
زيور

هٿن ۾ پاتل منڊيون ۽ پيرن ۾ پاتل ڇلا/ ورڻا

زيور

زيور

زيور

گلوبند ۽ چندن هار

هڙپا مان مليل مورتين تي زيورن جا چٽ
زيور: سنڌي ٻولي ۾ هن لفظ کي ڪيترن ئي هم معنيٰ لفظن ۽ نالن سان سڏيو وڃي ٿو. مثلاً: ڳھہ، ڳٺا، ٽول، رتن، جواهر، حسن، زيب، زينت، زيبائش ۽ آرائش جو سامان، سينگار ۽ سينگار جو سامان ڳهڻا وغيرہ. انگريزي ٻولي ۾ زيور کي ”Ornaments “ ۽ ”Jewel“ چيو وڃي ٿو. ”The Reader’s Digest Etreat Encyclopadic Dictionary“ مطابق لفظ ”Jewel“ جي معنيٰ آهي؛ ”اهڙو ڳھہ جنهن ۾ رتن ۽ جواهر هجن“، ”پنھنجي حسن ۽ زيب جو سامان“، اهڙي شيءِ جنهن سان ڪنهن ماڻهو يا شيءِ جي قدر ۽ قيمت جو تعين ٿي سگهي. سينگار جي استعمال جون شيون ۽ سجاوٽ جو سامان“ وغيرہ. ساڳي طرح موجودہ زماني ۾ عورتن ۽ مردن جي ٺاھہ ٺوھہ ۽ سجاوٽ لاءِ انگريزي اصطلاح ”Make-up“ جي معنيٰ پڻ زيبائش ۽ آرائش جي سامان ۽ سجاوٽ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. انهن سڀني لغوي ۽ اصطلاحي معنائن مان مراد؛ اهڙو سينگار يا ٽول، جيڪو انساني حسن ۽ سندس قدر و قيمت کي بالادستي جي رتبي تي پهچائي تہ ان کي ”زيور“ چئجي ٿو.
قديم زماني کان وٺي حسن انساني فطرت جو اهڙو معيار ۽ پئمانو رهيو آهي، جنهن سبب جسماني حسن جي معنيٰ کي سمجهندي، ان ۾ سينگار ۽ سجاوٽ جا ڪيترائي اضافا پئي ڪيا آهن، جنهنڪري هر قوم پنھنجي تهذيب، ثقافت ۽ سماج کي دنيا آڏو مهذب ۽ حسين بڻائي پيش پئي ڪيو آهي. زيور، هر ملڪ ۽ تھذيب جي ثقافت جو حصو رهندا آيا آهن، جيئن تہ ثقافت ۾ ماڻهن جي ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچارن، اعتقادن، وهمن ۽ وسوسن، لباس، ٻولي، زراعت ۽ مختلف وسيلن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، تئين سندن مادي زندگي ۾ اوزان، هٿيارن، ڪپڙن، زيورن ۽ رهائش جي طور طريقن جي ضرورت پئي محسوس ٿي.
انسان نہ صرف پنھنجي حسن لاءِ زيورن جو استعمال پئي ڪيو پر ان سان سندس سماجي رتبي ۽ دولت جي اهميت، افاديت ۽ پرک پڻ ٿي پئي، جنهن سان ”ناڻي“ جو تصور پڻ پيدا ٿيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته، پراڻي پٿر واري زماني (Paleolithic Period) يعني 90000 سال پهرين اوائلي انسان پنھنجي سينگار لاءِ ڪيترين ئي شين جهڙوڪ؛ ڪوڏيون ۽ ڪوڏ، ڏند ۽ هڏا، مٽي ۽ پٿر، پکين جي کنڀن جو استعمال ڪري، هٿن پيرن ۽ ڳچي جا زيور ٺاهي پائيندا هئا. جنهن کانپوءِ ڪنجهي ۽ لوھہ واري زماني (Bronze Age) ۾ ڪنجهي ۽ لوھہ جا بہ زيور جوڙيا ويا. سون گهڻو بعد ۾ دريافت ٿيو، جنهن مان نہ صرف زيور ٺاهيا ويا بلڪ فن جي لحاظ کان سون جي زيورن ۽ ڌاتو جي قدر ۽ قيمت جو معيار مقرر ڪري ناڻي جي حيثيت قائم ڪئي وئي. اهڙي قسم جا ڪيترا زيور قديم تهذيبن جي مقبرن ۽ قبرن مان پڻ حاصل ڪيا ويا آهن. سون جي زيورن کي سڀ کان پهريائين سميري تھذيب جي راجا زير (King Zer) 4700 ق. م ۾ متعارف ڪرايو. ائين تهذيبن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي، نہ فقط تجارت ۽ واپار ۾ سون کي ”ناڻو“ مقرر ڪري ڏنو ويو، بلڪ زيور ٺاهڻ واري فن کي بہ هر تھذيب پنھنجي ثقافت موجب گهڙيو ۽ ٺاهيو. لڏ پلاڻ واري هر دؤر ۾ سون کي پنھنجي اهميت ۽ قدر و قيمت حاصل رهي، جنهن ڪري ماڻهن جنهن بہ تھذيب ۾ پنهنجا پير کوڙيا تہ انهن وٽ ”سون“ جو ناڻو يا ”سون جا زيور“ موجود هوندا هئا. اهو تصور اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل آهي ۽ هلندو اچي. سون کانپوءِ چانديءَ ۾ پڻ زيور ٺاهيا ويا ۽ چانديءَ کي ”ناڻي“ طور بہ استعمال ڪيو ويو.
مصر جي تھذيب ۾ پهريائين قيمتي پٿرن، ڪوڏين، ڪاڄ، مڻين وغيرہ مان ڳچيءَ جا هار ۽ تعويذ ٺاهيندا هئا، پر بعد ۾ 1570-2154 ق. م سونا زيور ٺاهڻ شروع ڪيا ويا. ماهرن موجب هيءُ فن مصر ۾ ايڏو تہ اوج تي پهتو، جو سندن ٺاهيل زيور موجودہ زماني جي زيورن سان بلڪل مشابهت رکندڙ هئا. پهريائين تہ اهي سون مان عجيب غريب ۽ طلسماتي ۽ مذهبي عقيدي جا زيور ٺاهيندا هئا، جن ۾ ڪنن ۽ خاص طرح ڪنڌ جو هار وغيرہ شامل هئا پر پوءِ هٿن، پيرن جا زيور ۽ ڪمربند وغيرہ بلڪل نئين نموني سان ۽ هيرن، جواهرن ۽ قيمتي پٿرن سان مڙهي ٺاهڻ جي عمل جو رواج پيو. ميسوپوٽيميا (Mesopotamia) ۽ ايران جي تھذيب ۾ سونن زيورن ۾ڳچي جا هار، ڪن ۾ پائڻ جا زيور ۽ هٿن جي منڊين جا زيور 2500 ق. م ڌاري ٺاهڻ جا ثبوت مليا آهن. لاطيني تھذيب ۾ 1600 ق. م ڌاري هيءُ فن مصرين وٽان آيو ۽ 5 صدي ق. م ۾ هڪ منفرد فن طور پکين ۽ جانورن جي شڪلين جھڙا زيور ٺاهي استعمال ڪيا ويا. روم ۽ آئيريا ۾ سونن زيورن ٺاهڻ جي فن جو پايو 8 صدي ق. م ڌاري پيو، انهن سونن زيورن کي ڪيترين ئي شڪلين ۾ تبديل ڪري نت نوان تجربا ڪيا ويندا هئا، جانورن، ماڻهن ۽ مختلف شين جي شڪل جھڙا زيور ٺاهي، انهن جو استعمال ڪيائون. عيسائي عھد واري زماني ۾ مذهبي عقيدي موجب زيورن کي ٺاهيو ويو ۽ ان کي عقيدي جي نشاني ۽ علامت طور استعمال ڪيو ويو.
سنڌ جي زيورن جي تاريخ جو مٿي ڄاڻايل سڀني تهذيبن جي زيورات جي تاريخ ۾ بلڪل علحده ۽ نرالو باب آهي. سنڌ، جنهن جي قديم تھذيب ”موهن جي دڙي“ کي 5000 سال پراڻو چيو وڃي ٿو، پر موهن جي دڙي جي تھذيب کان اڳ آمري جي تھذيب کي اڃا بہ پراڻو مڃيو وڃي ٿو، جنهن موجب هڪ اندازي سان ائين چئي سگهجي ٿو تہ سنڌو ماٿر جي تھذيب 7000 سال پراڻي آهي.
تنهنڪري ائين سمجهڻ گهرجي تہ سنڌ ۾ زيورن جو فن پڻ ايترو قديم آهي، جيتري هيءَ تھذيب قديم آهي. سنڌو ماٿري جي مختلف ماڳ مڪانن ۽ دنب دڙن جي کوٽائي مان هٿ آيل سامان مان ڪيترائي زيور مليا آهن، جن ۾ سون، چاندي، ٽامي ۽ عاج جا زيور شامل آهن ۽ گڏوگڏ قيمتي پٿرن، موتين، مڻين جا زيوراتي نمونا پڻ دستياب ٿيا آهن. موهن جي دڙي مان نچڻيءَ جي مورتي ملي آهي، جنهن کي پڻ زيور پارائي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان اهو يقين ٿئي ٿو تہ ان وقت زيور ٺاهڻ ۽ پائڻ جو رواج هو. مليل زيورن ۾ مٿي تي پائڻ جا زيور، ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، هٿن ۽ پيرن جا زيور، چيلھہ ۾ ٻڌڻ جا زيور ۽ جسم جي هر عضوي جا زيور وغيرہ ملن ٿا. ماهرن جو اهو پڻ خيال آهي تہ ”پٿر جي دؤر“ جي سنڌ ۾ قيمتي پٿرن، هڏن ۽ عاج وغيرہ جا ڳھہ پڻ استعمال ڪيا ويندا هئا. آمري جي دڙي مان ٽامي جي سنهي سر- پٽي دستياب ٿي آهي، جيڪا اصل ۾ سر- بند جو حصو آهي. اهڙي قسم جا سربند موهن جي دڙي، جُهڪر جي دڙي ۽ چانهونءَ جي دڙي مان پڻ مليا آهن. موهن جي دڙي مان ڪيترن ئي قسمن جا هار دستياب ٿيا آهن. انهن مان هڪ هار سون جي مڻين جي سر سان ٺهيل آهي، جڏهن تہ ٻيو هار سائي رنگ جي مڻين جو ٺهيل آهي. هڪ ٻيو هار گلابي رنگ جي موتين جو پڻ آهي، جنهن جا موتي بيضوي شڪل جا آهن. هن هار جي سر ۾ گلابي رنگ جي هر موتي کانپوءِ ڪنجهي جا ڇھہ موتي پوتل آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ڇھہ سرو سونو هار ۽ تعويذ پڻ مليا آهن. ڳچي جي زيورن ۾ هارن کانسواءِ گليبند، ڳلي پٽا بہ هٿ آيا آهن. ڪيترن ئي دڙن مان ڪنجهي ۽ ٽامي مان ٺهيل چوڙيون، ٻانهيون، ٻانهن- رکيون ۽ بازو بند بہ لڌا ويا آهن ۽ مورتيون پڻ مليون آهن. جن کي بہ اهي سڀئي زيور پاتل ڏيکاريل آهن. چاندي ۽ ڪنجهي مان ٺهيل منڊيون پڻ ملن ٿيون، جن کي اڄڪلھہ ’کيرو- ول‘ چون ٿا. انهن کانسواءِ جهومڪ، ڪيوٽيون، ڪوڪا، لوٽا ۽ پنڙا بہ مليا آهن. هر زيور ۽ ڳھہ تي بھترين ۽ دلڪش چٽ چٽيل آهن سنڌ جي ثقافتي ورثي موجب ڪن زيورن جو استعمال اڄ پڻ ٿئي ٿو. زيور شاديءَ جي موقعي تي ڪنوار کي ڏاج ۽ پڙي ۾ ڏنا ويندا آهن. سنڌ جي خاص زيورن ۾ نٿ، پنڙا، دهريون، پازيب، ڪنگڻ وغيرہ اچي وڃن ٿا.