زگورت/زڪورت(Ziggurat/Zikkurat) : هي سميري ثقافت سان سڃاتل عبادتگاهه جي اڏاوت آهي. قديم آثارن جي کوٽاين مان ظاهر ٿيل اڏاوتن تي ڪيل تحقيق موجب قديم عبادتگاهون ساديون به آهن ته ڪن حالتن ۾ معماتي به آهن. جيتوڻيڪ سنڌو تهذيب سميري تهذيب جي هم عصر آهي پر ٻنهي ۾ هڪ نمايان فرق اهو آهي ته سنڌو تهذيب جي ڪنهن به ماڳ تان ڪي به محل نما عورتون يا عبادتگاهون ڪو نه مليون آهن. هن وقت تائين قديم آثارن جي کوجنا موجب سڀ کان قديم عبادتگاهه ترڪي يا Asia Minor مان ملي آهي. قديم عبادتگاهن جو سلسلو آخري برفاني دور جي ختم ٿيڻ بعد پراڻي پٿر جي وچين دور (Mesolithic) نئين پٿر جي دور شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ يعني اٽڪل ٻارنهن تيرنهن هزار سال اڳ جھنگلي ٻوٽن کي سنڀالڻ واري هڪ عرصي ۾ ڪن Levant فلسطين ۽ Asia Minor ترڪي، ايران ۽ عراق کي جدا ڪندڙ جبل زنگروس (Zangros) وارن علائقن ۾ آباد ماڻهن پنهنجي خوف ۽ اميد تي ٻڌل ويساهن ۽ وسوسن جي آٿت لاءِ ڪي اڏاوتي وجود کڙا ڪيا. ڪجهه عرصو اڳ ترڪيءَ جي هڪ قديمي ماڳ گوبيڪلي (Gobekli) جا آثار، جيڪي 11 هزار سال پراڻا هئا، تنهن جي هڪ قديم آثارن جي ماهر ڪلائوس سمت کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو ۽ ان سڄي ماڳ کي ان وقت جو عبادتگاهه سڏيو آهي. هي ماڳ عرفا (Urfa) نالي شهر کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي اٽڪل پنجاهه فوٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. هن ۾ پٿر سان ٺهيل آثار گولائيءَ ۾ کتل آهن. اڪثر پٿر ’ٽي‘ (T) جي ترتيب ۾ کوڙيا ويا آهن. پٿر ڪي سادا آهن ته ڪن تي وري شڪليون اڪريل آهن. مثال: شينهن، لومڙ، ڍڳو، سوئر، وڇون، ماڪوڙو، نانگ، ڳجھه، بدڪ، ٻگھه وغيره. ڪن پٿرن جي اوچائي سورنهن فوٽ آهي، وزن ۾ ستن کان ڏهن ٽنن جيترا آهن. پٿرن جو وڏي ۾ وڏو گھيرو هڪ سو فوٽ قطر جو آهي ۽ پٿرن جو اهو آثار ٻاويهه ايڪڙن جيتري زمين والاري ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته شايد ڪن پٿرن جي مٿان ڇت به هئي. هي دور ثقافت جي وڏي تبديليءَ جو هو، جنهن ۾ ماڻهو شڪار کان وڌيڪ ٻوٽن جي سنڀال ۽ پالنا تي ڌيان ڏئي رهيو هو. ڪٿي پاهڻن ۾ ته ڪٿي عارضي ڪچين اڏاوتن ۾ رهڻ شروع ڪري ڏنو هئائين. ماهرن جو هڪ خيال اهو به آهي ته عبادتگاهن اڏڻ جو ڪم مذهبي يا پروهتي طبقي جي اڳواڻن جي نگرانيءَ ۾ ٿيندو هوندو. هن ماڳ تي ڪٿي به، ڪو اهڙو آثار هٿ نه آيو آهي، جنهن کي عام رهائش يا روزانو استعمال لاءِ سمجھيو وڃي. هن جي اڏاوت ٻن مرحلن ۾ ٿيل سمجهي وڃي ٿي، پهريون مرحلو نو هزار سال ۽ ٻيو اٺ هزار سال قبل مسيح سان واسطو رکي ٿو.
عبادتگاهن جو هڪ ٻيو سلسلو جيڪو چار هزار سال قبل مسيح کان اڳ سميرين جي دور ۾ شروع ٿيو. جنهن جو تسلسل Ziggurat به آهي، سو گھڻو وقت پوءِ تائين هليو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ۽ واڌارا به ٿيا.
هن قسم جي آثارن جو قديم ترين ثبوت ’العبيد‘ (Al-Ubaid) نالي ماڳ جي کوٽائيءَ سان شروع ٿئي ٿو. ’اُر‘ (Ur) نالي قديم آثار کان چار ميل پري هن ماڳ تي 1919ع ۾ ۽ پوءِ 24-1923ع
۾ ۽ وولي (wooley) نالي ماهرن کوٽايون ڪيون. ماڳ جي عمر 4300 ق.م ثابت ٿي. ان سان گڏ ڪن همعصر عراقي ماڳن جي کوٽاين مان به مندر (Temples) مليا آهن. جن مان اوائلي صورت ۾ هڪ ڪمرو ڪچين سرن جو، جنهن جي پٺ واري ڀت تي هڪ جارو يا دالان ٺهيل آهي.
خود زگورت جي عمارت هڪ کان وڌيڪ (ٻن کان اٺن تائين) طبقن يا ٿلهن جي آهي. هر مٿيون طبقو هيٺئين طبقي کان ماپ ۾ سوڙهو آهي. آخري مٿئين طبقي تي عبادتگاهه آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ پوڙيون ٺهيل هجن ٿيون. عبادتگاهه ۾ ديوتا، جيڪو پروهت ئي هوندو آهي، رهندو هو. وڌيڪ طبقا آسمان کي ويجھڙائي وانگر خيال ڪبا هئا يا زمين کان اوچائي، زگورت جبل سان مشابهه سمجھبو هو، جيڪو اصل ديوتائي رهائش جو قابل هو. ديوتا اول سميرين جي سرزمين تي لٿو، ان ڪري ان جي رهائش لاءِ زمين تي مسڪن/عبادتگاهه ضروري هو. مکيه زگورتن کي وڏي چاڙهيءَ جي پاسن ۾ ٻه ٻيون چاڙهيون به هونديون هيون، جيڪي زگورت جي اڌ تائين ٺهيل هيون، سميرين کانپوءِ بابلين، اشورين زگورت ٺهرايا. ڪن عالمن جي راءِ آهي ته زگورت اصل ۾ وڏين ٻوڏن کان بچڻ ۽ ذاتي حفاظت جي خيال کان پروهتن لاءِ ٺهيل هئا، زڪورت کان شروع ٿيل عبادتگاهن جو سلسلو صورتون بدلائيندو اڄ تائين هليو اچي.