زڪوات

زڪوات: زڪوات اسلام جي رڪنن مان هڪ اهم رڪن آهي. ان کي زڪوٰة ان ڪري چئجي ٿو ته ان ۾ برڪت جي اميد هوندي آهي ۽ ان سان نفس پاڪ ٿئي ٿو. زڪوات جو مفهوم ٻن معنائن جو مرڪب آهي، هڪ ’پاڪيزگي‘، ٻيو واڌ ويجھه‘، ڪنهن شيءِ جي ترقيءَ ۾ جيڪڏهن ڪي شيون رنڊڪ هجن، ان کي پري ڪرڻ ۽ ان جي اصل تصور کي ڪامياب ڪرڻ، اهي ٻئي تصور ملي زڪوٰت جو تصور ٺاهين ٿا. اسلامي اصطلاح ۾ ان جو لاڳاپو ٻن معنائن تي ٿئي ٿو. هڪ اهو مال، جيڪو پاڪيزگيءَ لاءِ ڪڍيو وڃي. ٻيو زڪوٰة بذات خود پاڪيزگيءَ جو نالو آهي. زڪوات جو لفظ عام صدقي جي معنيٰ ۾ اسلام جي شروعات ۾ ئي مروج ٿي چڪو هو. اهو نظام آهستي آهستي مڪي جي فتح کانپوءِ قائم ٿيو.
8 هجريءَ ۾ ان جي فرضيت جي وضاحت ملي ٿي. محرم 9 هجريءَ ۾ زڪوٰة جا سمورا قانون ۽ احڪام مڪمل طور نافذ ٿيا.
زڪوٰت فقط مسلمانن تي فرض آهي، زڪوٰة چئن قسمن جي مال تي فرض آهي: (1) سائمھ جانورن تي، يعني اهي جانور جيڪي سال جو گھڻو حصو ٻاهر چري کائي گذر ڪن ٿا ۽ گھر ۾ نه ٿا کائين، (2) سون ۽ چانديءَ تي، (3) هر قسم جي واپار جي مال تي، (4) پوک ۽ وڻن جي پيداوار تي. انهن قسمن جي مال جو نصب به الڳ الڳ آهي. نصب مال جو اهو خاص مقدار آهي، جنهن تي شريعت موجب زڪوٰة فرض آهي. سون، چاندي ۽ تجارتي مال تي چاليهين پتي زڪوٰة فرض آهي. چانديءَ جو نصب ساڍا ٻاونجاهه تولا۽ سون جو ساڍا ست تولا آهي. سون ۽ چانديءَ جي زڪوٰت ڏيڻ وقت انهن جي قيمت موجب ڏيڻ گهرجي. تجارتي مال جو نصب مال جي قيمت جي اعتبار سان ٿيندو. جيڪڏهن مال جي قيمت ساڍن ستن تولن سون يا ساڍا ٻاونجاهه تولن چانديءَ جي قيمت جي برابر يا ان کان وڌيڪ هوندي ته سال گذرڻ کانپوءِ ان تي چاليهين پتي (اڍائي سيڪڙو) زڪوات ڏيڻ فرض آهي.
زڪوات جي حقدارن جي باري ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته: ”هي صدقو ته اصل ۾ فقيرن ۽ مسڪينن ۽ انهن ماڻهن لاءِ به آهي، جيڪي زڪوات (جي اُڳاڙي ۽ ورهاست) جي ڪم تي مقرر هجن ۽ غلامن جي آزادي، قرضدارن جي مدد، الله جي رستي ۾ هلندڙن ۽ مسافرن جي ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ آهي. (هي) هڪ فرض آهي الله تعاليٰ جي طرفان ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.“ (التوبھ : 60).
اسلام جي هن اهم رڪن جو مقصد معاشري مان بک، بدحالي، غربت ۽ افلاس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ اخلاقي ۽ سماجي براين کي ٻنجو ڏيئي ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ آهي. ان هوندي به پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان بني هاشم تي زڪوات کي مال جي مير قرار ڏنو ان ڪري آل نبي يا ڪو سيد خيرات وٺي نه ٿو سگهي. زڪوات مسجد جي ڪنهن ڪم تي خرچ ڪرڻ کان منع ٿيل آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته زڪوات مسڪينن ۽ لاچارن لاءِ آهي.
زڪوات جو ذڪر نماز سان گڏ قرآن مجيد ۾ ويهن جاين تي آيو آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي الڳ زڪوات جو ذڪر به ٿيو آهي. زڪوات ڏيندڙن لاءِ وڏي ثواب جي خوشخبري آهي. قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته: ”۽ نماز قائم ڪندڙ ۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ الله تعاليٰ ۽ قيامت تي ايمان رکندڙ اهي ماڻهو آهن، جن کي اسان وڏو ثواب ڏينداسون.“ (النساء: 162). ٻئي هنڌ آهي: ”جيڪي ماڻهو الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ ۾ بخيلي (ڪنجوسي) ڪن ٿا، سي اهو نه سمجھن ته بخيلي سندن حق ۾ ڀلي وٿ آهي، بخيلي ته انهن جي حق ۾ خراب آهي. ويجھڙ ۾ قيامت جي ڏينهن انهن جو مال انهن لاءِ وبال ٿي پوندو.“ (آل عمران: 180).


لفظ زڪواتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو