زيتون

زيتون

زيتون

زيتون

زيتون

زيتون (Guava): زيتون کي انگريزيءَ ۾ گئاوا (Guava) ۽ اردوءَ ۾ ’امرود‘ چئبو آهي. زيتون جو سائنسي نالو Psidium Guajava آهي، جيڪو مائريٽيسي ڪٽنگ خاندان (Myrtacae Family) سان تعلق رکي ٿو. زيتون شروعاتي دؤر ۾ ميڪسيڪو، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، ڪئليفورنيا ۽ برازيل ۾ ٿيندو هو، جتان پکڙجي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ ننڍي کنڊ: هندوستان ۽ سنڌ/پاڪستان ۾ اچي پهتو، جتي زمين ۽ آبهوا جي موافقت مطابق وڌندو رهيو. پاڪستان جي ڪيترن شهرن ۾ هن ميوي جي مختلف جنسن جي پوک ڪاميابيءَ سان ڪئي وڃي ٿي، جن ۾ قلات، بنون، ديرا اسماعيل خان، فيصل آباد ۽ سنڌ جي لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور ميرس، نوشهري فيروز، حيدرآباد شهرن ۾ هي ميوو ڪاميابيءَ سان ٿئي ٿو، پاڪستان جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ زمين، موسم ۽ آبهوا جي لحاظ کان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زيتون وڏي ڪاميابيءَ سان ٿئي ٿو. زيتون مان وٽامن سي، تمام وڏي مقدار ۾ حاصل ٿئي ٿي زيتونن ۾ لوهه، فاسفورس، ڪئلشيم، پيڪٽن ۽ وٽامن اي (معدنيات) موجود آهن. ناقص غذا ۽ خوراڪي جزن جي کوٽ هئڻ ڪري انساني جسم ۾ ڪيتريون بيماريون لڳن ٿيون. پر زيتون جي استعمال سان انهن بيمارين تي ڪافي ضابطو آڻي سگھجي ٿو. لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو- ماهوٽا آگاڻي وارن علائقن ۾ زيتون جي سٺي پوک ٿيندي آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جا زيتون سنڌ، پاڪستان توڙي ٻاهر مشهور آهن. لاڙڪاڻي جو زيتون ڪافي لذت دار ٿئي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ به ڪافي خوبصورت هوندو آهي.
آبهوا (Climate): زيتون جي پوک لاءِ گرمي گھرجي، پر وچولي ۽ گرم قسم جي آبهوا ۾ به پوکي سگھجي ٿو.
زمين (Soil): ڪلراٺي، وارياسي ۽ سم واري زمين کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به قسم جي زمين ۾ جنهن ۾ سڀڪو ميوو ڪاميابيءَ سان لڳي نٿو سگھي، انهيءَ ۾ زيتون لڳائي سگھجي ٿو، پوءِ ڀلي اها زمين چيڪي هجي، سخت قسم جي هجي يا هلڪي وارياسي هجي، پر عام طور لٽاسي زمين ۾ زيتون جو فصل ڪامياب آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ پيدائش ڏئي ٿو.
زمين جي تياري (Land Preparation): باغ لاءِ رٿيل زمين مان جھنگ وڍي لاهه ۽ پاڙون ڪڍي صاف ڪجن. انهيءَ کان پوءِ زمين کي چڱيءَ طرح سان (هر، ڪيڻون ڏئي) ڪمائجي. ان لاءِ اڌ جريب 1/4 ايڪڙ جا ٻارا تيار ڪري چؤگرد ڏهن فوٽن جا رستا ڪڍجن. هر هڪ ٻاري کي ڪيڻ لڳائي هموار ڪجي. اهڙيءَ طرح 30x30 فوٽن جي مفاصلي تي چورس (Square Method) يا ڇهه ڪنڊي طريقي (Hexagonal Method) سان ماپ وٺي، ٽي فوٽ اونها ۽ ٽي فوٽ ويڪرا کڏا کوٽجن، جن ۾ ٻه حصا لٽياسي مٽي ۽ هڪ حصو ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ ۾ چڱيءَ طرح ملائي کڏن کي ڀرجي ۽ هر کڏي ۾ ڪاٺ جو ڪلو يا ڪانو ماپ آهر نشان طور لڳائجي ته جيئن چڪي لڳائڻ وقت نشان ظاهر ٿئي ۽ قطار سڌي بيهي. هي سمورو ڪم چڪين لڳائڻ کان هڪ مهينو اڳ ڪجي. انهيءَ وچ ۾ کڏن کي پاڻي ڏجي ته جيئن مٽيءَ ۾ ملايل ڀاڻ گرمي ڇڏي ٿڌو ٿي وڃي ۽ مٽي به کڏي ۾ ڄمي وڃي، تنهن کانپوءِ رهيل مٽي ۽ ڀاڻ مليل کڏن ۾ وجھي کڏا لتاڙي ڀري ڇڏجن. زيتون جون مختلف علائقن ۾ مختلف جنسون ڪامياب آهن، جن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.
لاڙڪاڻي ضلعي جون مشهورن جنسون: ريالي (Riali): هن جنس جو وڻ وچولي قد جو ٿيندو آهي، ان جا پن ننڍا سوڙها، وچولو ڇٽو هڻندڙ، ميوو گھگھي نموني، کل نرم لسي، رنگ هلڪو پيلو، وزن 50 کان 150 گرام، مندائتو فصل وڌيڪ ڏيندو آهي. پيدائش 5 کان 7 مڻ في وڻ اٿس، هن جنس جو مارڪيٽ ۾ ملهه سٺو آهي.
مقامي سنڌي (Local Sindhi Larkana): هن جنس جو وڻ ريالي ۽ ٿڌا راميءَ کان قد ۾ ڊگھو ٿئي ٿو ۽ اُن جو ڦهلاءُ ۽ ڇٽو (Spreading) به وڌيڪ آهي. هن زيتون جو پن ننڍو ۽ سنهو وچ تي ويڪرو ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ سوڙهو هوندو آهي. وڻ ۾ ٽارين جو تعداد گھٽ هوندو آهي. ٿڙ جي موڪر وچولي هوندي آهي. شاخن ۾ ميوو جدا جدا جھليندو آهي. زيتون شڪل ۾ دلي يا گھگھيءَ نموني يعني هيٺان ٿولهه ۾ ويڪرو ۽ مٿي ڳچيءَ يا بونڊ ۾ سوڙهو هوندو آهي. ميوي جو وزن 50 کان 100 گرام ٿئي ۽ کائڻ ۾ مٺو ۽ ذائقيدار هوندو آهي، ڳر ۾ ٻج گھڻو هوندو اٿس. کل جو رنگ سائي کان پيلو، مٿاڇرو لسو هوندو اٿس. پيدائش 4 کان 5 مڻ في وڻ لهندو آهي. هن زيتون جو مارڪيٽ ۾ مُلهه تمام سٺو ملندو آهي. هيءَ لاڙڪاڻي جي تمام ڪامياب جنس آهي.
ٿڌا رامي (Thada Rami): هن جنس جو وڻ ٻين سڀني کان وڌيڪ گھاٽو ڇٽو هڻندو آهي. پن ڊگھا ۽ ويڪرا چوٽيءَ ۾ سوڙها ٿين ٿا. ميوو جھڳٽن ۽ ٽارين ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ميوا جھليندو آهي. هن جو ميوو اٽڪل 400 گرام تائين وزني ٿيندو آهي. شڪل ۾ سخت، رنگ گهرو سائو ۽ ذائقي ۾ کٽو ٿيندو آهي. حفاظت ڪرڻ جي خاصيت اٿس. ٻنهي مندن اونهاري ۽ سياري ۾ فصل هڪ جھڙو کڻندو آهي. ميوي کي گھڻي سرديءَ ۾ ڪوڙهه جو مرض لڳندو آهي، تنهنڪري خاصيت خراب ٿي پوندي اٿس ۽ مارڪيٽ ۾ ملهه گھٽ ملندو آهي. پيدائش 3 کان 5 مڻ في وڻ ڏيندو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ٻيون جنسيون جهڙوڪ: مالٽو، گولو، شملو کانسواءِ ننڍي پيماني تي ميهو، ڪريلو، ونگو، سرخو گول، سفيدو، چتريدار، رمضاني، الهه آبادي، فيصل آبادي ۽ بنا ٻج واريون جنسون پوکيون وڃن ٿيون.
چڪين لڳائڻ جي مند (Season of Transplanting): چڪين لڳائڻ لاءِ بهار جي موسم يعني آخر فيبروريءَ کان مارچ ۽ سرءُ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر وارا مهينا موزون آهن. چڪيون کڏن ۾ لڳل ڪاٺ جي جاءِ تي مٽي کوٽي سندن اصل مٽيءَ جي ڳوڙهي جي نشان تائين سڌيون وهارجن ۽ سندن چوڌاري دڪيون ٺاهجن ته جيئن پاڻي سڌيءَ طرح چڪيءَ کي نه لڳي. (چڪيءَ جو رخ هوا کي سامهون نه هئڻ گھرجي). ٻج ذريعي (By Seed): جڏهن زيتون جو ميوو پچي تيار ٿئي ۽ پَٽَ شروع ٿئي ته ان وقت سٺا صاف ۽ پڪل داڻا، جن جي جسامت به صحيح هجي گڏ ڪرڻ گھرجن ۽ رکي ڇڏجن. ڪجهه ڏينهن ۾ اهي نرم ٿي ويندا، پوءِ ان ميوي کي چاقوءَ سان ٻج جي مٿان آيل تهه کي لاهبو ته اندران گول شڪل ۾ ٻج جو ننڍو گولو نڪرندو، پوءِ ان ٻج کي دٻي ۾ وجھي، ان کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏجي. هڪ ٻن ڏينهن تائين اهو ٻج پاڻيءَ ۾ پيو هجي ته جيئن ٻج کي چنبڙيل ڳر ٻج کي ڇڏي ڏئي، پوءِ ٻج کي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي صاف ڪجي. اهو ٻج پندرهن ڏينهن تائين پاڻيءَ ۾ پسائي رکجي ته جيئن نرم ٿئي، پوءِ 4x8 فوٽ جون ويڪريون ٻاريون ٺاهي گڏ ڪري چئن کان پنجن انچن جي مفاصلي تي هڪ انچ اونهو ٻج پوکي مٿان گند گاهه ڏئي پاڻي ڏجي ته جيئن ٻاريون سڪي نه وڃن. ڇو ته زيتون جو ٻج سخت ٿيندو آهي ۽ هن کي وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي، ان ڪري گندگاهه وجهي پاڻي ڏيڻ سان زمين گھڻو وقت آلي رهندي آهي ۽ ٻج جو ڦوٽهڙو سٺو ٿيندو آهي. اونهاري ۾ پاڻي پنجين ڏينهن ۽ سياري ۾ ستين ڏينهن ڏيڻ گھرجي.
ٻج، ٻارين ۾ ڇٽ ڪري ۽ هٿ سان ملائي سگھجي ٿو، پر ان مٿان گندگاهه وجھڻ تمام ضروري آهي. اهي ٻوٽا وڌي جڏهن ٻن فوٽن يا هڪ سال جا ٿين ته پوءِ انهن ٻوٽن کي چڪين جي صورت ۾ ڪڍي باغ لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ لڳائجي. ٻج گھربل جنسن جو حاصل ڪجي. مثلاً لوڪل سنڌي يا ٻي ڪا جنس حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ جنس لاءِ جدا جدا ٻاريون ٺاهجن ۽ ان ۾ نقشي موجب ٻج پوکجي. سڄي باغ مان هٿ ڪيل ٻج پوکڻ سان اصل جنس حاصل نٿي ٿي سگھي، ڇو ته باغ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جنسون هونديون آهن.ٻج ذريعي تيار ڪيل چڪين ۾ اصلي خاصيت واري جنس نٿي ملي. انهيءَ ڪري اوڌ ذريعي چڪيون وڌائڻ ئي مناسب طريقو سمجھيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ٻج ٻه هفتا پاڻيءَ ۾ پسائي رکبو يا پنج منٽ گرم پاڻيءَ ۾ پسائي پوکبو ته ٻج جلدي ڦٽندو. سياري جي فصل مان ورتل ٻج فيبروري، مارچ ۽ اونهاري جي فصل مان ورتل ٻج آگسٽ ۾ پوکڻ گھرجي. ميوو جھلڻ (Fruiting): زيتون جا وڻ ٽن سالن کانپوءِ ميوو جھلڻ شروع ڪن ٿا ۽ ٽيهن کان چاليهن سالن تائين ميوو ڏيندا رهن ٿا، جنهن کانپوءِ سندن عمر ختم ٿي ويندي آهي. هي سال ۾ ٻه مکيه فصل ڏين ٿا. هڪ فصل سياري جي شروعات يعني نومبر مهيني کان ٺهڻ شروع ٿئي ٿو جيڪو بهار جي پوري موسم هلي ٿو. جنهن وقت وڻ وري گل جھلن ٿا. ٻيو فصل اونهاري جي موسم ۾ برسات جي وقت ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو