زڪيه بيگم: نامور سماجي ڪارڪن زڪيه بيگم 1912ع ڌاري جالندر، ڀارت ۾ محمد بخش پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1924ع ۾ جالندر مان لڏي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي آيا، جتي هن جي 1928ع ۾ ڏندن جي ڊاڪٽر مهتاب احمد قريشيءَ سان شادي ٿي. هن ڪنهن بہ اسڪول ۾ تعليم نہ ورتي هئي، پر پنھنجي گهر ۾ قرآن مجيد، اردو ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پنھنجي مڙس کان انگريزي تعليم ورتائين. هوءَ 1931ع ۾ مڙس سان گڏ لاڙڪاڻو ڇڏي، جيڪب آباد ۾ رهائش پذير ٿي. جيڪب آباد ۾ رهڻ بعد هن سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا غريب ماڻهو کيس همدرد ۽ مددگار سمجهڻ لڳا. هن ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالحميد خان ۽ احمد ميان سومري جي گهر واريءَ سان گڏجي جيڪب آباد ۾ هڪ اسلامي درسگاھہ قائم ڪئي، جتي نياڻين کي ديني تعليم، اردو ۽ سنڌي پڙهائڻ کانسواءِ ڀرت جي ڪم جي سکيا پڻ ڏني ويندي هئي. بعد ۾ هن انهن عورتن سان گڏجي 1958ع ۾ عورتن جي ڀلائيءَ جو هڪ ادارو آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن (اپوا) قائم ڪيو، جنهن جي پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿي. ان تنظيم جي پليٽفارم تان عورتن جي هٿ جي هنر کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرايائين. عورتن کان ڀرت، ڪڙهائي ۽ سلائي جو ڪم ورتو ويندو هو. سنڌي ٽوپيون ۽ گهگها سبرائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا، جنهن سبب سٺو منافعو ملڻ ڪري عورتون گهر ويٺي سٺو ڪمائڻ لڳيون ۽ ان سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي پڻ هٿي ملي. زڪيه 1983ع تائين آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري رهي. هن 22 مارچ 1984ع تي وفات ڪئي. زڪيه بيگم اديب ۽ صحافي غالب لطيف قريشي ۽ ڊاڪٽر جھانگير قريشيءَ جي والدہ هئي.
1984.03.22 عيسوي
نامور سماجي ڪارڪن زڪيه بيگم 1912ع ڌاري جالندر، ڀارت ۾ محمد بخش پٺاڻ جي گھر ۾ جنم ورتو.هن 22 مارچ 1984ع تي وفات ڪئي