سؤڻ: هند ۽ سنڌ جي ثقافت جي ڪُهني سوچ ۽ هڪ عام روايت آهي، نه رڳو سنڌ ۾، پر برصغير جي، بلڪ دنيا جي هر علائقي ۾ عام طرح سان وهمن ڀرمن جو شڪار ٿي، سَوڻ ساٺ ڪيا وڃن ٿا. سَوڻ ڪرڻ جو طريقو هر هنڌ مختلف هوندو آهي. گهر کان ٻاهر نڪرڻ يا ڪنهن چڱي ڪم جي ارادي سان وڃڻ مهل يا غمي خوشيءَ جي موقعي تي ٿيندڙ ننڍين وڏين وارداتن، حادثن ۽ گهٽنائن کي ڏسي وائسي ڪم جو ارادو جوڙبو آهي ته جيئن اهو ڪم سٺي نموني سان انجام تي پهچي سگهي. سائنسي سوچ مطابق هي هڪڙو وهم آهي، پر اڪثر آڳاٽي دور ۾ سنڌي ماڻهوءَ جو يقين هوندو هو ته اُهي اڄ به سؤڻ ويچاريندا آهن. چوندا آهن ته: ’سَؤڻ سَڄڻ، من ويري‘ يعني دل ڪم ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪندي آهي، پر جي ڪم نه ٿيڻو هوندو ته سوڻ به اهڙو ئي ٿيندو، جنهنڪري ترسڻ چڱو آهي. پر جيڪڏهن سوڻ کي ٽاري دل جي ڳالهه تي هلبو ته ڪا نه ڪا تڪليف ڏسڻي پوندي. سوڻ مطابق مسافري نه ڪرڻ جا ڪي خاص ڏينهن ۽ خاص رخ مقرر ڪيل هوندا آهن. سومر ۽ ڇنڇر جي ڏينهن تي اُتر طرف مسافري نه ڪندا آهن، جمعي ۽ آچر جي ڏينهن اولهه طرف، اڱاري ۽ خميس جي ڏينهن ڏکڻ طرف ۽ سومر جي ڏينهن اوڀر طرف مسافري نه ڪندا آهن، ڇو ته اُن ڏينهن تي اُن طرف ’ڏساسول‘ هوندو آهي (جنهن طرف ڏساسول هوندو آهي، ان طرف سفر نه ڪجي. نجوم وارن موجب هن جو اثر روزانو نو گهڙيون، ٽي ڪلاڪ ۽ ٽيهه منٽ، سج لهڻ وقت رهي ٿو)، جنهنڪري ڪم به نه ٿيندو ۽ تڪليف به سهڻي پوندي. ٿر ۾ اڇي رنگ ۽ ڪجهه ڪارن ليڪن سان هڪ ننڍو پکي ٿيندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ملهالو‘ چئبو آهي. ٿر ۾ عام عقيدو آهي ته، گهر کان نڪرڻ مهل جي اهو پکي ساڄي پاسي ڪنهن سائي وڻ تي ويٺل هجي ته ڪم يڪدم ٿيندو ۽ جي اهو ئي پکي ڪنهن سُڪل وڻ جي ڪاٺيءَ تي يا پٽ تي ويٺل ڏسبو ته ڪم تڪليف سان ٿيندو، جنهن کي ٿري ماڻهو چوندا آهن ’مالهاري ٿئي ٿي‘، پر جي اهو پکي کاٻي پاسي کان ويٺل ڏسجي ته چوندا ’سانگوڻي ٿئي ٿي‘، پوءِ اهي ڪم ٿي وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو ڪندا. منزل واري ڳوٺ يا ماڳ تي پهچڻ وقت جيڪڏهن اهو پکي ساڄي پاسي کان ڏسبو ته چوندا ”مالهاري ٿئي ٿي ۽ ڪم ڪونه ٿيندو“، پر جيڪڏهن ساڄي پاسي ويٺل هوندو ته چوندا ته ”سانگوڻي ٿئي ٿي ڪم جلد ٿيندو.“
کر ڏائو، وسيئر جمڻو، مڙو اَپُوٺو جائي،
اِتا سَوڻ لي چلي، تو ڪڏهي نه خطا کائي.
[ساڄي پاسي کان گڏهه هينگ ڪري يا نانگ بلا ڏسجي يا ڦوڦاڙ جو آواز ٻُڌجي، مڙدو پُٺيرو کڻي ويندا هجن، جيڪو ماڻهو اهي سؤڻ ڏسي اڳتي وڌندو، اهو ڪڏهن به تڪليف نه ڏسندو.]
