زيد بن ثابت نجاري خزرجيرضه: وڏي پائي جو عالم ۽ رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جو صحابي هو. سندس تعلق عرب جي قبيلي بنو خزرج جي شاخ مالڪ بن نجار سان هو. ان ڪري تاريخ ۾ کيس ’نجاري‘، ’خزرجي‘ ۽ ’انصاري‘ جي نسبتن سان ياد ڪيو ويندو آهي. سندس ڪنيتون ابو سعيد، ابو خارجه، ابو عبدالرحمان ۽ ابو ثابت آهن. پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جي هجرت کان پنج سال اڳ انصارن جي ’جنگ بعاث‘ ۾ حضرت زيد جو پيءُ ثابت مارجي چڪو هو، تڏهن هن جي عمر ڇھہ سال هئي. پوءِ سندس والدہ ئي هن جي پالنا ۽ تربيت ڪئي. حضرت زيد کي حضور جنصهجي مديني اچڻ کان اڳ قرآن پاڪ جون سترهن سورتون ياد ٿي چڪيون هيون. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جڏهن مديني شريف آيا، تڏهن حضرت زيد جي ذهانت ڏسي گهڻا خوش ٿيا. هن 15 ڏينهن ۾ يهودين جو ڪتاب ’توريت‘ ياد ڪري ورتو. حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي مديني آمد کان اڳ وحيءَ جو ڪاتب
ابي بن ڪعبرضھہو، ان کان پوءِ اهو ڪم حضرت زيد بن ثابترضهجي نصيب ۾ آيو. ’الاستيعاب‘ جو بيان آهي تہ ”زيد بن ثابت وحيءَ جي ڪتابت خاطرحضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو ۽ اڪثر خط بہ لکندو هو.“ استيعاب جو مصنف لکي ٿو تہ ”ابي بن ڪعب ۽ زيد بن ثابت نہ فقط پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جي حڪم سان قرآن مجيد ۽ خط پٽ لکندا هئا، پر هو ملڪيتن جا پراوانا ۽ ٻيا سرڪاري حڪم احڪام بہ تحرير ڪندا هئا.“
حضرت ابوبڪر صديقرضهجي زماني ۾ قرآن پاڪ جو پهريون سرڪاري نسخو، سمورن اصحابن کان تحقيق ۽ تصديق سان حضرت زيد بن ثابت لکي تيار ڪيو. حضرت زيد بن ثابترضهجهاد ۾ بہ حصو ورتو. بدر واري جنگ ۾ ننڍي عمر هجڻ ڪري پاڻ ڪريمنصه کيس منع فرمايو. اُحد جي جنگ ۾ حصي وٺڻ بابت اختلاف آهي. البت خندق جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. تبوڪ جي جنگ ۾ حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن پهريان بنو مالڪ بن نجار جو جهنڊو عمارة بن حزمرضه کي ڏنو. پر پوءِ قرآن جي وڌيڪ علم رکڻ جي فضيلت ڪري اهو جهنڊو حضرت زيد بن ثابت کي ڏنائون. حضرت ابوبڪر صديقرضه جي زماني ۾ ڪذاب جي بغاوت واري جنگ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ۾ مسلمه ڪذاب کي شڪست ملي. حضرت زيد، خلفاءِ الراشدين جو خاص صلاحڪار ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مددگار رهيو. حضرت عثمانرضهجي زماني ۾ جيتوڻيڪ انصارين جي هڪ شاخ حضرت عثمانرضه جي مخالف ٿي، پر حضرت زيد بن ثابت، حمايت ۾ رهيو. هو حضرت علي عليہ السلام جي بہ بيحد تعظيم ڪندو هو ۽ سندس خلافت جي وقت ۾ تعليم ۽ تبليغ جون خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. ابن سعد لکي ٿو تہ ”زيد بن ثابت رضه، حضرت عثمانرضه ۽ حضرت علي عليہ السلام جي خلافت واري زماني ۾ مديني ۾ قضا، فتويٰ قرائت ۽ فرائض جي شعبي جو سربراھہ رهيو. جڏهن خلافت تي معاويه رضہ قبضو ڪيو، تڏهن بہ هو پنجن سالن تائين ان عهدي تي قائم رهيو. امير معاويه کيس مديني شريف جو باقاعدي قاضي مقرر ڪيو ۽ سندس پگهار بہ بيت المال مان ادا ڪندو هو.“ حضرت زيد بن ثابت جي گهرواري حضرت جميله، مشھور اصحابي سعد بن ربيع جي ڌيءَ هئي، کين ڏھہ پٽ هئا ۽ ڏھہ ئي پنھنجي زماني جا مشھور حديث ۽ فقہ جا عالم ۽ پرهيزگار شخص هئا. (اقتباس: سيرت صحابہ: علي مير شاھہ)