب النساءِ
’مخفي‘ آهي. هوءَ پنھنجي دؤر جي قابل ۽ مشھور علمي ادبي شخصيت ٿي گذري آهي. چيو وڃي ٿو تہ زيب النساءِ پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي پنھنجي مقبري لاءِ جاءِ چونڊي ڇڏي هئي، جيڪا شايد اها ئي هئي، پر تاريخون ان تي متفق ناهن تہ ڪو زيب النساء کي لاهور ۾ دفن ڪيو ويو هو. ’دائره معارف اسلاميہ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته،
زيب النساء دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ کيس دهليءَ ۾ ڪابلي گيٽ وٽ ٽيھہ هزاري باغ ۾ دفن ڪيو ويو هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو