
زهره
زھرہ (Venus) (گرھہ): نظامِ شمسيءَ ۾ موجود گرهن مان هي گرھہ سج کان پري يا ٻاهر ويندڙ ٻيو گرھہ آهي، جنهن کي صبح ۽ شام جو چمڪندڙ ’تارو‘ چيو ويندو آهي. هي سج کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ گرھہ آهي. هن جو ڦيرو سج ۽ زمين جي وچ ۾ ٿيندو آهي، تنهنڪري هي پنهنجون صورتون تبديل ڪندي نظر ايندو آهي. جڏهن هي زمين جي ويجهو ٿيندو ويندو آهي تہ ڳاڙهي رنگ جي چنڊ جهڙي صورت جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سج ۽ زمين جي وچ وارو زاويو 47 ڊگري سينٽي گريڊ کان نہ ٿو وڌي، انهيءَ ڪري سج لھڻ کان ڪلاڪ پهرين ۽ سج لھڻ کانپوءِ ٽن ڪلاڪن تائين نظر نہ ايندو آهي. هي گرھہ اڪثر سج جي چؤگرد ڦرندو رهي ٿو. هي پنهنجو هڪ ڦيرو 225 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو، سج کان 107 ملين ڪلوميٽر ۽ زمين کان 42 ملين ڪلوميٽر پري آهي. انهيءَ لحاظ کان هي زمين جو سڀ کان ويجهو گرھہ آهي. آمريڪن ۽ سويت خلائي ماهرن جي تحقيق موجب هي گرھہ سڄو بادلن سان ڍڪيل نظر ٿو اچي. هن تي گرمي پد 475 ڊگري سينٽي گريڊ، جڏهن تہ هوا جو زور زمين جي هوائي زور کان 100 دفعا وڌيڪ آهي ۽ هوا ۾ گهڻي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گهٽ مقدار ۾ نائٽروجن شامل آهي.
هن جي مٿان هر وقت هوا جو هڪ طوفان هلندو رهي ٿو. هي پنھنجي محور ۾ هڪ ڦيرو 248 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو. ان سست رفتار جي باوجود هن جي اونداهي ۽ روشن حصي تي گرمي پد ساڳيو ئي رهي ٿو. زھرہ جو مقناطيسي يا چقمقي زور، زمين جي مقناطيسي يا چقمقي زور جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي. هن گرھہ جي چوگرد ڪو بہ چنڊ موجود نہ آهي. ماهرن جي خيال موجب هن گرھہ، نظامِ شمسي ۾ گرهن جي ٽڪراءَ سان جنم ورتو هو ۽ تقريباً 10 ملين سالن کانپوءِ هن هڪ مڪمل گرھہ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ هاڻي پنهنجو سفر مڪمل ڪري رهيو آهي. هن گرھہ تي هائڊروجن ڪلورائيڊ، ڪاربونل سلفائيڊ، هائڊروجن فلورائيڊ ۽ هيليئم عنصر موجود آهن.
زهري: هي بروهين جو سردار قبيلو آهي، هن قبيلي کي ’زرڪ زئي‘ بہ چون ٿا، هي اصل ۾ عرب آهن ۽ ڪي زهري جت بہ آهن. زهري بروهيءَ کي ڇھہ پٽ هئا، موسيٰ مان موسياڻي، لوٺ مان لوٺياڻي، باجو مان باجوئي، نٿو مان نٿواڻي، ببر مان ببرزئي ۽ ڏاهو مان ڏايا (ڏاها) پاڙا ٺهيا آهن، ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ موجب تيرهن پٽ آهن، نومڙين جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ (زهري) آهي.