سئانجو/ ويم/ هٿ پير لهڻ (Labour Parturition): سئانجو اهڙو فطري ۽ طبعي عمل آهي، جيڪو دنيا ۾ نئين مهمان (انسان) جي اچڻ جو سنيهو کڻي ايندو آهي، جڏهن مادري ٻيجو (Ovum) مرد جي نر ٻيجي (Spermatazoon) سان ٻوڪجڻ (Fertili/ Cytula) کان پوءِ ڳڀيرڻ (ٻچي دانيءَ Uterus) ۾ ڄمي بيهندو (Zygote) آهي ته اهو ٻوڪيل مادري ٻيجو 280 ڏينهن (چاليهه هفتا يا نَوَ مهينا ڏهه ڏينهن) ٻچي دانيءَ ۾ رهڻ دوران پنهنجين سمورين قدرتي طبعي ڦير ڦارن (Physiological Changes) کان پوءِ واڌويجهه ڪري پختو ٻار ٿي ماءُ جي پيٽ (ٻچيدانيءَ) مان نڪري دنيا ۾ پير پائيندو آهي، ان عمل کي سنڌيءَ ۾ ’سئانجو‘ يا ’ويم‘ چئبو آهي.
(الف) سئانجي (ويم ) جا مرحلا (Stages of Labour): سئانجو هڪ ٻئي پويان ٿيندڙ چئن مرحلن تي ٻڌل هڪ قدرتي طبعي عمل آهي، اهي مرحلا با ترتيب هيٺ ڏجن ٿا:
(1) کُل (ڪشادي- Dilatation): جيئن ئي سئانجي (ويم) جون سنڀارون شروع ٿينديون آهن ته ڳڀيرڻ جي ڀتين جون مشڪون (Muscular Walls) رکي رکي پيون ڪوئبيون (Contraction) آهن، ڪوئجڻ جو هي عمل هڪٻئي پويان تيز، جلدي ۽ ڊيگهارو ٿيندو ويندو آهي، جنهنڪري ٻار ۽ پشمي ٿيلهي (Membraneous Sac-Aminon) ڌڪجي اچي ڳهڻ
(Cervix) جي منهن ۾ پوندا آهن، جتي ڳڀيرڻ جي ساندهه ڪوئجڻ جي اثر سبب ڀراءُ (دٻاءُ) پوڻ سان ڳهڻ جي مشڪن جا تاندورا (Muscular Fiber)
۽ آسا پاسا آهستي آهستي ڍرا ٿي پوندا آهن. ٻچي دانيءَ جي ساندهه ڪوئجڻ ڪري ٻار جي مٿي (Head) جو زور پوڻ ڪري ڳهڻ جو منهن ويڪرو ٿي پوندو آهي، جنهن کي وڌيڪ ويڪرو ۽ سهنجو ڳهڻ جي غدودن (گلٽين Glands) مان رسندڙ (سڻڀو) لعاب (Mucus) ڪندو آهي.
ڳهڻ جي مڪمل ڪشادگي (کُل) پهريات عورتن ۾ يارهن کان ٻارهن ڪلاڪن ۾ ٿيندي آهي، ڪن حالتن ۾ ارڙهن ڪلاڪ به لڳي ويندا آهن، جڏهن ته اڳ ويائيل عورتن ۾ ڇهن کان اٺ ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، جنهن وقت ڳهڻ جو منهن ايترو کلي ويڪرو ٿي پوندو آهي، جو منجهانئس ٻار سولائيءَ سان نڪري اچي مادري رستي ۾ پوي ته ڪجهه دير مٿان کان ٻچي دانيءَ جي لاڳيتي ڪوئجڻ جي اثر سبب ڪنهن نه ڪنهن هڪ ڀرپور زور (دٻاءَ) پوڻ سان ڳهڻ جي منهن ۾ موجود پردن جي ٿيلهي (Membraneous Sac) ڦاٽي پوندي آهي، جنهن سان ڳهڻ جو منهن مڪمل کلي ويڪرو ٿيڻ ڪري ٻار هڪ ٻئي زوردار ڪوئجڻ واري عمل سان مادري رستي ۾ پوندو آهي. هتي ويم (سئانجي ) جو پهريون مرحلو پورو ٿيندو آهي. هي مرحلو ويم جي سڀني مرحلن کان وڌيڪ ڊيگهارو ۽ ڏاڍو ڏکيو مرحلو هوندو آهي. هن مرحلي مان اڪارڻ لاءِ ويم واري عورت (ماءُ) تي ڊاڪٽر کي يا ويم ڪرائيندڙ ڊاڪٽرياڻيءَ نرس يا دائيءَ کي گهڻو ڌيان ڏيڻو پوندو آهي.
(2) ٻار ٻاهر نڪرڻ (Expulsion): هي مرحلو پهرئين مرحلي جي ختم ٿيڻ کان وٺي ٻار جي مادري رستي کان ٻاهر نڪرڻ تي ٻڌل هوندو آهي. هي مرحلو پهريات عورت لاءِ هڪ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن تائين ۽ اڳ ويائيل عورت لاءِ وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ تائين هوندو آهي. ٻار جڏهن ڳهڻ مان نڪري اچي مادري رستي ۾ پوندو آهي ته ماءُ قدرتي طرح ٻار جي ڀراءَ (دٻاءَ) پوڻ سان هيٺ زور لائيندي آهي، جيڪو زور ماءُ جي تابعدار مشڪن (Volumntary Muscles) جي ڪري ممڪن ٿيندو آهي، ٻئي مرحلي ۾ به ٻچي دانيءَ جي ڪوئجڻ جو سلسلو هليو ايندو آهي، جيڪو پهرئين مرحلي کان وڌيڪ زبرو (طاقتور) ۽ هر هر ٿيندو آهي، جنهنڪري سور تکا، تيز ۽ زور ڀريا (زبرا) ۽ گهڻو وقت هلن ٿا، ان سان گڏ تابعدار مشڪن جي تاندورن جي ڪوئجڻ جو عمل به هلندو ۽ وڌندو رهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ ٻار جي هيٺ ڌڪجڻ جو عمل به جاري رهندو آهي، مٿان وري ڀيري ڀيري سان تيز ۽ زبرا سور اڀرڻ جي ڪري قدرتي طرح ماءُ پنهنجو ساهه گهٽي پنهنجي پيٽ جي تابعدار مشڪن جي تاندورن کي ڪوئي جيترو ٿي سگهندو آهي، اوترو ڳڀيرڻ، ڳهڻ ۽ مادري رستي (يعني مک جنمي عضون) تي زور لائيندي آهي، جنهن ڪري جنمي عضون تي اهڙو داٻ پوندو آهي، جو آخر ۾ ٻار مادري رستي کان ٻاهر (اوڳاڇجي) نڪرندو آهي، هتي ويم جو ٻيو مرحلو پورو ٿيندو آهي.
(3) اَورَ (ڄر Placenta) جو نڪرڻ: هي مرحلو ٻئي مرحلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ تائين قائم هوندو آهي. اَورَ پاڻهي نڪري يا هٿ سان ڌڪي گهٽجي، اهو حالتن تي ميسر آهي. ٻار جي ڄمي پوڻ کان پوءِ به ڳڀيرڻ جي هر هر ڪوئجڻ جو عمل جاري رهندو آهي، جنهن ڪري اَورَ ڌڪجي اچي مادري رستي ۾ پوندو آهي، جيڪا پيٽ تي (دن کان) هيٺ زور ڏيڻ سان مادري رستي کان ٻاهر نڪريو اچي، جنهن سان گڏ اَورَ جي ٽٽل نلين جو رت، پشمي پاڻي Liquor Amnii، پشمي رت جا ٽڪر، اِرگر ۽ ٻيو ڪن ڦٿ به نڪري ايندو آهي. هي مرحلو عورت لاءِ ڏاڍو نازڪ هوندو آهي، تنهنڪري ٻار پويان اَورَ جو جلدي ۽ سلامت نڪرڻ ۾ عورت جي ڀلائي آهي، ٻيءَ صورت ۾ عورت لاءِ کوڙ مونجهارا
(Complications) پيدا ٿيندا آهن، جنهنڪري عورت جي زندگيءَ کي خطرو به ٿي سگهي ٿو. اَورَ ۽ ٻي ارگر نڪرڻ سان ئي سُئانجي جو ٽيون مرحلو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو آهي.
(4) مَوٽ کائڻ (سُسڻ Retraction): هي مرحلو ٽئين مرحلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان وقت شروع ٿيندو آهي، جڏهن عورت سُئانجي کان مڪمل آجي ٿي ويندي آهي ۽ سندس سڀئي جسماني توڙي مک جنمي عضوا، جن ويم ۾ حصو ورتو آهي، پنهنجي اصلي حالت (Pre-Pregnancy) ۾ اچن ٿا ۽ ماءُ کي ٿڃ (Lactation) لهي ٿي. هن عرصي کي چِلو
(Puerperium) به چئبو آهي. هي مرحلو ڇهن کان اٺن هفتن تي ٻڌل هوندو آهي. هن عرصي جي مڪمل ختم ٿيڻ کي عام ٻوليءَ يا دائپي واري ٻوليءَ ۾ ’مٿي ڌوپ‘ چئبو آهي، ڇو ته ڇلي جي ختم ٿيڻ تي سُئانجي واري عورت مٿو ۽ جسم ڌوئي پاڪ صاف ٿيندي آهي. هن عرصي ۾ کوڙ ڦيريون گهيريون (تبديليون: Changes) اينديون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
-I طبعي ڦيرڦار: Physiological Changes):
(الف) نبض (Pulse): ويم وقت ماءُ جي نبض معمول کان گهٽ ۽ سُست ڌڪ هڻندي آهي ۽ اهڙي حالت ويم کان پوءِ به ٻه ڏينهن برقرار رهندي آهي. ٽئين ڏينهن آهستي آهستي نبض پنهنجي اصلي حالت ۾ ايندي آهي ۽ معمول مطابق في منٽ ۾ 70 کان 80 ڌڪ هڻندي آهي.
(ب) گرمي پد Temprature: ويم دوران جسماني گرميءَ جو پد گهٽجي ويندو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪن اندر معمول مطابق قدرتي پد 98.04°F يعني 36.9°C سينٽي گريڊ تي وڃي بيهندو آهي.
(ٻ) هيموگلوبن (Hemoglobin): ويم دوران (ويم شرط) رت مان هيموگلوبن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي، جيڪو ويم جي پنجين يا ڇهين ڏينهن کانپوءِ آهستي آهستي پنهنجي قدرتي مقدار (13.6 کان 15 في ملي گرام) تي اچي بيهندو آهي.
(ڀ) رت جا اڇا جزا (Leucocyte/ WBC): رت جا اڇا جزا ويم دوران سدائين وڌي ويندا آهن، سي آهستي آهستي پنهنجي قدرتي مقدار
(4000 کان 11000 جي وچ ۾ في سينٽي ميٽر) تي اچي بيهندا آهن.
(ت) پليٽيليٽس (Platelates): پليٽيليٽس هفتي کان پوءِ پنهنجي قدرتي مقدار (150,000 کان 400,000 في ڪيوبڪ ملي ميٽر) تي پهچندا آهن.
(II) ڳڀيرڻ / ٻچي دانيءَ ۾ ڦير ڦار (Changes in Uterus):
(الف) ڳڀيرڻ جو سُسي پنهنجي اصلي حالت ۾ اچڻ (Involuton): عورت جي ڳورهاري ٿيڻ کان وٺي هٿ پير لهڻ تائين ٻچي دانيءَ ۾ ٻار توڙي خود ٻچي دانيءَ ۾ کوڙ ساري ڦيرگهير ايندي آهي. ويم جي بنهه آخري ڏينهن ۾ (سنڀارن کان اڳ) ۾ گرڀ وتي ٻچيداني (Gravidutrus) دن وٽ بيٺل هوندي آهي ۽ ان جو وزن هڪ هزار گرام تائين پهچي ويندو آهي ۽ ٻار ڇنڊجڻ کان پوءِ وڃي پنهنجي قدرتي وزن سٺ گرام تائين پهچندو آهي. ڳڀيرڻ ٻار اوڳاڇڻ کانپوءِ نهائينءَ جي اڳئين جوڙ
(Symphysispubis) کان 5 انچ مٿان اچي بيهندي آهي ۽ چوويهن ڪلاڪ روزانو اڌ انچ سُسندي (مڙندي) ويندي آهي، چئن هفتن اندر سسي پنهنجي اصلي حالت ۾ ڪُڙهه (Pelvis) ۾ اچي بيهندي آهي، ان وقت ان جي ڊيگهه 5 کان 8 سينٽي ميٽر (يعني 2 کان 3 انچ) هوندي آهي ۽ وزن 30 کان 60 گرام (يعني 1 کان 2 آئونس) هوندو آهي.
(III) جنمي عضون جو سُسڻ (Retraction of Reproductive Organs): ٻار جي ڄمي پوڻ کان پوءِ ويائيل عورت جا سڀئي جنمي عضوا، جيڪي ويم ۾ شامل هوندا آهن، خاص طور ڳهڻ ۽ شرم گاهه (مادري رستو) پڻ آهستي آهستي ٽن چئن هفتن ۾ پنهنجي اصلي حالت (بناوت) ڏي موٽندا آهن، پر ڳهڻ ۽ شرم گاهه ويم کان پوءِ پنهنجي اصلي حالت
(Non Gravid State) جهڙا مضبوط نه رهندا آهن؛ پر هر ٻار ڄڻڻ کان پوءِ انهن جي مشڪن، ڀتين ۽ تهن ۾ ڍرائپ ايندي ويندي آهي ۽ اهي ڪنوارپ واري حالت (Virginal State) نه رهندا آهن، ائين نه رڳو جنمي عضوا ڍرا ٿي پوندا آهن، پر هر ٻار بعد عورت جو پيٽ ڇَهه (Peritoneum) انگهي ويندو آهي، ان ڪري سندس پيٽ ڇُڙڪي ٻاهر نڪري پوندو آهي.
(IV) ڇِلي جو رت (اَرگر: Lochia): سُئانجي کانپوءِ عورت جي شرم گاهه مان جيڪو رت ايندو آهي، ان کي ’ڇلي جو رت‘ چئبو آهي، جيڪو نج رت يا حيض جي رت جهڙو نه هوندو آهي، پر هن رت ۾ گهڻن قسمن جو ڳڀيرڻ جي ٽٽل رت جي ناڙين جو رت ۽ پردا شامل هوندا آهن، تنهن کان سواءِ پشمي پردا ۽ پشمي پاڻي، ڪجهه رطوبتون، ڳهڻ جي گلٽين (غدودن) مان رسندڙ سڻڀو لعاب، رت جا اڇا جزا (Leukocytes) ۽ ڪيتري قسم جا مئل ۽ جيئرا جيوڙا هوندا آهن. ڇلي جو رت هڪ اندازي مطابق جملي 18 کان 36 آئونسن (يعني 540 گرامن کان 1080 گرامن) تائين وهندو آهي، جيڪو ٻن کان ٽن هفتن تائين آهستي آهستي (يا ڪڏهن ڇُلڪي سان) وهندو رهندو آهي. پهرين ٻن کان چئن ڏينهن تائين اَرگر جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي، جنهن کي Lochia Rubra چئبو آهي. پنجن کان ستن ڏينهن تائين ارگر جو رنگ ڦِڪو هوندو آهي، جنهن کي (Lochia Serosa) چئبو آهي، جڏهن ته اٺن ڏينهن کان مٿي آخر تائين ارگر جو رنگ اڇاڻ (سڻڀ وانگي) مائل ٿي ويندو آهي، جنهن کي Lochia Alba چئبو آهي.
عام طرح سان ارگر جي بوءِ رت جهڙي هوندي آهي، پر ان مان جيڪڏهن ڪا ڪني بوءِ اچي ته اها روڳ (Infection/ Sepsis) جي نشاني آهي، ان کان سواءِ عام ڇلي جو رت جڏهن ڪپڙي تي داغ ڪندو آهي ته اهو ڪپڙي جي وچ ۾ ڳاڙهي داغ جي صورت وٺندو آهي ۽ ڪپڙي جي پاسي ۾ پکڙي هلڪي رنگ جو داغ ڪندو آهي، پر روڳي ڇلي جو رت ڪپڙي جي وچ ۾ هلڪي ڳاڙهي رنگ جو ۽ ڪپڙي جي ڪنارن کان چهچ ڳاڙهي رنگ جو هوندو آهي.
(V) ٿڃ پوڻ (Lactation): عام طرح سان ٿڃ جي ٺهڻ جو عمل ان وقت کان شروع ٿئي ٿو، جنهن وقت ڪچو ٻار (Foetus) ماءُ جي پيٽ ۾ اڃا سورهن هفتن (چئن مهينن) جو هوندو آهي، پر ٿڃ پوڻ جو اصل مرحلو عورت جي هٿ پير لهڻ کان پوءِ ڇلي جي وقت شروع ٿيڻ سان گڏ ٿيندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري سُئانجي جي ٻئي ٽئين ڏينهن ماءُ جي ڇاتين کي ٻار جي لاڳيتو چڳڙ (Sucking) ڏيڻ سان شروع ٿيندو آهي. شروع ۾ ٻه ٽي ڏينهن ٿڃ ڇڊي هوندي آهي، جنهن کي دائپي جي ٻوليءَ ۾ ’کُنگهڙو‘ (Colostrum) چئبو آهي، ڇڊيءَ ٿڃ جو رنگ ڦڪاڻ مائل هوندو آهي، کنگهڙي ۾ تمام گهڻي پروٽين (Protein) ۽ بيمارين کان بچاءَ جا مادا به هوندا آهن، جيئن جيئن ٻار ٿڃ ڌائيندو ويندو ته اها مقدار ۾ گهڻي ۽ اڇي رنگ جي پختي ٿيندي ويندي.
(ب) ويم/ سئانجي جا آثار (Labour Phenomena):
(1) ڳورهاري عورت کان پڇا ڪجي ته سندس ڳڀيرڻ (ٻچي داني: Uterus) رکي رکي لاڳيتو ڪوئجي (Contraction) ٿي يا نه، رکي رکي ڳڀيرڻ جو ڪوئجڻ ويم جا پختا آثار آهن. ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ سان سڀني جنمي عضون ۾ ويم لاءِ ڦير ڦار (Changes) جو آغاز ٿيندو آهي. ٻچي دانيءَ جو ڪوئجڻ اصل ۾ ويم جا سور (سنڀارون Labour Pain) آهن، پر جيڪڏهن ٻچي دانيءَ جي ڪوئجڻ سان ان ۾ سور نه ٿو ٿئي ته پوءِ سمجهبو ته ويم اڃا پري آهي.
(2) پهريات عورت ۾ ٻار جو مٿو ٻه ٽي هفتا اڳ ئي ڪُڙهه (Pelvic) ۾ اچي بيهندو آهي، جيڪا پهريات عورت لاءِ ويم جي شروعات سمجهي ويندي آهي.
(3) اڳي ويائيل عورت ۾ ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ کان پوءِ ٻار جو مٿو اچي ڪُڙهه ۾ پوندو آهي، جيڪا ويائيل عورت لاءِ ويم جي شروعات سمجهي ويندي آهي.
(4) پورن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻي، نرس يا دائي جيڪو به ويم ڪرائي ته سئانجي جي سنڀارون شروع ٿيڻ سان ڳورهاري (ويم ٿيندڙ) عورت جي ڳهڻ (Cervix) جي چڪاس ڪري ڏسي ته کليل ته ڪانهي، جي کليل آهي ته ڪيتري کليل آهي. اڳي ويائيل عورتن ۾ گهڻي ڀاڱي ڳهڻ جي ويڪر يا کُلَ هڪ کان ٻن آڱرين جيتري هوندي آهي، پر جيڪڏهن ان کان وڌيڪ ويڪر يا کُل هجي ته سمجهڻ گهرجي ته اهي ويم جا آثار آهن، جڏهن ته پهريات عورت ۾ رواجي طرح سان کُل ويم جي سورن کان پوءِ ٿيندي آهي، پهريات عورت ۾ اها کُل پنجن آڱرين جيتري ٿئي ته سمجهڻ گهرجي ته هاڻي ويم جي شروعات آهي.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ دائپي جو رواج عام هو ته سئانجو داين جي ذريعي ٿيندو هو ته ان زماني ۾ اهڙيون هوشيار دايون به هيون، جيڪي ڳورهاري عورت جي پيٽ تي هٿ ڦيري ۽ جنمي عضون جي آثارن مان ٻار جي ڏيکاري (Presentation) سمجهي وينديون هيون. ڪنهن به غلط يا منجهيل ڏيکاريءَ کي Vertex Presentation ۾ درست آڻي بيهارينديون هيون، ان کان سواءِ ڳهڻ جي ويڪر/کُل ڏسي سمجهي وينديون هيون ته ويم ڪيترو پري آهي يا ڪيتري دير ۾ ٿيندو، نه رڳو ايترو، پر کُل مان سمجهي وينديون هيون ته عورت پهريات آهي يا نه، جي اڳ ويائيل عورت آهي ته هن پهريان ڪيترا ٻار ڄڻيا آهن، ان جي به کين ڄاڻ پوندي هئي.
(5) سنڀارون شروع ٿيڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ ڳِهڻ جي گلٽين (غدودن Glands) مان ليسدار (سنگهه جهڙي) وَتُ جهڙو لعاب
(Mucus) پيو رسندو آهي، جنهنڪري ڳهڻ ۽ مادري رستي جون مشڪون نرم ٿينديون آهن، جنهن سان ڳهڻ سان گڏ مادري رستي جي کُل آسان ٿي پوندي آهي. ان کان سواءِ ڳهڻ ۽ مادري رستي جي سڻڀي ٿيڻ سان ٻار جي نڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، هن سڻڀي ڳاڙي کي عام دائپي جي ٻوليءَ ۾ ’ناڙا پوڻ‘ چئبو آهي. ’هي ناڙا‘ تيستائين پوندا رهندا آهن، جيستائين ٻار ڄمي نه ٿو.
(6) سورن دوران جنهن وقت ٻار جو مٿو ڳهڻ ۾ کتل نظر اچي ته ائين سمجهڻ گهرجي ته اها ٻار جي چوٽڻ ڏيکاري (Vertex Presentation) آهي، جنهن جو مطلب ته ٻار پنهنجي درست قدرتي ڏيکاريءَ جي حالت ۾ ڄمڻ وارو آهي.
(ٻ) سئانجي جي سورن جا قسم Types of Labour Pain): ويم جا سور ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪ سچا سور (Real Pain) ۽ ٻيا ڪوڙا سور
(False Pain)، ٻنهي قسمن جي سورن جون علامتون هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) سچا سور (Real Pain):
(I) سچن سورن جي شروعات پيٽ جي پوئين پاسي چيلهه (Loin) کان ٿيندي آهي، جيڪو سور هيٺ پيٽ ڏي ۽ سٿرن تي لهي ايندو آهي.
(II) پهريون سور جُبلي (Spasm) سان ٿيندو ۽ هڪ کان ٻن منٽن تائين قائم رهندو، ڪلاڪ کن رکي ٻيو سور ٿيندو، جيڪو ٽن کان پنج منٽ قائم رهندو، هاڻي ٽيون ڀيرو سور اڌ ڪلاڪ يا ويهن منٽن اندر ٿيندو، جيڪو ڏهه منٽ يا مٿي هلندو آهي، جيئن جيئن ويم ويجهو ايندو ويندو، تيئن تيئن سور تڪڙا ٿيندا ۽ انهن ۾ وڇوٽي گهٽ ٿيندي ويندي ۽ سور ڊگهارا ٿيندا ويندا (يعني هر اڀريل سور اڳئين سور کان گهڻو وقت هلندو رهندو. جڏهن ٻار ڄمڻ جي ويجهو هوندو ۽ ڳهڻ جي منهن ۾ اچي پوندو ته سور وڌيڪ تڪڙا ۽ زوردار ٿيندا آهن. ويم جا سچا سور لاڳيتو نه ٿيندا آهن، پر جيئن جيئن ٻچي داني ڪوئبي آهي ته ان ڪوئجڻ سان گڏ اڀرندا آهن. ويم جي سچن سورن جي ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو دارومدا ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ سان سلهاڙيل آهي. اهو به ياد رکڻ کپي ته ويم جا سچا سُور رکي رکي جلبي (Spasm) سان ٿيندا آهن. لاڳيتا رڳو ان وقت قائم هوندا آهن، جنهن وقت ٻار جو مٿو ڳهڻ ۾ کتل هوندو آهي.
(III) سچن سورن جي حالت ۾ ڳڀيرڻ سخت ٿي ويندي آهي.
(IV) سچن سورن جي حالت ۾ مادري رستي کان ڳهڻ جي سڻڀي (لسيدار) غدودن جو لعاب پيو هلندو آهي، جنهن کي دائپي جي ٻوليءَ ۾ ته ’ناڙا پوڻ‘ چئبو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل جي ٻوليءَ ۾ Show چئبو آهي.
(V) سچن سورن وقت ڊوش ڪرڻ (Enema) يا نشي جي سئي مارفين
(Morphine) هڻڻ سان سور لهندو ڪونهي، پر ڊوش (Enema) ڪرڻ سان ويم ۾ آساني ٿيندي آهي.
(2) ڪوڙا سور False Pain:
(I) ڪوڙا سور پيٽ جي هيٺئين پاسي (دن کان هيٺ يا دن جي ارد گرد) ٿيندا آهن.
(II) ڪوڙا سور لاڳيتا بيٺا هوندا آهن.
(III) ڪوڙن سورن جي حالت ۾ ڳڀيرڻ سخت ڪا نه ٿيندي آهي.
(IV) ڪوڙن سورن جي حالت ۾ مادري رستي کان ڪنهن به قسم جو لعاب يا سڻڀي پاڻيٺ نه ايندي آهي (يعني ناڙا نه پوندا آهن/ Show نه ٿيندو آهي).
(V) ڪوڙن سورن دوران نه ڳهڻ جي کُل ٿيندي آهي، نه ئي مٿي اڀري ايندي آهي.
(VI) ڪوڙن سورن دوران ڊوش ڪرڻ سان يا نشي جي سئي هڻڻ سان سور لهي ويندا آهن. ڪوڙن سورن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي جنمي عضون ۾ ريح ڀرجي وڃڻ ڪري ٿيندا آهن.
(ڀ) سُئانجي جا قسم ۽ علامتون Types of Labour Symptoms:
(I) هٿرادو ويم (Artificial Labour): هن قسم جو ويم
(Prostagladins) يا (Oxytocin) دوائن وسيلي ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ جي عمل کي هٿرادو اڀاري (Stimulate) تيز ڪبو آهي، جنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب اِنگهيل ويم (ويم ۾ دير ٿيڻ) ڪري ماءُ ۽ ٻار جي زندگيءَ کي بچائڻ يا ڀلائيءَ لاءِ هٿرادو ڪيو ويندو آهي، هن قسم جي ويم کي هٿرادو پيدا ڪيل ويم (Induced Labour) به چئبو آهي.
(II) ضعيف ويم (Atonic Labour): هن قسم جو ويم ڳڀيرڻ جي ڪمزوريءَ (ضعيفائي) ڪري انگهيل (ڊيگهارو) ٿيندو آهي.
(III) وڇڙيل (منجهيل) Complicate Labour): هن قسم جي ويم جا گهڻا سبب ٿين ٿا، جيئن ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ۾ مادري رستي کان رت (Haemorrhage) اچڻ، ٻار جو مٿو وڏو هجڻ ڪري ڳهڻ نِهائين / نرن کان ٻاهر نه اچي سگهي ۽ مٿو ڦاسي پوي، جنهن کي Cephlo-Pelvic واري حالت چئبو آهي، نرن (نهائين) جي جوڙن جا هڏا (Symphsis Bones) سوڙها هجن، جنهنڪري ٻار مادري رستي تائين ڳهڻ مان نڪري پهچي نه سگهي يا ٻار جي غلط ڏيکاري (Adverse Presentation) هجڻ ڪري منجهيل صورتحال ۾ هجي، انهن سڀني منجهيل (ڏکين) تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي زندگي بچائڻ لاءِ اوزارن
(Instruments) وسيلي جهڙو اَمني هُڪ (Amni Hook) يعني ڪُنڍي وسيلي ڳهڻ جو منهن کولي يا وري جراحيءَ (Surgery) ذريعي (جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ سزيرين آپريشن چيو ويندو آهي) ٻار ڄڻائجي.
(IV) انگهيل (ڊيگهارو) ويم Delayed Labour): اهڙي قسم جو ويم جنهن ۾ ٻار ڄمڻ ۾ چوويهن ڪلاڪن تائين يا ان کان به وڌيڪ وقت لڳي، ڏکيو ۽ منجهيل ويم هجي يا وري ٻار جي ڄمڻ مقرر وقت (چاليهن هفتن) کان ٻه ٽي هفتا وڌيڪ ٿي وڃن ته اهڙي ويم کي انگهيل (ڊيگهارو) ويم چئبو آهي، عام فطري ويم (Normal Labour) کي ڇڏي باقي ٻيا ويم گهڻي ڀاڱي هن قسم جي ويم جي زمري ۾ اچن ٿا:
(الف) انگهيل ويم جون علامتون Clinical Symptoms):
(I) لاڳيتا ۽ گهڻي دير سور قائم رهڻ ڪري ڳورهاري عورت وڏي تڪليف ۾ هوندي آهي. منهن جو پنو لهي ويندو اٿس، سندس اکيون ڏرا ڏئي وينديون آهن. ويم ۾ دير ٿيڻ ڪري عورت جي ذهن ۾ ڪيترا وسوسا ٿيندا آهن، جن جي ڪري عورت اداس ٿي ڪومائجي ويندي آهي. ڪيترين عورتن کي ته اچي موت جو فڪر ٿيندو آهي. هن حالت ۾ ڳورهاري عورت کي آٿت ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي.
(II) جيڪڏهن ويم ۾ دير ڪنهن به جنمي عضوي ۾ نقص جي ڪري روڪ (Obstruction) يا بند ٿيڻ (Stenosis)، غير طبعي واڌ (Growth) يا ڪنهن به بيماريءَ ڪري ٿيندي آهي ته ان صورت ۾ سور تڪڙا تڪڙا، تکا (تيز) پريشان ڪندڙ ۽ وڌ ۾ وڌ آزاريندڙ ٿيندا آهن، تنهنڪري سور پنهنجي فطري نموني (رکي رکي ٿيڻ) بدران ڪوڙن سورن وانگي لاڳيتا ٿيندا آهن. لاڳيتن سورن جي ڪري عورت کي پيٽ تي اهڙو ڏوکو ٿيندو آهي، جو هٿ لائڻ ته پري جي ڳالهه، پر ڪپڙو به سهي نه سگهندي آهي.
(III) انگهيل ويم جي ڪري عورت جي ڳڀيرڻ ۾ سوڄ ٿي پوندي آهي، تنهنڪري عورت جي ڳڀيرڻ سيٽجي (Contraction) ويندي آهي.
(ب) انگهيل ويم جا سبب (Aetiology):
(I) ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ جو ناقص عمل.
(II) مادري رستي (Vagina) جو خشڪ هجڻ، جنهن جو سبب ڳهڻ جي غدودن (گلٽين) مان سڻڀي لعاب جي اڻاٺ يا پشمي پاڻي گهٽ هجڻ يا مڪمل نه هجڻ، جنهن ڪري مادري رستو خشڪ هجڻ ڪري ويم انگهجي پوندو آهي.
(III) وقت کان اڳ ۾ (يعني ويم جي سنڀارن کان اڳ ۾) پشمي ٿيلهي ٽٽي پوي، جنهنڪري سڄو پشمي پاڻي وهي وڃي.
(IV) ڳهڻ جي غدودن/ گلٽين (Glands) جي ناقص عمل ڪري سڻڀو لعاب نه ٺهڻ يا ويم وقت خارج نه ٿيڻ.
(V) نِهائينءَ (Pubis) جا هڏا (جوڙ) (Symphsis Bones) سوڙها هجن.
(VI) ٻار جي غير فطري ڏيکاري Mal Presentation.
(VII). ٻار يا ٻار جو مٿو وڏو هجي.
(VIII) هڪ کان وڌيڪ ٻار هجن.
(IX) اميدواريءَ دوران عورت کي تمام گهڻيون طاقتور دوائون کارائڻ.
(X) ڳورهاري عورت کي ڳڀيرڻ تاندورن واري رسولي (Fibroid) ۽ مادري رستي ۾ (روڳي) ڳوڙهو (Tumour) يا وري غير طبعي واڌ جي ڪري ڳڀيرڻ، ڳهڻ ۽ مادري رستو بند (Obstruct) ٿي وڃي.
(XI) جنمي عضون (مان ڪنهن به عضوي، ڳڀيرڻ، ڳهڻ يا مادري رستي) ۾ ڪينسر (Carcinoma) هجي.
(XII) ڳڀيرڻ جو سُن (Uterus Inertia) ٿي وڃڻ.
(XIII) ويم دوران گهڻي مقدار ۾ بيهوش (Anaesthesia) ڪرڻ واري دوا ڏيڻ.
(5) خشڪ ويم Dry Labour: هن قسم جو ويم عورت جي هٿ پير لهڻ جي پهرئين مرحلي (Dilatation) شروع ٿيڻ (Onset) کان اڳ ۾ پشمي پاڻي Amniotic Fluid (Liqour Amni) پشمي پردي / ٿيلهي
(Amnion) ڦاٽي سبب ڪري وهي وڃڻ سان ڳڀيرڻ کان وٺي مادري رستي تائين خشڪيءَ (سَوڪهڙي) جي ڪري اِنگهيل ويم ٿئي.
(6) ڪوڙو ويم False Labour): هن قسم جي ويم ۾ نه ڳڀيرڻ ۾ ڪوئجڻ جو عمل ٿيندو آهي، نه ئي ڳهڻ جي کُل (ويڪري) ٿيندي آهي. هن قسم جي ويم جون اهي سڀئي علامتون هونديون آهن، جيڪي مٿي ڪوڙن سورن (False Pain) ۾ ڏنيون ويون آهن. ڪوڙي ويم کي
(Mimetic Labour) به چئبو آهي.
(7) هٿرادو ويم (Induced Labour): هي ساڳئي قسم جو ويم آهي، جنهن لاءِ مٿي Artificial Labour ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن.
(8) اوزارن وسيلي ويم (Instrumental Labour): هن قسم جو ويم جراحيءَ جي ذريعي يا وڍ ٽُڪ (Amputation) جي اوزارن سان ان ڪري ڪبو آهي ته جيئن ٻار جي زندگيءَ کي ڪو خطرو نه پهچي ۽ آسانيءَ سان ماءُ جي جنمي عضون مان ٻاهر نڪري اچي (هن قسم جو ويم ٻار جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ جراحيءَ ۽ وڍ ٽڪ جا اوزار ڪتب آڻبا آهن).
(9) ويم جو بهانو ڪرڻ / بهاني وارو ويم (Mimetic Labour): هي ساڳئي قسم جو ويم آهي، جنهن لاءِ مٿي (False Labour) تفصيل ڏنا ويا آهن.
(10) گُٿل ويم (Missed Labour): اهڙي ٻار جو ويم ڪرڻ، جيڪو ڄم جي پورن ڏينهن (280 ڏينهن) کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ مري ويندو آهي.
(11) اضافي ويم Multiple Labour): هڪ ئي وقت ماءُ هڪ کان وڌيڪ ٻارن کي جنم ڏئي.
(12) عام فطري ويم (Normal Labour): هن قسم جي ويم جون علامتون اهي آهن، جيڪي مٿي ويم جي مرحلن، آثارن ۽ سچن سورن جي علامتن ۾ ڏنيون ويون آهن.
(13) ديرينو ويم (Postmature Labour): هي ساڳئي قسم جو ويم آهي، جنهن لاءِ مٿي Delayed Labour ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن.
(14) ٽَرِيَل (مهمل) ويم Postpone Labour): هي ساڳئي قسم جو ويم آهي، جنهن لاءِ مٿي Delayed Labour ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن.
(15) اُتاوَلو (اُٻهرو) ويم Precipitate Labour): هن قسم جو ويم وٺ وٺان (Rapidity) ۾ ٿيندو آهي. هي پاڻمرادو ويم ٿيندو آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل يا ميڊيڪل جي دوائن جي ضرورت نه ٿيندي آهي. هوڏانهن عورت کي ويم جا سور ٿيا ۽ هتان ٻار آيو.
(16) ڪَچو (اڻ مندائتو) ويم Pre-mature Labour): هن قسم جو ويم ويهين (Twentieth) ۽ ستٽيهن (Thirty seventh) هفتي جي وچ ۾ مقرر وقت (چاليهن هفتن) کان اڳ ۾ ٿيندو آهي. هن قسم جي ويم ۾ ٻار جي بچڻ جي اميد گهٽ ٿيندي آهي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ٻار ڪمزور ڄمي يا جنهن جو وزن 3.2 ڪلو گرام (7 پائونڊن) کان گهٽ هجي.
(17) پاڻمرادو ويم (Spontaneous Labour): هن قسم جي ويم ۾ ڪنهن به هٿرادو دوا يا اوزار جي ضرورت نه پوندي آهي. پاڻمرادو قدرتي طرح ويم ٿي ويندو آهي. هن قسم جو ويم گهڻي ڀاڱي گهر ۾ ٿيندو آهي.
(18) جراحي ويم (Surgical Labour): هن قسم جي ويم ۾ ٻار يـا مـاءُ (يا ٻنهي) جي زندگيءَ کي خطرو هجڻ ڪري ٻنهي جي ڀلائيءَ لاءِ جراحيءَ يا اوزارن جو استعمال ڪبو آهي، جنهن لاءِ پشمي پردي (Amnion) کي هٿرادو اَمني هُڪ (ڪُنڊي: Amni Hook) يا ان جهڙي ڪنهن ٻئي اوزار سان ڦاڙي (Punture)، ٻار ڄڻايو (ويم ڪرايو) ويندو آهي. هن قسم جي جراحيءَ کي اَمينائيو ٽومي (Amniotomy) يعني جنهن ۾ پشمي پردي کي هٿرادو ڦاڙيو وڃي Artificial Rupture of Membrane (ARM) چيو ويندو آهي.