زينت امان

زينت امان

زينت امان

زينت امان (اداڪارہ): هندستاني فلم انڊسٽري ’بالي ووڊ‘ ۾ ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن دوران تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ اداڪارہ زينت امان جو جنم 19 نومبر 1951ع تي ممبئي ۾ ٿيو. سندس پيءُ امان مسلمان، جڏهن تہ سندس ماءُ جو تعلق هندو ڌرم سان هو. سندس پيءُ مشھور فلمن مغل اعظم ۽ پاڪيزہ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي فلمن جو مڪالما نويس رهيو. زينت امان اڃا مس 13 ورهين جي هئي تہ سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. پيءُ جي وفات بعد هن جي ماءُ مسٽر هائينز (Mr. Heinz) نالي جرمن شهريءَ سان شادي ڪئي ۽ جرمن شھريت حاصل ٿيڻ بعد جرمني رواني ٿي. زينت امان، پنھنجي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ممبئيءَ مان حاصل ڪئي. سينٽ زيوير ڪاليج، ممبئيءَ مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم سدرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي، لاس اينجلس مان حاصل ڪيائين. ولايت مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هندستان موٽي آئي ۽ فيمينا (Femina) نالي عورتن جي رسالي ۾ صحافيءَ طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. ٿوري ئي عرصي بعد سندس لاڙو ماڊلنگ طرف ٿيو. ابتدائي طور هن 1966ع ڌاري تاج محل چانھہ ۽ ٽيليوزن جي اشتهارن لاءِ ٽي. وي تي ماڊلنگ ڪئي. 1970ع ڌاري هن مس انڊيا مقابلي ۾ ٻيو نمبر ۽ مس ايشيا پيسفڪ مقابلي ۾ مس ايشيا پيسفڪ جو خطاب کٽيو. زينت امان فلمي پيشي جو آغاز 1971ع ڌاري او. پي. رالهان (O.P.Ralhan) جي فلم ’هلچل‘ ۽ ’هنگامه‘ ۾ اداڪاريءَ سان ڪيو. هن جون اهي ٻئي فلمون باڪس آفيس تي ناڪام ٿيون. 1972ع ۾ ديو آنند کيس پنھنجي ٻن فلمن ’ پريم پجاري‘ ۽ ’هري رام، هري ڪرشنا‘ ۾ ڪاسٽ ڪيو. فلم ”هري رام، هري ڪرشنا“ ۾ زينت امان تي پڪچرائز ٿيل گاني ’دم مارو دم‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن فلم جي شاندار ڪاميابيءَ کانپوءِ ديو آنند- زينت امان ڪيترن فلمن ۾ گڏ ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾: ’هيرا پنا (1973ع)‘، ’عشق عشق عشق (1974ع)‘، ’ پريم شاستر (1974ع)‘، ’وارنٽ (1975ع)‘، ’ڊارلنگ ڊارلنگ(1977ع)‘ ۽ ’ڪلاباز (1977ع)‘ شامل آهن. انهن مڙني فلمن مان ’وارنٽ‘ زينت امان جي سپرهٽ فلم ثابت ٿي.
زينت امان، جن اداڪارن ۽ هدايتڪارن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻي، تن ۾ ديو آنند، بي. آر چوپڙا، راج ڪپور، اميتاڀ بچن، منموهن ڊيسائي، فيروز خان، ناصر حسين، منوج ڪمار، پرڪاش ميهرا، راج کوسه ۽ شڪتي سمانتا جا نالا قابل ذڪر آهن. بالي ووڊ سان گڏ هن هالي ووڊ جي اداڪارن سان پڻ گڏجي ڪم ڪيو. ان ڏس ۾ 1978ع ۾ ڪرشنا شاھہ جي هدايتڪاري ۾ رليز ٿيل فلم ’شاليمار‘ ۾ سندس ساٿي اداڪارن ۾ ڌرمينڌر، ريڪس هيريسن ۽ سلويا مائلز شامل