زيد بن علي بن حسينعه: حضرت امام زين العابدينعه جهڙي والد ۽ حضرت امام محمد باقرعه جهڙي ڀاءُ کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري جيد عالم دين جو رتبو حاصل ڪندڙ ۽ زيديه فرقي جي امام حضرت زيدرضه انهيءَ دور جي ٻين مدني عالمن ۽ فقيهن کان پڻ علم حاصل ڪيو. کيس ننڍپڻ کان ئي قرآن مجيد سان ڪمال درجي جي محبت هئي. جنهن سبب جوانيءَ ۾ ئي ’حليف القرآن‘ (قرآن جو ساٿي) سڏيو ويو. قرآن فهميءَ سبب قرآني نظام ۽ فڪر و عمل جو جذبو پيدا ٿيو جنهن کي عام ڪرڻ لاءِ اُن تقريرون ڪيون. انهيءَ ئي سلسلي ۾ پاڻ مديني کان دمشق ويو. ابو غسان ازديءَ جو بيان آهي ته ”هشام زيد بن عليرضه کي پنج مهينا قيد ۾ رکيو، جتي هن سورة الحمد ۽ سورة بقره جو تفسير بيان جاري رکيو ۽ مون ان جهڙو قرآن جو عالم نه ڏٺو.“ (تاريخ الڪوفه) عمر بن موسيٰ چوي ٿو ته ناسخ ۽ منسوخ ۽ متشابهات ۾زيد بن عليرضه کان مٿي ڪو عالم نه هو، فقھ ۽ وقت جا عالم کانئس مستفيد ٿيندا هئا ۽ بنا اختلاف جي سمورا فقيھ سندس حيثيت کي تسليم ڪندا هئا. رات جو نماز، ڊگها سجدا، هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن روزو رکڻ سندس دستور هو. سخاوت، خود داري، بهادري ۽ حق گوئي کان سواءِ خطابت، ادب ۽ بلاغت، حاضر جوابي ۽ وضاحت سندس خوبي هئي. ماڻهو سندن خوبصورت جملا ياد ڪندا هئا. امام زيد جي شهادت کان پوءِ سندس تحريڪ کي ان جي ٻن پٽن يحيٰ ۽ عيسيٰ پنهنجو رت ڏئي اڳتي وڌايو. انهن جي رت رنگ لاتو، جيڪو ابو مسلم خراسانيءَ کان پوءِ بنو اميه جي حڪومت جي خاتمي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. بني عباس جي زماني ۾ زيدين طبرستان تي به حڪومت قائم ڪئي. ديانتدارن زيدين جي اصول ۽ فڪر کي مستقل مذهب جي شڪل ڏني، تان جو اهو زيديه فرقي جي شڪل ۾ جاري رهيو.
حضرت زيد بن عليرضه سن 80 هجريءَ ۾ ڄائو ۽ 122 هجريءَ ۾ شهيد ٿيو.