هاري ٻني پوکڻ وقت جڏهن گهران نڪرندو آهي، تڏهن به کيس سوَڻ ڏسڻو پوندو آهي، جيڪڏهن ڪا عورت سامهون کان ٺلهو گهڙو کڻي ايندي آهي ته خراب سوَڻ، ڀريل دلو سامهون اچي ته سٺو سوَڻ، سهاڳڻ زال يا ڪنواري ڇوڪري ڀريل دلن سان سامهون اچي ته تمام سٺو سوَڻ سمجهيو وڃي ۽ انهن دلن مان ٿورو پاڻي وٺي وات ۾ وڌو وڃي ٿو. اُن مان مراد ته جنهن ڪم لاءِ وڃجي پيو، ان جي پڪ ملي وئي. رنڙ زال سامهون اچي ته تمام برو سوڻ سمجهيو وڃي ٿو. نڪرڻ وقت جيڪڏهن کاٻي کان تتر جي تنوار ٻڌبي ته تمام سٺو ۽ جي ساڄي تتر ٻولي ته خراب سمجهيو ويندو آهي، ۽ پهچڻ واري جاءِ تي تتر جي ساڄي تنوار کي سٺو ۽ کاٻي تنوار خراب سمجهيو وڃي ٿو. منزل تي وڃڻ وقت ساڄي پاسي ڀيرٻ پکيءَ (چٻري) کي ۽ ساڄي کان گُگهه پکيءَ جو آواز ٻُڌڻ ۾ اچي ۽ خيال نه ڪري اڳتي وڌجي ته سمجهيو ويندو آهي ته مسافريءَ تي ويندڙ سان ڪو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. مسافريءَ دؤران جيڪڏهن نور اڳيان رستو اورانگهي ويو ته بڇڙو سوڻ سمجهن. ڏينهن جو ٻلي اڳيان مٽي وڃي ته خراب ۽ جي رات جو اڳيان مٽي ته سٺو سوَڻ سمجهيو وڃي ٿو. وڃڻ وقت جي ڪُتي ڪن ڦڙڦڙايا ته خراب ۽ جي پٺيان ڪنهن سڏ ڪيو يا ڇڪ ڏني ته به خراب، ان حالت ۾ مسافري نه ڪبي ۽ ترسڻو پئجي ويندو. ڇِڪ جا به مختلف ويچار ڪيا وڃن ٿا. کاٻي پاسي کان ڪنهن ماڻهو ’ڇڪ‘ ڏني ته سٺو، سامهون کان ڇڪ جو آواز ٿيو ته جهگڙو وغيره ٿيندو، ساڄي پاسي کان ڇڪ کي ملڪيت جو نقصان سمجهيو وڃي ٿو. اُوچائيءَ يا ڪنهن جبل تي چڙهندي ڇڪ اچي وڃي ته ڪاميابي ملي ٿي. سفر دوران جيڪڏهن هڪڙي ئي وقت ۾ ٻه يا ٽي ڇڪون گڏ اچن ٿيون يا هڪ هڪ اچي ٿي ته سٺو سمجهيو وڃي. ڪانءَ پکيءَ جا به ڪيترائي سوَڻ مڃيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪانءَ صبح مهل گهر جي ڇت تي، ڇپر تي يا دريءَ مٿان ’ڪان ڪان‘ جو آواز ڪري ته سمجهيو وڃي ٿو گهر ۾ مهمان اچڻو آهي. جيڪڏهن ’ڪي ڪي ڪري‘ ته گهر ۾ جهيڙو ٿيندو، جيڪڏهن ’ڪرو ڪرو‘ يا ’ڪٽ ڪٽ‘ جو آواز ساڄي پاسي کان ڪري ته مسافري خيريت سان ٿئي ۽ ڪم ۾ ڪاميابي ملي ٿي، پر جيڪڏهن کاٻي پاسي کان انهيءَ قسم جا آواز ڪري ته مسافريءَ ۾ ڪا نه ڪا تڪليف پيش ايندي. جيڪڏهن ڪانءُ ’ڪيڪئه، ڪيڪئه‘ جو آواز اُچاري ته اهو تمام سٺو سوڻ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان ڏينهن برسات پوڻ جو به امڪان رهي ٿو. ماڪوڙين يا ڪيڙين جو آنا ۽ داڻا کڻي ٻرن ۾ وڃڻ جي سوَڻ کي برسات اچڻ جو سؤڻ سمجهيو وڃي ٿو. ماڪوڙين کي کنڀ ٿيڻ کي به برسات جو سؤڻ سمجهيو ويندو آهي. ان کان سواءِ وڻن جو ڪومائجڻ ۽ پِيلو ٿيڻ، ڍڳيءَ جي پُٺي سيري ڏسڻ، چنڊ جي پويان ڌار يا گول ليڪو ڏسڻ کي به برسات جو سوَڻ سمجهيو وڃي ٿو.
انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سؤڻ سمجهيا وڃن ٿا، مثلاً: عورت جي هنج ۾ ٻار، مساڻن ڏانهن ويندڙ مڙدو، ڌوتل ڪپڙا کڻي ويندڙ ڌوٻي، اڇو ڍڳو ۽ ڍڳي، گهوڙو، هاٿي ۽ پالڪي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل ڏسجن ته تمام سٺا سمجهيا وڃن ٿا. سج اُڀرڻ کان پهرين سج سامهون منهن ڪري ڪُتا اوناڙيون ڪن ته اُن گهٽيءَ يا اُن علائقي ۾ ڪنهن جو موت واقع ٿي سگهي ٿو.
گهر کان نڪرڻ وقت پهرين نظر جيڪڏهن وانجهه عورت، ڪُٻڙي عورت، رن زال، نانگ، چمڙي، هڏي، باههم ٻلين جو وڙهڻ، اگهاڙي مرد، ٺوڙهي، انڌي ۽ پيٽ واري عورت تي پئي ٿي ته تمام خراب سوَڻ مڃيو وڃي ٿو. گهر جي اندر گهڙڻ مهل پهرين ساڄو پير رکجي ته گهر آباد رهندو، کاٻو رکبو ته سٺو سوَڻ ڪونه ٿيندو.
ڏٺو وڃي ته اهي سمورا سوڻ ۽ سموريون ڳالهيون جهالت جي ان دور جون يادگار آهن، جڏهن انسان غير يقيني حالتن ۾ گذاريندو هو ۽ ٿيڻي، اڻ ٿيڻي يا سٺي يا خراب ٿيڻ جو جواز سمجهي نه سگهندو هو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهي سوڻ غير اهم بنجي ويا آهن.