رهيا. سندس اهم ۽ ڪامياب فلمن ۾ ’ستيم شوم سندرم‘، ’ڊان‘، ’ڌرم وير‘، ’ڇيلا بابو‘، ’انصاف ڪا ترازو‘، ’قرباني‘، ’علي بابا اور چاليس چور‘، ’دوستانه‘، ’لاوارث‘، ’گواهي‘، ’روٽي، ڪپڙا اور مڪان‘، ’اجنبي‘، ’منورنجن‘، ’ڌند‘، ’چوري ميرا ڪام‘ ۽ ’دي گريٽ گيمبلر‘ جا نالا سرفهرست آهن. 1990ع کان 2000ع واري ڏهاڪي دوران زينت امان فلم انڊسٽريءَ کان ڪناري ڪشي اختيار ڪئي ۽ 2000ع جي ابتدائي سالن ۾ سلور اسڪرين (ننڍي پردي) وسيلي پنھنجي اداڪاري جي سحر کي قائم رکندي پئي اچي. ان ڏس ۾ هن ڀوپال ايڪسپريس (فلم) تي مبني خاڪي ۾ اداڪاريءَ سان گڏ ٻين مختلف پروگرامن ۾ مختصر رول جي ادائيگيءَ سان پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. جن ۾ ’بوم (2003ع)‘، ’جانا... ليٽس فال ان لوَ (2006ع)‘، ’چوراهين (2007ع)‘، ’اگلي اور پگلي (2008ع)‘، ’گيتا ان پيراڊائيز (2009ع)‘، ’نہ جاني ڪيون (2010ع)‘ ۽ ٽي. وي ٽاڪ شو ’ان ڪنوريشن ود زينت(In Conversation With Zeenat)‘ شامل آهن. ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان هن 1985ع ڌاري مظهر خان سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 2 پٽ اَذان ۽ ذهان ٿيا. ٻارن جي ننڍپڻ ۾ ئي ٻنهي زال مڙس عليحدگي اختيار ڪئي ۽ سيپٽمبر 1998ع ۾ مظهر خان جي وفات تائين هڪٻئي کان ڌار رهيا. هن، پنھنجي بھترين اداڪاري ۽ هندوستاني فلم انڊسٽري ۾ خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ جھڙوڪ: 1972ع ۾ فلم ’هري رام، هري ڪرشنا‘ ۾ بھترين ساٿي اداڪارہ طور فلم فيئر اوارڊ، 1972ع ڌاري ساڳي فلم ’هري رام، هري ڪرشنا‘ ۾ بھترين اداڪارہ جو B.F.J.A اوارڊ، 1978ع ۾ فلم ’ستيم شوم سندرم‘ ۾ بھترين اداڪارہ طور فلم فيئر اوارڊ لاءِ نامزدگي، 1980ع ۾ فلم ’انصاف ڪا ترازو‘ ۾ بھترين اداڪاري عيوض فلم فيئر اوارڊ لاءِ نامزدگي، 2003ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۽ لائيف ٽائيم گليمر اوارڊ، 2006ع ڌاري آئوٽ اسٽينڊنگ ڪنٽريبيوشن ٽو دي موشن پڪچر انڊسٽري آف انڊيا اوارڊ، زي سني اوارڊ فار لائيف ٽائيم اچيومنٽ (2008ع) ۽ 2010ع ۾ انڊين سينيما ۾ بھترين اداڪاري عيوض آئيفا جو امتيازي اوارڊ ڪولمبو، سريلنڪا ۾ آئيفا تقريب دوران حاصل ڪيائين. جيڪو هن پنھنجي ماءُ جي نالي ڪيو.


لفظ زينت امانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.19  عيسوي

هندستاني فلم انڊسٽري ’بالي ووڊ‘ ۾ ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن دوران تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ اداڪاره زينت امان جو جنم 19 نومبر 1951ع تي ممبئي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير حسن
امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر
سيد لال شاھہ
سيد شوڪت علي شاھہ عرف بابو شاھہ
پرمانند ميوارام
جمشيد ٽاٽا
ايس جي ڀاڳيا
سقراط
تورپيو مسڻ
عزيز بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون